Daily paichro

Daily paichro سوشل ميڊيا نيٽورڪ

23/04/2025

ابا ڏيو حوال ڪيئن آيا آھيو؟
ادا اسين اسلام آباد وارن جو نياپو کڻي آيا آھيون.
ڪھڙو ?
چون ٿا ته احتجاج ختم ڪريو ته ڳالھيون ڪريون
۔وڪيل
ڪئنالن جي خاتمي وارو نوٽيفڪيشن ڪٿي آھي؟
اھو ته ڪونھي!!
ادا او رفيق ھنن کي چانھ پياريو ته ٽائيم سان هلن . ھنن جو پنڌ پري آھي🤣

20/03/2024

ھي منظر ميرپور خاص جا آھن جتي زال مڙس ۾ اختلاف کانپوءِ ڪورٽ ۾ طلاق ٿي وئي، ٻار والد حوالي ڪيا ويا جنهن کانپوء ٻار روئي رڙي رهيا آهن😭
شادي ڪرڻ کان پهريان هزار ڀيرا سوچيو ۽
پوءِ ڪو فيصلو ڪيو ڇو ته اوهان جون
ننڍڙيون غلطيون ڪيتريون ئي ننڍيون زندگيون
برباد ڪري ڇڏينديون آهن.💔
ڪنهن ٻئي جو ڪھڙو نقصان ٿيندو؟ رلي ته ويچارا ٻچڙا ويا
الله پاڪ کان دعا آھي نفرتون ختم ٿين محبتون وڌن سڀني جا گھر محبتن جي محلاتن سان آباد ھجن 🤲

02/03/2024

ویڈیو کو آخر تک دیکھنا نہیں بھولیے گا، مزا نہ آئے تو پیسے واپس 😂😂😂😂

ڪريلي جي پوکڊاڪٽر بينا خانزاداسينيئر سائنٽسٽ ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر ٽنڊوڄام• آڪاش پنھورڊپارٽمينٽ آف پلانٽ پروٽيڪشنسنڌ زرع...
27/02/2024

ڪريلي جي پوک
ڊاڪٽر بينا خانزادا
سينيئر سائنٽسٽ
ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر ٽنڊوڄام
• آڪاش پنھور
ڊپارٽمينٽ آف پلانٽ پروٽيڪشن
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام
[email protected]

اونھاري جي ساين جي اڳاٽي پوکي گھڻو ڪري جنوري فيبروري کان شروع ٿي ويندي آھي آڳاٽي ڀاڃين جي پوکي سان ڀاڃيون مارڪيٽ م سٺو اگھ ڪنديون آھن

•ڪريلا Bitter Gourd

زمين جي چونڊ
ڪريلن جي پوكي لاء اھڙي زمين جي چونڊ ڪجي جنهن ۾ پاڻي جي نيڪال جي خاصيت موجود ھجي زرخيز چيڪي لٽاسي ٻين جي ڀيٽ م بھتر ڀلي زمين آھي ء وڌيڪ پئداوار ڏيڻ جي سگھ رکي ٿي

•زمين جي تياري
ڪريلن جي پوکي لاء چونڊيل زمين کي مھينو اڳ زمين م ڳريل سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ جون 20 کان 25 گاڏيون في ايڪڙ وجھي ديسي ھر وسيلي ملائڻ گھرجي جنهن کان پوء ٻ ٽي ھر ڏئي ڀتر ڀوري زمين کي ھموار ڪجي

•ٻج جو مقدار
ڪريلن جي پوکي لاء ٻج 4 کان ساڍا 4 ڪلو گرام في ايڪڙ استعمال ڪجي ٻج جي چونڊ ء ڪوالٽي جو اھم معيار آھي جنهن سان سٺي پئداوار سٺي ملي ٿي ان لاء صحت مند ء بيمارين کان پاڪ ٻج جي چونڊ ڪرڻ گھرجي

•پوکي جو وقت
ڪريلن جو فصل سال م ٻ ڀيرا پوکيو وڃي ٿو جن مان پھريون فصل فيبروري مارچ م ء ٻيو جون جولاء م پوکيو وڃي ٿو ڏکڻ سنڌ م ڪريلن جو فصل فيبروري جي پھرين ھفتي م ء اتر سنڌ م 15 فيبروري کان پوء پوکجي ٿو باقي مندائتو فصل جون جولاء م پوکجي ٿو

