Debal Publishers

Debal Publishers We strive to bridge between the past, present and the future for readers of Sindh.

ساڀيائن جي پنڌ ۾ هڪ ڪمال جو ڊڪشن."نثر پنڌ ڪري ٿو"  شايد اھي لفظ شيخ اياز جي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيا هجن، پر اڄ ان ڪتاب کي پڙها...
26/08/2026

ساڀيائن جي پنڌ ۾ هڪ ڪمال جو ڊڪشن.

"نثر پنڌ ڪري ٿو" شايد اھي لفظ شيخ اياز جي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيا هجن، پر اڄ ان ڪتاب کي پڙهان پيو جنهن ۾ فقط ساڀيائن جو ئي ذڪر نثر کي پنڌ ڪرائي پيو...
اڄ کان پورا يارهن سال اڳ هڪ هلڪي بت وارو ڇوڪر ۽ اسان سان ساڳي ڊيسڪ تي گڏ وهندڙ ۽ نصابي ڪتابن جي خشڪ مضمون تي بحث ڪرڻ وارو نريش جيڪو پنهنجي مطالعي کي ساڀيائن جي پنڌ لاءِ وقف ڪندي اسان کي هڪ شاهڪار رومانوي خطن جي صورت ۾ ڪتاب ڏنو آهي...
پاڻيءَ جھڙو پيار،
چاهت جو پورٽريٽ،
"لکان پيو
اتان ئي جتان
تون هٿ ڇڏائي وئينءَ"
توکي تو جهڙا رنگ مبارڪ،
۽ سنڌو تون ڏيئي جي تاريخ آهين...
جھڙا شاهڪار عنوان جنهن نه فقط سنڌوءَ کي ٽٽل خوابن، اڌروين آسن ۽ پيچيدن رستن جو گس مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پڙهندڙ تي به جوش طاري ڪيو آهي.
ليکڪ ڪتاب جي باري ۾ لفظن جي ادائيگي ڪندي لکي ٿو ته ۔"هن ڪتاب جي باري ۾ ڪير ڇا ٿو سوچي!؟ ڪير ڇا ٿو چوي!؟ ڪير ڪئين ٿو ڏسي!؟ ڪنهن کي پسند اچي ٿو يا نه!؟" پر خط جي مرڪزي ڪردار کان مخاطب ٿي چوي ٿو ته شايد ساڀيان جو پنڌ سجايو ٿئي.
منٿن ۽ ميارن کان پاڪ اهيو پنڌ جتي رڳو سحر هوندي به ڪا ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿئي۔ ان ڪمال جي ڊڪشن ۾ جن لفظن ۽ جملن ذهن کي ڇڪايو آهي اهي لفظ آهن. "يونيورسل فيڪٽ،
ڊوائيڊيڊ پرسن،
براڊ مائينڊيڊ،
فلسطيني عورتن جھڙا تنهنجا رويا،
آءِ ايم رگريٽينگ اينڊ آءِ ايم اسٽل ان بارنڊ بڪاز آ۽ ڪڊ ناٽ بارن ود يو،
۽ منهنجي زندگيءَ ۾ ڪمپلسري سبجيڪٽ جيان شامل ٿي وئي آهين."
ديبل پبليڪشين طرفان ڇپيل ڪتاب جيڪو 112 صفحن تي مشتمل هڪ عظيم شاهڪار ۽ وڏي استادي وارو ڪم ۽ منفرد ڪتابن ۾ جڳهه ولاري ٿو۔

ڪاشف قاسماڻي اوٺو.
روجهتل

مينهن ۾ پُسيل پکيءَ جهڙو خواب. ان ڏينهن پيارو نريش ڪمار مٺيءَ کان پياري عنايت نُهڙئي سميت نوابشاھ آيو ته پاڻ سان گڏ مٺيء...
21/08/2026

