Daily Pirbhat Hyderabad

Daily Pirbhat Hyderabad Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Daily Pirbhat Hyderabad, Media/News Company, A-73 waqar housing scheme phase-2 Qasimabad Hyderabad, Hyderabad.

50 هزار پاڪستاني زائرين جو عراق ۾ غائب ٿيڻ جو انڪشاف، سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 50 هزار پاڪس...
27/07/2024

50 هزار پاڪستاني زائرين جو عراق ۾ غائب ٿيڻ جو انڪشاف، سينيٽ جي قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 50 هزار پاڪستاني زائرين عراق ۾ وڃڻ کان پوءِ غائب ٿي ويا آهن، سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ مذهبي معاملن جي چيئرمين سينيٽر عطاءُالرحمان اها ڳالهه پارليامينٽ هائوس ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ ٻڌائي. قائمه ڪميٽي جي اجلاس ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي ڪم جي طريقيڪار ڪارڪردگي کان علاوه حج 2024 جي لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو ويو، انهي ۾ حاجي سڳورن طرفان رهائش، ٽرانسپورٽ، خوراڪ ۽ صحت جي حوالي سان ڪيل شڪايت ۽ وزارت طرفان انهي جي حل لاءِ کنيل قدمن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو، مذهبي معاملن واري وزارت سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ مذهبي معاملا ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي اجلاس ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته 50 هزار پاڪستاني زائرين عراق ۾ وڃي غائب ٿي ويا آهن، پر انهي حوالي سان وڌيڪ تفصيل نه ملي سگهيا آهن ته مذڪوره پاڪستانين جو تعلق ڪهڙن شهرن سان هو ۽ اهي ماڻهو ڪيتري وقت کان غائب آهن.

27/07/2024
27 جولاءِ جي مڪمل اخبار پڙهو!روزانـــــي پرڀات اخبار حيدرآباد چيف ايڊيٽر رجب علي مستوئي
27/07/2024

27 جولاءِ جي مڪمل اخبار پڙهو!
روزانـــــي پرڀات اخبار حيدرآباد چيف ايڊيٽر رجب علي مستوئي

نوري آباد  ٿاڻو بولا خان انٽرچينج وٽ حادثي ۾ 4 مسافر فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پياٿاڻو بولا خان انٽرچينج وٽ حادثي ۾ 4 مسا...
26/07/2024

نوري آباد ٿاڻو بولا خان انٽرچينج وٽ حادثي ۾ 4 مسافر فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

ٿاڻو بولا خان انٽرچينج وٽ حادثي ۾ 4 مسافر فوت ٿي ويا، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

پنجاب کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو

فوتين ۾ شمن علي ڪانڌڙو، عبداللطيف ڪانڌڙو، ڪوچ ڊرائيور محمد سهيل شامل، هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ نه ٿي

زخمين ۾ مريم، عارفه، صنم، عروج، صوبيه، انند ڪمار، عبدالجبار، مسمات حنيفه، سميع الله ۽ ٻيا شامل آهن

زخمين کي حيدرآباد جي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو، لوڻي ڪوٽ پوليس ڪوچ ۽ ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

TAGSbreaking_news

24/05/2024

قاسم آباد رپورٽ محمد سليم بلوچ

قاسم آباد ۾ غيرقانوني پاڻي جي فلٽرن ۽ R O پلانٽ مافيا جو راج ھلي رھيو آھي غير معياري ۽ زھريلو پاڻي ويڪرو ڪري رھيا آھن
سحرش نگر سٽي سڪول جي سامھون R O پلانٽ جو پاڻي پيئڻ سان ماڻھن جا پيٽ خراب ٿيڻ سان ڳڏو ڳڏ ٻيون مختلف بيماريون پيدا ٿيڻ لڳيو آھن
قاسم آباد ۾ ھر ھنڌ تي اھڙا غيرقانوني فلٽر ۽ R O پلانٽ مافيا موجود آھن
قاسم آباد ۾ صاف پاڻي جا سرڪاري پلانٽ نه ھنجڻ ۽ پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري عوام ھنن معافيا کان پيسئن جو پاڻي وٺڻ تي مجبور آھي انتظاميا نوٽيس وٺي

اسلام آباد: موسميات کاتي عيدالفطر جي موڪلن دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.موسميات کاتي موجب ...
09/04/2024

اسلام آباد: موسميات کاتي عيدالفطر جي موڪلن دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو سلسلو 10 اپريل تي ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيندو، برسات جو اهو سلسلو 10 کان 15 پريل تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو.

موسميات کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، جيڪب آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ۾ 13 ۽ 14 اپريل دوران برسات جو امڪان آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 10 کان 15 اپريل تائين ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي.

ان کان علاوه ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ تيز برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. مري گليات، اٽڪ ۽ چڪوال ۾ وقفي وقفي سان برسات جي اميد ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته فيصل آباد، سرگودها ۽ سيالڪوٽ سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب بلوچستان ۾ 12 کان 14 اپريل تائين مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه خيبرپختونخواهه، ڪشمير، مري، گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي تيز برسات سبب 13 کان 15 اپريل تي دير، سوات، چترال ۽ ڪوهستان ۾ ٻوڏ جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

 #2024/4/9روزانـــــي پرڀات اخبار حيدرآباد چيف ايڊيٽر رجب علي مستوئي
09/04/2024

#2024/4/9
روزانـــــي پرڀات اخبار حيدرآباد چيف ايڊيٽر رجب علي مستوئي

Address

A-73 Waqar Housing Scheme Phase-2 Qasimabad Hyderabad
Hyderabad
71000

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daily Pirbhat Hyderabad posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share