•پوکي جو طريقو
پوکي کان اڳ جڏھن کريا ٺاھجن ت انھن م DAP يا NPK ڀاڻ جي ھڪ ٻوري وجھي کريا 5 کان 6 فوٽ ويڪرا ٺاھجن جن جي ٻنھي پاسن کان 6 انچن جي مفاصلي تي چنگيون ھڻجن ھر چنگي م ٻن کان ٽي ٻج جا ڌاڻا وجھڻ گھرجن جيڪي زمين م ھڪ انچ کان ڏيڍ انچ اونھا وڃن پوکي کان اڳ م ٻج کي 5-6 ڪلاڪ پاڻي م پسائي رکجي ت جيئن ٻج جو ڦوٽھڙو تڪڙو ٿئي ٿو

• ڪيميائي ڀاڻ جو استعمال
DAP يا NPk
ھڪ ٻوري پوکي وقت باقي گل ٻاٽي تي پھچي ت يوريا جي ھڪ ٻوري في ايڪڙ تي ڏيڻ گھرجي

•گند گاھ
فصل م غير ضروري گند گاھ جي خاتمي لاء گڏ ڪڍڻ گھرجي جنهن سان زمين نرم رھندي ء جيتن بيمارين جو حملو گھڻو ن ٿيندو

• پاڻي
ڪريلن جي فصل کي ھر ھفتي پاڻي ڏيڻ گھرجي يا وري گھرج مطابق ڏيڻ گھرجي

•جيت
1 ميوي جي مک Fruit Fly
ڊپٽريڪس 400 ML يا ٽراء ڪلوروفون 80SP 680گرام في ايڪڙ
2 جون Mite
اوبيران 100 ML يا پائريدين 200 سي سي يا پولو 200 ML في ايڪڙ
3 ڳاڙھي ٽنڊڻي
ڪراٽي 60 سي سي يا اڪٽارا 24 گرام يا اميڊا 60 سي سي في ايڪڙ
4 آمريڪن ڪينئون لشڪري ڪينئون چٽڪمرو ڪينئون
اسٽورڊ 75 يا ٽريسر 40 سي سي يا ايماميڪٽن 200 ML في ايڪڙ

•پئداوار
ڪريلن جي فصل تي سٺي محنت ڪيل فصل مان ايڪڙ تي 100 کان 150 مڻ تائين پئداوار حاصل ڪري سگھجي ٿي مارڪيٽ م اڪثر ڪري پڪل ڪريلا گھٽ اگھ ڪندا آھن ء ان جو وڪرو ب گھٽ ٿيندو آھي ھميشـ ڪچا ڪريلا پٽي موڪليجن ء چونڊو ب ھر ٻئي ٽئين ڏينهن ڪجي
#زراعت #

بھ جي پوکCultivation of Lotus root• ڊاڪٽر بينا خانزاداسينيئر سائنٽسٽايگريڪلچر ريسرچ سينٽر ٽنڊوڄام• آڪاش پنھورڊپارٽمنٽ آف...
11/02/2024

بھ جي پوک
Cultivation of Lotus root

• ڊاڪٽر بينا خانزادا
سينيئر سائنٽسٽ
ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر ٽنڊوڄام

• آڪاش پنھور
ڊپارٽمنٽ آف پلانٽ پروٽيڪشن
سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام
[email protected]

بھ جو اصل وطن سنڌ ء ھندستان آھي پوء جيڪو بعد م دنيا م پکڙجي ويو بھ خريف جي مند م پوکيو ويندو آھي
بھ ت سڄي سنڌ م ٿيندو آھي ۽ عام طرح ڍنڍ جي پيداوار آھي
ڍنڍ جي پيدائش م ڪم ڪوڻيون بھ پٻڻ پن پاٻوڙا ء لوڙ وغيره ٿيندا آھن پر انھن م بھ ء پاٻوڙا مشھور آھن
جنھن کي سنڌ جي شاعرن ڳايو آھي

ھاڪ وھندو ھاڪڙو پڄندو پنڌ اروڙ
بھ مڇي ء لوڙھ سمي ويندا سوکڙو
بھ سنڌ جي ھنن علائقن م سٺي پيداوار ڏئي ٿو
اتر سنڌ م لاڙڪاڻي شڪارپور جيڪب آباد قمبر دادو ميھڙ ء ڏکڻ م ٺٽو ء بدين م پوکيو ويندو آھي بھ پٻڻ جي ول جون سوراخدار پاڙون جيڪي ڀاڄي طور رڌي کائيبيون آھن انھن کي بھ چئبو آھي ھن جون مختلف ڊش تيار ٿينديون آھن
سنڌ م شادين تي خاص ڊش بھ تيار ڪرايا ويندا آھن
سنڌ جو سرتاج شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي ب بھ کي پنهنجي شاعري م ڳايو آھي