مينهن ۾ پُسيل پکيءَ جهڙو خواب.
ان ڏينهن پيارو نريش ڪمار مٺيءَ کان پياري عنايت نُهڙئي سميت نوابشاھ آيو ته پاڻ سان گڏ مٺيءَ جي مهربان موسم ب کڻي آيو. ڪڪرن لاءِ سِڪندڙ اسان جي شهر جو آسمان ڏسندي ڏسندي ڪڪر ڪارونڀار ٿي ويو.
موسم جي حسناڪي ڳالهين جي رُت تبديل ڪري ڇڏيندي آهي. عاقب شاهه ۽ علي سراج سان گڏ ذڪر ٿيو ادب جو. ڪتابن جو. ليکڪن اتاولائي جو. پبلشرن جي پيدا گيري جو ڪهاڻين ۽ شاعريءَ جو.(نريش پاڻ به پبلشر آهي. ڪيترو پروفيشنل ۽ سٺو پبلشر آهي اها ته اڃان مون کي ڪا گهڻي خبر ناهي باقي ڪچهري ۾ شخصي لحاظ کان پيارو ماڻهو لڳو. البت چوندا آهن ته ماڻهو کرڻ جي مند ڪونهي سو وڌيڪ هر ڪو پاڻ ڄاڻي. اسان ته آهيون کير جا سڙيل سو ڏڌ کي به پيان ڦوڪون ڏيو پيون) ڳالھ نڪتي ٿر جي دلڪش شاعر سائين داد ساند جي. سندس حسناڪ شعرن جي. ۽ بس ڳالهين جي ڳهر ۾ پتو ئي نه پيو جو موڪلائڻ جي مهل ٿي وئي.
ڪنهن انگريز شاعر جو نظم آهي ته :
اسان ٻئي صبح کان وٺي،
گاهه لاءِ گهران نڪتا آهيون،
ڪوهان درياهه جي ڀرسان،
ٻنيء تي پهتا آهيون،
هوءَ ۽ آئون،
گاھ ڪندي،
ڪچهري به پيا ڪيون،
منجهند مهل ڪجهه پل،
ساهي به ڪئي اٿئون،
وري گاهه ڪرڻ لڳا آهيون،
مٿان اچي شام ٿي آهي!
اسان اڃان گاهه جي,
هڪ هڪ مُٺ مس لُئي آهي!!
ويندي ويندي هو مون کي ۽ پياري عاقب نقوي کي پنهنجي ڪتاب جي گهاٽي ول ۾ ويڙهي ويو.
"برساتن جي ڀريل مُند ۾تون پري آهين ته لڳي ٿو ڄڻ منهنجي اندر ۾ منهنجي جواني آپ گهات ڪري رهي آهي" ڪجهه ڏينهن جي وِٿيءَ کان پوءِ مون هڪ جملو پڙهيو. ت پوءِ مون کان ڪتاب رکيو ن ٿيو.
نريش ڪمار جي خط جو آواز. هو اهو.
اهو نريش جيڪو ننڍي ڄمار ۾ ههڙا وڏوا لفظ لکي سگهي ٿو ته:
"سهڻيون ڇوڪريون منهنجي دل ۾ خنجر جيان لهي وينديون آهن. "
"هُن کان ته پنهنجو حُسن به نٿو سنڀالجي. وڇوڙو ڪيئن سنڀالي سگهندي "
" اڪثر منهنجي اسٽڊي ٽيبل تي هن جو حُسن هارجي ويندو آهي ۽ مان مدهوش ٿي ويندو آهيان"
"تون جيڪڏهن منهنجو عاشق نه هجين ها ته منهنجو ھنج ورتل پُٽ هجين ها "
" ڪائنات دل جيتري ننڍي ۽ دل ڪائنات جيتري وڏي لڳندي آهي "
سچ ته ڪنهن" کنوڻ جهڙي بي پرواهه ڇوڪريءَ "کي لکيل هي اداس ۽ غمناڪ خط پڙهندي ۽ خطن ۾ اهڙن تلوار جي تکي ڌار جهڙن جملن تان گذرندي مان محسوس ڪيان ٿو ته ڪجهه جملا ليکڪ نه لکندو آهي پر محبت پاڻ پنهنجي ريشمي آڱرين سان لکندي آهي. ڪجهه جملا جدائي پنهنجي لُڙڪن سان لکندي. ڪجهه جملا حادثا پنهنجي رت سان تحرير ڪندا آهن.
هي ڪتاب پڙهندي آئون ڏسان ٿو ته پنهنجي دل جي ڀر ۾ بيٺل هڪ ڇوڪرو، جنهن ڪنهنجي "حُسن جي حڪمراني دل سان قبولي آهي" کلندي کلندي اوچتو يارهن لڳي ٽيويهه منٽ ۾ still ٿي ويو آهي. جدائي هڪ حادثو آهي. ٻيو نه ته ڇا آهي!
