
20/03/2024
سنڌ ۾ ”مخصوص“ سيڪيورٽي ادارن کان آپريشن جو مطالبو ڪندڙ اٻوجهن کان سوال
ڇا تصوير ۾ ڌاڙيلن وٽ نظر ايندڙ ڳرا ۽ ڀاري نقصان پهچائيندڙ جنگي اوزار عام ماڻھو جو وس آھي جو پنهنجي رسڪ تي ڌاڙيلن جي ٽڪاڻن تائين پهچائي سگهي ؟؟
ڇا اهي هٿيار ٻھراڙي جا ڌنار قسم جا ماڻھو هلائي سگهن ٿا؟
يا چڱو ڀلو تربيت يافته ماڻھو هلائي سگهي ٿو؟
جي ان اسلحي لاء تربيت درڪار آھي ته پوء انهن ڏوهارين لاء تربيت جو انتظام ڪندڙ ڪير آھي؟
سوچ ۽ تدبر جو مقام آھي، ڪٿي اها مخصوص معاشي ۽ انتظامي هدف حاصل ڪرڻ لاء دلالن جي معرفت ڪا منظم منصوبه بندي ته ناهي؟؟