پن پٻڻ ڪٗم ڪٗوڻيون،ڏوڏا بِھ ڏاجو نِ
نعمت لوڙ لطيف چئي،کيڻ مڇي کاڄو نِ
رھن ٻھن سِرَ ٻانڌيين،دٗوءِ درا ڌاڄو نِ
پارس سين پاسو نِ،لڳا تي لال ٿيا.
شاھ لطيف
سرڪاموڏ

• زمين جي چونڊ ء تياري
ھن فصل لاء ھيٺيائين سطع واري چيڪي زمينن جي چونڊ ڪجي ء مٺي پاڻي جي موجودگي ب ضروري آھي جنهن ب زمين مـبھ پوکيا وڃن ان جي تياري لاء گھٽ م گھٽ ھڪ مھينو پھريان زمين کي ھڪ ٻ اونھا ھر ڏئي ڀتر ڀوري نرم نموني تيار ڪجي ت جيئن ٻج جو ڦوٽھڙو تڪڙو ٿئي ان ڪري ان زمين م ھڪ مھينو اول وٿاڻ جو ڳريل سڙيل ڀاڻ جون 25-30 گاڏيون في ايڪڙ جي حساب سان وجھي ۽ ٻيھر ھڪ ٻ ھر ڏيجي جيئن زمين اندر ڀاڻ ملي وڃي ۽ زمين م نرمائي اچي سگھي
بھتر ت ائين ٿيندو جو زمين کي ٽريڪٽر وسيلي ٿالھين يا وري راجا ھر سان تيار ڪجي ۽ گوبل وسيلي ڀتر وغيره ڀوري ڇڏجن ڪلٽيويٽر جو ھڪ ٻ ھر ڏئڻ سان ب زمين وڌيڪ بھتر نموني تيار ٿي ويندي زمين کي جيترو نرم تيار ڪبو ٻج ب اوترو ئي جلد ڦوڙھڙو ڪندو ء پيداوار ب وڌيڪ ڏيندو

• جنسون
بھ جون ٻ جنسون عام آھن جيڪي پوکيون وڃن ٿيون
1. اھا جنس جنھن جا پن ويڪرا ۽ گل وڏا ٿيندا آھن
2. ٻئي اھا جنس جنهن جا پن سوڙھا ٿين ٿا ء گل ننڍا ٿين ٿا
ويڪرن پنن واري جنس کي وڌيڪ اھميت ملندي آھي ڇاڪاڻ ت ان جي پيداوار وڌيڪ لھي ٿي

• ٻج جو مقدار
ايڪڙ تي 10 کان 15 ڪلو گرام استعمال ڪرڻ گھرجي ٻج صحتمند ء بيمارين کان پاڪ ھجڻ گھرجي اگر ٻج ڪسارو لڳي ٿو وڃي ت پوء ان جو في ايڪڙ وڌيڪ استعمال ڪرڻ گھرجي

• پوکي جو وقت
پوٽ لاء مارچ اپريل ء مئي مھينا موزون آھن پر جون جولاء م ب ڪري سگھجي ٿي پر ان سان اھا پيداوار ن ملندي تنهنڪري ڪوشش ڪجي ت وڌ کان وڌ جون جي پھرين ھفتي تائين ڪرڻ گھرجي پاڇاٽي پوکي کان پاسو ڪرڻ گھرجي

• پوکي جو طريقو
بھ جو ٻج انتھائي نازڪ ھوندو آھي تنهنڪري ٻج پوکڻ کان پھرين رات جو ٻج کي پاڻي م پسائي رکجي زمين م ٻج پوکڻ کان پھريان اھڙي تيز ڇري سان ڏار ڏئي پوء استعمال ڪرڻ گھرجي جيئن ٻج کي ڪو نقصان ن ٿئي ڇاڪاڻ ت ٻج جو ٻاھريون تھ سخت ھوندو آھي تيار ٿيل زمين کي ڏيڊ کان ٻن فوٽن جي مفاصلي تي قطارن وسيلي پوکجي اھڙي ٻوٽن م ب ڏيڊ کان ٻن فوٽن جو مفاصلو ڪرڻ گھرجي ت جيئن اڳتي ھلي گندگاھ وارا ٻوٽا سولائي سان ڪڍھي سگھجن
ڪوشش ڪجي ت ٻج زمين اندر لڪيل ھجي ٻاھر نظر ن اچي ان لاء ٻج کي ٿورو زور ڏئي اندر ڪجي