اها ڪا ٽي وي چينل جي بريڪنگ نيوز ناهي. پر. حقيقت آهي. اهو گھڙيال ۽ انهيءَ کان ٻاهر موجود وقت جو اهو. حقيقي پل آهي جنهن پل هڪ ڇوڪري کي سندس محبوبا گُڊ باءِ چوندي آهي . ۽ ان طرح بس پوءِ هن لاءِ وقت اتي ئي بيهي رهندو آهي . اڳتي وڌي نه سگهندو آهي . ۽ پوئتي ته بحر حال وقت موٽندو ئي نه آهي!!
اها ٽين ايج جذباتيت نه پر ميچوئر حقيقت آهي ته :جنهن پل ڪوئي ڪنهن کان ڌار ٿيندو آهي اهو پل وقت جي واٽ تي فريز ٿي ويندو آهي. شايد آنسٽائن غلط ڳالھ نه ڪئي آهي ته وقت نسبتي relative آهي. ماڻهوءَ جي حالت مطابق پنهنجي شڪل صورت ۽ ڊيگهه ويڪر تبديل ڪندو آهي. ڪنهن لاءِ گهوڙي وانگر تيز تڪڙو ته ڪنهن لاء ڪُميءَ وانگر سست.. پر ڪنهن لاءِ وري يارهن لڳي ٽيويهه جي ڪنڌيءَ تي ڄمي بيهي رهيل.
"منهنجي دل گاڏيءَ مان لهندڙ هر ڇوڪريءَ سان گڏ لهي پوندي آهي ان ڪري مان سفر گهٽ ڪندو آهيان"
هڪ خط جو جملو.
"پر هن گهاءُ جهڙي دل مون کي ڏاڍو روليو آهي"
ٻئي خط جا لفظ.
هي ڪتاب "ساڀيائن جي پنڌ ۾....." پنهنجي تخليقڪار سان گڏ گڏ ۽ جدا جدا اداسي جو صحرا عبور ڪري رهيو آهي. خط خود هڪ خاص ۽ خوبصورت تصور آهي!!
جڏهن ته مان تتل صحرا جي واريءَ ۾ هلندي نه سوچيندي به سوچي رهيو آهيان ته: هڪ وقت ماڻهو محبوبائن سان گڏ رهڻ گهرندو آهي پوءِ محبوبائن بدران سندن يادگيرين سان گڏ رهڻ گهرندو آهي!! الائي ڇو!! شايد انهيءَ گڏ هجڻ جو پنهنجو ڪو الڳ ۽ روح پرور رومانس آهي.
ڳالهه ته گڏ هجڻ جي آهي!!
تنهن صبح مون ڪتاب مان ڏيڍ خط پڙهي چار سوا چار جملا لکي واٽسپ ڪيا:
پيارا نريش!! اڄ صبح آفيس ۾ تنهنجي ڪتاب جو پهريون سڄو ۽ ٻيو اڌ خط پڙهي ڏيڍوڻو اداس ۽ انهيءَ کان گهڻو وڌيڪ خوش ٿي ويو آهيان. برابر تنهنجي خط ۾ "برسات تنهنجي هلڪي مرڪ جيان وسي رهي آهي ۽مان اڃارو آهيان" ۽ آئون ڏسي رهيو آهيان ته تنهنجي اها اڃ تنهنجي پهرئين خط جي ڪنارن ۾ درياهه جيان ڇوليون هڻي رهي آهي. صحرائي ليکڪن کي پڙهندي آئون اڪثر پاڻ کان پڇندو آهيان هنن ريگستاني تخليقڪارن جي تحرير ۾ ايڏي گهري گُهور ڪٿان ٿي اچي جو پڙهندڙن جي دل ۾ لهي ٿي وڃي!! شايد ان ڪري جو هي ماڻهو ازل کان اُڃ پيئندا ۽ ٿوهر جهڙي زندگي جيئندا ٿا اچن تنهن ڪري زندگيءَ کي جيئڻ جوڳو ڪرڻ لاءِ پنهنجي اندر ۾ شاعريءَ جا چشما ٿا دريافت ڪن!!
ان ڪري انهن جي هر سٽ پڙهندڙ کي ڇوليء وانگر ڇهي ويندي آهي.
هڪ هڪ ٿي ڇوليءَ جهڙا سڀ خط پڙهجي ويا. مونکي لڳو هر هڪ خط لڙڪن کان خالي رهجي ويل اکين جو خواب آهي.
مينهن ۾ پُسيل ڪنهن پکيءَ جهڙو خواب!!
مھرباني پيارا نريش ڪمار!!

