
21/01/2025
تنگ آيد جنگ آيد!
افسوس جو مقام آ جو وي سي جي سيٽ تي ويٺل ۽ ان جا صلاحڪار چيپ حرڪتون ڪرڻ جو صلاحون ٿا ڏين ڪنهن جي ذاتيات تي ۽ ڪردارڪشي ڪرڻ تي شرم اچڻ گھرجي! يونيورسٽي ايڊميشن دوران بورڊ ويھندا آهن ۽ ھڪ صاف شفاف شخص جي لاء جڏهن ڪجھ نه ملين تي ان جي داخلا جيڪا 2008۾ يونيورسٽي جي بورڊ فليٽ فوٽ تحت جي تصديق بعد ڪئي ان کي پنهنجي کاٽائو پٽ سوشل ميڊيا تي وڪيلن کي يونيورسٽي جو پراڻو ريڪارڊ ليڪ ڪري ڏيڻ جيڪو پنهنجي پاڻ ھڪ تمام وڏو اسڪينڊل آهي ان تحت ڊاڪٽرن جي بيباڪ اڳواڻ جي خلاف ڪردار ڪشي لاء مليو اٿن ! نوجوان ڊاڪٽرز ڪنسلنٽنٽ جي موجودگي ۾ ريٽاءر ماڻهن کي ڀرتي ڪري ڊبل ٽرپل پگھارون ۽ريسرچ ليباريٽري مان ڪميشن ڏيئي ڪري مسڪين ڏٿڙيل مريضن سان ظلم کانسواء ٻيو ڪجھ ناهي ! سموري سنڌ جا ڊاڪٽرز ڊاڪٽر روشن ۽ سندس ٽيم سان مظبوط ديوار وانگر گڏ آهن روشن اڪيلو ناهي نگر ڇاڇرو بدين ڪشمور دادو کان ويندي حيدرآباد ڪراچي جا ڊاڪٽرز روشن جي ھڪ آواز تي لبيڪ چوندا ۽ وي سي سميت ڪرپٽ مافيا کي گھر ڀيڙو ڪندا ! ان کان پھرين جو اونڌا سونڌا فيصلا ڪري ڊاڪٽرن کي ٽارگيٽ ڪريو ! پنهنجو قبلو درست ڪري ۽ شفاف طريقي سان معاملا حل ڪيا وڃن ۽ يونيورسٽي جو تقدص پامال نه ڪيو وڃي نوجوان قيادت سرجنز ڊاڪٽرز کي ٽيم ۾ شامل ڪري مسڪين مريضن کي بھترين علاج جون سھولتون ڏنيون وڃن !
وزيراعلي سنڌ
ھيلٿ منسٽر سنڌ
چيف جسٽس سنڌ
معاملي جو سخت نوٽيس وٺن ۽ وي سي کان بورڊ ۽ يونيورسٽي معاملات ۾ بي جا ٿيل بي قاعدن ۽ ڪرپشن تي پڇاڻو ڪن! ان سان گڏوگڏ بلاول ڪاليج ۾ ڀرتي ٿيل ريٽاءر ڪامورن جيڪي پينشن سميت ڊبل ٽرپل پگھارون پيا کڻن گھر ڀيڙو ڪري نوجوان سرجنز ڪنسلنٽنٽ کي ڀرتي ڪري مريضن جو بھترين علاج ڪرائين !