21/08/2026
مينهن ۾ پُسيل پکيءَ جهڙو خواب.
ان ڏينهن پيارو نريش ڪمار مٺيءَ کان پياري عنايت نُهڙئي سميت نوابشاھ آيو ته پاڻ سان گڏ مٺيءَ جي مهربان موسم ب کڻي آيو. ڪڪرن لاءِ سِڪندڙ اسان جي شهر جو آسمان ڏسندي ڏسندي ڪڪر ڪارونڀار ٿي ويو.
موسم جي حسناڪي ڳالهين جي رُت تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. عاقب شاهه ۽ علي سراج سان گڏ ذڪر ٿيو ادب جو. ڪتابن جو. ليکڪن اتاولائي جو. پبلشرن جي پيدا گيري جو ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو.(نريش پاڻ به پبلشر آهي. ڪيترو پروفيشنل ۽ سٺو پبلشر آهي اها ته اڃان مون کي ڪا گهڻي خبر ناهي باقي ڪچهري ۾ شخصي لحاظ کان پيارو ماڻهو لڳو. البت چوندا آهن ته ماڻهو کرڻ جي مند ڪونهي سو وڌيڪ هر ڪو پاڻ ڄاڻي. اسان ته آهيون کير جا سڙيل سو ڏڌ کي به پيان ڦوڪون ڏيو پيون) ڳالھ نڪتي ٿر جي دلڪش شاعر سائين داد ساند جي. سندس حسناڪ شعرن جي. ۽ بس ڳالهين جي ڳهر ۾ پتو ئي نه پيو جو موڪلائڻ جي مهل ٿي وئي.
ڪنهن انگريز شاعر جو نظم آهي ته :
اسان ٻئي صبح کان وٺي،
گاهه لاءِ گهران نڪتا آهيون،
ڪوهان درياهه جي ڀرسان،
ٻنيء تي پهتا آهيون،
هوءَ ۽ آئون،
گاھ ڪندي،
ڪچهري به پيا ڪيون،
منجهند مهل ڪجهه پل،
ساهي به ڪئي اٿئون،
وري گاهه ڪرڻ لڳا آهيون،
مٿان اچي شام ٿي آهي!
اسان اڃان گاهه جي,
هڪ هڪ مُٺ مس لُئي آهي!!
ويندي ويندي هو مون کي ۽ پياري عاقب نقوي کي پنهنجي ڪتاب جي گهاٽي ول ۾ ويڙهي ويو.
"برساتن جي ڀريل مُند ۾تون پري آهين ته لڳي ٿو ڄڻ منهنجي اندر ۾ منهنجي جواني آپ گهات ڪري رهي آهي" ڪجهه ڏينهن جي وِٿيءَ کان پوءِ مون هڪ جملو پڙهيو. ت پوءِ مون کان ڪتاب رکيو ن ٿيو.
نريش ڪمار جي خط جو آواز. هو اهو.
اهو نريش جيڪو ننڍي ڄمار ۾ ههڙا وڏوا لفظ لکي سگهي ٿو ته:
"سهڻيون ڇوڪريون منهنجي دل ۾ خنجر جيان لهي وينديون آهن. "
"هُن کان ته پنهنجو حُسن به نٿو سنڀالجي. وڇوڙو ڪيئن سنڀالي سگهندي "
" اڪثر منهنجي اسٽڊي ٽيبل تي هن جو حُسن هارجي ويندو آهي ۽ مان مدهوش ٿي ويندو آهيان"
"تون جيڪڏهن منهنجو عاشق نه هجين ها ته منهنجو ھنج ورتل پُٽ هجين ها "
" ڪائنات دل جيتري ننڍي ۽ دل ڪائنات جيتري وڏي لڳندي آهي "
سچ ته ڪنهن" کنوڻ جهڙي بي پرواهه ڇوڪريءَ "کي لکيل هي اداس ۽ غمناڪ خط پڙهندي ۽ خطن ۾ اهڙن تلوار جي تکي ڌار جهڙن جملن تان گذرندي مان محسوس ڪيان ٿو ته ڪجهه جملا ليکڪ نه لکندو آهي پر محبت پاڻ پنهنجي ريشمي آڱرين سان لکندي آهي. ڪجهه جملا جدائي پنهنجي لُڙڪن سان لکندي. ڪجهه جملا حادثا پنهنجي رت سان تحرير ڪندا آهن.
هي ڪتاب پڙهندي آئون ڏسان ٿو ته پنهنجي دل جي ڀر ۾ بيٺل هڪ ڇوڪرو، جنهن ڪنهنجي "حُسن جي حڪمراني دل سان قبولي آهي" کلندي کلندي اوچتو يارهن لڳي ٽيويهه منٽ ۾ still ٿي ويو آهي. جدائي هڪ حادثو آهي. ٻيو نه ته ڇا آهي!