OUT NOWٻيھار بہ ملنداسين (شاعري) مھاديوَ مڪواڻو
11/08/2026

OUT NOW
ٻيھار بہ ملنداسين (شاعري) مھاديوَ مڪواڻو

ديبل پبلشرز پاران تُرت ايندڙ مھاديوَ مڪواڻي جو شاعريءَ جو مجموعو "ٻيھار بہ ملنداسين."مھاديو مڪواڻو سٺي شاعري ڪري ٿو. هن ...
03/08/2026

ديبل پبلشرز پاران تُرت ايندڙ مھاديوَ مڪواڻي جو شاعريءَ جو مجموعو "ٻيھار بہ ملنداسين."

مھاديو مڪواڻو سٺي شاعري ڪري ٿو. هن خاص طور ننڍي بحر ۾ نھايت سليس، روان ۽ اثرائتا غزل لکيا آهن. سندس شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سادگيءَ سان گڏ فڪري گھرائي، احساسن جي سچائي ۽ زندگيءَ جي خوبصورت تصوير نظر اچي ٿي. مھاديو مڪواڻي پنھنجي شاعريءَ ۾ روايتي استعارن ۽ علامتن کي نئين انداز سان پيش ڪيو آهي. هن محبت، وڇوڙي، وقت، زندگي، انسان جي اندروني ڪيفيتن ۽ سماجي حقيقتن کي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي. سندس شاعري پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ دل تي گھرو اثر ڇڏي ٿي.
سندس غزل جا هي ٻه شعر فني خوبصورتي ۽ تخليقي انداز جو بھترين مثال آهي:
مري آئون سفر ۾ ويس،
ڳوٺ تنهنجي پڳا رستا.

مسافر ڪو تلاشين پيا،
اهي ڇورا ڇنا رستا.
هو وڇوڙي، ياد ۽ ڳوٺ سان وابسته جذبن کي علامتي انداز ۾ پيش ڪري ٿو. "رستا" هتي صرف واٽون يا پيچرا نه آهن، پر اهي يادون، لاڳاپا ۽ زندگيءَ جي سفر جون نشانيون بڻجي وڃن ٿا. بلڪه رستن جو پنڌ ڪري ڳوٺ پھچڻ ۽ ڇورو ڇنو ٿي مسافرن جي ڳولها ڪرڻ کين وڌيڪ شعري حسن عطا ڪري ٿو.
مطلب ته مھاديو مڪواڻي جي شاعري سادگي، فڪري گھرائي، نون استعارن، خوبصورت ٻولي ۽ اثرائتي اظھار سبب سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت رکي ٿي. سندس نئون ڪتاب "ٻيھار به ملنداسين " سنڌي شاعريءَ جي قيمتي وٿ ۾ سھڻو اضافو آهي. کيس نئين ڪتاب جون واڌايون.