• ڀاڻ
بھ جي فصل کي تيار ٿيڻ م گھٽ م گھٽ 3 کان 4 مھينا لڳي وڃن ٿا ان دوران ان جي لاء وقتائتي سار سنڀال انتھائي ضروري آھي ٻج پوکڻ کان اڳ زمين زمين جي تياري لاء مٿي ذڪر ڪري آيو آھيان ت وٿاڻ جو ڀاڻ استعمال ڪرڻ انتھائي ضروري آھي
ڪيميائي ڀاڻ DAP جي ڏيڊ ٻوري ان وقت ئي زمين کي ڏيڻ گھرجي جنهن وقت ٻج پوکي رھيا ھجو
ٻج جو ڦوٽھڙو 10 کان 15 ڏينهن اندر ٿيندو آھي پھريون گل پاڻي مٿان ترندي نظر ايندو آھي
بھن واري زمين م پاڻي جو خاص خيال رکڻ گھرجي ت جيئن خشڪ ن ٿئي بھن واري زمين م 2 کان 3 فوٽ پاڻي بھڻ لازمي آھي ت جيئن ھڪ ت پٻڻ جون ٽڪيون پنهنجي رفتار سان تيار ٿين ٻيو ت زمين اندر بھ طاقتور پيدا ٿيندو بھ واري زمين م بيٺل پاڻي سائي ڄار سيئنور جھڙو ٿي ويندو آھي ۽ اھو نقصانڪار آھي واڌ ويجھ تي اثر پيدا ڪري ٿو

• جيت ۽ بيماريون
• اڇي مک
علاج موسپلان يا ايصيلان 125 گرام في ايڪڙ
• ٿرڙو
علاج ڪلوروفيناپائر 200 ملي لٽر في ايڪڙ يا ڪونفيڊور 250 ملي لٽر في ايڪڙ

• ڪيڊش ورم ۽ ڪٽ ورم
علاج
ھن تي بي ٽي پائوڊر جو استعمال ڪرڻ گھرجي

• بھ ڪڍڻ يا کوٽائي
بھ کي ان وقت ڪڍھجي جڏھن پٻڻ پچي وڃي ت ان کان پوء ان جي کوٽائي ڪجي بھ پٻڻ جي پاڙ ھوندو آھي بھ کي زمين مان ڪڍھڻ لاء نيم خشڪ ٿيڻ ڏجي ت جيئن بھ کي سولائي سان ڪڍھي سگھجي

• پيداوار
ھڪ پٻڻ جي ٽڪي م 6 کان 8 داڻا ٿين ٿا پر ڀلين ٽڪين م 10 داڻا ٿين ٿا ڪچا ء ساوا داڻا ماڻھون شوق سان کائين ٿا ۽ ڪارا داڻا ٻج طور استعمال ڪيا ويندا آھن
جنھن جي حساب سان ڀلي فصل مان ايڪڙ تي 2000 کان 2500 پٻڻ جون ٽڪيون لھن ٿيون جڏھن ت 12 کان 15 ڪلو ٻج ملي ٿو
جڏھن ت ايڪڙ تي 120 مڻ پھريون نمبر وارو بھ پيداوار ڏئي ٿو ۽ ٻئي نمبر وارو بھ 70 مڻ تائين پيداوار ڏئي ٿو پر پوکي کان وٺي پيداوار تائين سٺي محنت ڪيل ھجي.

06/02/2024

تاري تير جا ٽُڪرٽُڪر ڪري ڇڏيا
همراهن جون رڙيون نڪري ويون آهن
هاڻ ڌانڌلي جي تياري پيا ڪن پر ڌانڌلي ڪرڻ ڪون ڏينداسين

22/01/2024

"ھرھڪ واٺي منجهه اچي بوءِ بريانيءَ جي"

Address

Hyderabad
17000

Telephone

+923213930572

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daily paichro posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Daily paichro:

Share