اها ڪا ٽي وي چينل جي بريڪنگ نيوز ناهي. پر. حقيقت آهي. اهو گھڙيال ۽ انهيءَ کان ٻاهر موجود وقت جو اهو. حقيقي پل آهي جنهن پل هڪ ڇوڪري کي سندس محبوبا گُڊ باءِ چوندي آهي . ۽ ان طرح بس پوءِ هن لاءِ وقت اتي ئي بيهي رهندو آهي . اڳتي وڌي نه سگهندو آهي . ۽ پوئتي ته بحر حال وقت موٽندو ئي نه آهي!!
اها ٽين ايج جذباتيت نه پر ميچوئر حقيقت آهي ته :جنهن پل ڪوئي ڪنهن کان ڌار ٿيندو آهي اهو پل وقت جي واٽ تي فريز ٿي ويندو آهي. شايد آنسٽائن غلط ڳالھ نه ڪئي آهي ته وقت نسبتي relative آهي. ماڻهوءَ جي حالت مطابق پنهنجي شڪل صورت ۽ ڊيگهه ويڪر تبديل ڪندو آهي. ڪنهن لاءِ گهوڙي وانگر تيز تڪڙو ته ڪنهن لاء ڪُميءَ وانگر سست.. پر ڪنهن لاءِ وري يارهن لڳي ٽيويهه جي ڪنڌيءَ تي ڄمي بيهي رهيل.
"منهنجي دل گاڏيءَ مان لهندڙ هر ڇوڪريءَ سان گڏ لهي پوندي آهي ان ڪري مان سفر گهٽ ڪندو آهيان"
هڪ خط جو جملو.
"پر هن گهاءُ جهڙي دل مون کي ڏاڍو روليو آهي"
ٻئي خط جا لفظ.
هي ڪتاب "ساڀيائن جي پنڌ ۾....." پنهنجي تخليقڪار سان گڏ گڏ ۽ جدا جدا اداسي جو صحرا عبور ڪري رهيو آهي. خط خود هڪ خاص ۽ خوبصورت تصور آهي!!
جڏهن ته مان تتل صحرا جي واريءَ ۾ هلندي نه سوچيندي به سوچي رهيو آهيان ته: هڪ وقت ماڻهو محبوبائن سان گڏ رهڻ گهرندو آهي پوءِ محبوبائن بدران سندن يادگيرين سان گڏ رهڻ گهرندو آهي!! الائي ڇو!! شايد انهيءَ گڏ هجڻ جو پنهنجو ڪو الڳ ۽ روح پرور رومانس آهي.
ڳالهه ته گڏ هجڻ جي آهي!!
تنهن صبح مون ڪتاب مان ڏيڍ خط پڙهي چار سوا چار جملا لکي واٽسپ ڪيا:
پيارا نريش!! اڄ صبح آفيس ۾ تنهنجي ڪتاب جو پهريون سڄو ۽ ٻيو اڌ خط پڙهي ڏيڍوڻو اداس ۽ انهيءَ کان گهڻو وڌيڪ خوش ٿي ويو آهيان. برابر تنهنجي خط ۾ "برسات تنهنجي هلڪي مرڪ جيان وسي رهي آهي ۽مان اڃارو آهيان" ۽ آئون ڏسي رهيو آهيان ته تنهنجي اها اڃ تنهنجي پهرئين خط جي ڪنارن ۾ درياهه جيان ڇوليون هڻي رهي آهي. صحرائي ليکڪن کي پڙهندي آئون اڪثر پاڻ کان پڇندو آهيان هنن ريگستاني تخليقڪارن جي تحرير ۾ ايڏي گهري گُهور ڪٿان ٿي اچي جو پڙهندڙن جي دل ۾ لهي ٿي وڃي!! شايد ان ڪري جو هي ماڻهو ازل کان اُڃ پيئندا ۽ ٿوهر جهڙي زندگي جيئندا ٿا اچن تنهن ڪري زندگيءَ کي جيئڻ جوڳو ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ شاعريءَ جا چشما ٿا دريافت ڪن!!
ان ڪري انهن جي هر سٽ پڙهندڙ کي ڇوليء وانگر ڇهي ويندي آهي.
هڪ هڪ ٿي ڇوليءَ جهڙا سڀ خط پڙهجي ويا. مونکي لڳو هر هڪ خط لڙڪن کان خالي رهجي ويل اکين جو خواب آهي.
مينهن ۾ پُسيل ڪنهن پکيءَ جهڙو خواب!!
مھرباني پيارا نريش ڪمار!!