ڊاڪٽر شير مھراڻي
چيئرمين
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
حيدرآباد

اڳواٽ ڪاپي بُڪ ڪرڻ لاءِ رابطو ڪريو.

Helpline: 03123467550, 0309 2539035

02/08/2026

ناول گهرائڻ لاءِ رابطو ڪندا.
03092539035 / 03123467550

عدنان سان ڪچھري انھن ڏينھن ۾ ٿي ھئي جڏھن اسين تنظيم سازي جي عمل ۾ چوويھ ڪلاڪ رڌل ھوندا ھئاسين، ٽي چار سال اڳ ڪو آگسٽ سيپ...
20/06/2026

عدنان سان ڪچھري انھن ڏينھن ۾ ٿي ھئي جڏھن اسين تنظيم سازي جي عمل ۾ چوويھ ڪلاڪ رڌل ھوندا ھئاسين، ٽي چار سال اڳ ڪو آگسٽ سيپٽمبر جو مھينو ھو، ياد ٿو اچيم تہ جڏھن حيدرآباد جي ھوائن ۾ سرگوشي ھئي تہ اسان جي اندر ھبس ھئي، جيڪڏھن ماحول ۾ ھبس ھئي تہ اسان ڪنھن سرگوشي ۾ مبتلا ھئاسين، سياست تي تہ خوب ڪچھري ٿي پر تڏھن عدنان ٻڌايو تہ ھو ھڪ ناول لکي رھيو آھي، ڪنھن ڪردار کي سياسي رنگ ۾ ڏيکارڻ لا۽ ھن کي ڪو مواد پئي کپيو ان تي اسان خوب ڪچھري ڪئي، وقت ھڪجھڙو ناھي رھندو وقت جو بي لغام گھوڙو ڊوڙندو ئي رھي ٿو، ھڪ ئي شھر ۾ رھندي پوروڇوٽ طريقي سان اسان سفر ڪندا رھياسين پر ملياسين ڪونہ، ڪيئي رنگينون ڌنڌلائجي ويون، ڪيئي خواب تڪميل ٿيا، ڪيئي اڌورا ئي وقت جي وھڪري ۾ وھي ويا، ڪالھ انھن سڀني يادن کي تازو ڪيوسين، عدنان نئين ڪتاب سان گڏ پيش ٿيو،عدنان جي ان ارتقا تي خوشي ٿي پر ان ارتقا ۽ نئين منزل جي پويان لڪل ڀوڳنائن جو مونکي چڱي خبر آھي تہ آف دا اسڪرين ڇا وھي ٿو ڇا واپرائيجي ٿو، تنھن باوجود عدنان کي نئين ڪتاب جون واڌايون،
ڪالھ ئي ڪتاب ورتوسين ۽ ٻن ٽن سالن کان پو۽ ڪو ناول کڻي پڙھڻ ويٺاسين، ڪجھ رات ۽ ڪجھ اڄ صبح پڙھي پورو ڪيوسين، سالار جو ڪردار پڙھي پنھنجي ماضي جي ڀوڳنائن ۾ غوطا کائڻ لڳاسين، دلڪش نثر سان گڏ مختصر ڪردارن سان عدنان خوب نڀايو، زوھيب جھڙا دوست ناول سميت حقيقي زندگي جا بہ سونھن ٿين ٿا، ساگر جي زندگي ھن اليٽ ڪلچر جي خالي پڻي جو ھڪ بھترين نمونو چٽي رھيو آھي،
ننڍي وھي ۾ ھيڏن حادثن ۾ عدنان جي ماٺيڻي مزاج تي ڏات جي ديوي مھرباني آھي نہ تہ ھي حادثا نيڪليئر ڌماڪن جيان زندگي کي مسلسل مارڻ لاء ڪافي آھن،

پرويز
Parvez Sindhu

زندگي هڪ بيڪار جذبو جاويد پنهور هئَ ڪهاڻي آهي سالار جي، جيڪو هڪ امير خاندان جو تخليقڪار فرد آهي. پئُ جي فوتگي کان بعد ۾ ...
19/06/2026

زندگي هڪ بيڪار جذبو
جاويد پنهور

هئَ ڪهاڻي آهي سالار جي، جيڪو هڪ امير خاندان جو تخليقڪار فرد آهي. پئُ جي فوتگي کان بعد ۾ رشتا هن هن جي زندگي ۾ اهميت وڃائي ويهن ٿا. محبت جي ديوي هن سان رُسي وڃي ٿي ۽ ڏُک هن کي ول ويڙهي جيان قابو ڪري وجهن ٿا. اڪيلائي هن جي زندگي کي اُڏوهي جيان کائِڻ لڳي ٿي. هو وُجودي بُحران جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هيڪلائي جي ڪال ڪوٺڙي ۾ يادون هُن جي ذهني اذيت جو سبب بڻجن ٿيون. نفسياتي مونجهارا هن جي هستي کي ڊاهڻ لڳن ٿا پوءِ هن کي مهڪ، امرت ۽ ساديہ ملن ٿيون آخر ۾ امرت جي ڇڏي وڃڻ سان هو شيزوفرينڪ ۽ پيرانويا جو شڪار ٿي وڃي ٿو ۽ يڪدم معجزي طور ان ٽراما مان نڪري روايتي زندگي ڏانهن واپس اچي وڃي ٿو.

ناول زندگي هڪ بيڪار جذبو ۾ ڪهاڻي روايتي طريقي سان گڏ ڪال، ميسيجز، مختلف نوٽس، ڪتابن تي ڪچهري، ڊائري جا ورق اهي سڀ شيون documentary narrative structure کي ظاهر ڪن ٿيون. ناول ۾ ڪٿي ڪٿي وقت جي لڪير ڌُنڌلي بڻيل آهي، خواب ۽ فليش بيڪ ۾ پڻ اسٽوري اڳتي وڌي ٿي جنهن سان ڪجھ جملن ۾ سريئلزم جون جهلڪيون ملن ٿيون. ناول جي ڪهاڻي کان وڌيڪ جاندار نثر، ڊائيلاگ ۽ مڪالما آهن (stylistically driven fiction) يعني نثر تي باقاعده سنجيدگي سان ڪم ٿيل آهي جنهن کي ناول جو سينگار (Ornate prose) چئي سگهجي ٿو. فڪري طور ناول ۾ نيهلزم، وجوديت، رومانيت ۽ نفسيات شامل آهي. ڪٿي ڪٿي ڪردار پاڻ سان يعني داخلي احساسن جو اظهار (soliloquy) پڻ ڪري ٿو ان حوالي سان ناول ۾ ڪهاڻي ٻڌائڻ جا مختلف هائيبرڊ نيريٽو طريقا شامل آهن. ناول ۾ منطرڪشي حيدرآباد جي ٿيل آهي.

سالار جي زندگي:
ناول جي آخر ۾ ائين ٿو لڳي سالار جي اها وڇڙي ويل محبوبا امرت آهي پر شروعات ۾ امرت جڏهن هن سان ملي ٿي هو واضح ڪري ٿو تہ "گهرو پريشانين، منافق روين ۽ محبوبا جي رسڻ ڪري زندگي زهر لڳندي هئي پر هاڻي نہ" (45)...جهڙي ڪردار جي شخصيت (treatment) آهي تہ هو رومانيت ۽ محبوبا جي وڇوڙي ۾ گهڻو مُبتلا رهي ٿو. امرت هن جو ٻيو پيار آهي... پهرين محبوبا ڪردار جي زندگي کي مُبهم رکيو ويو آهي، هن سالار کي چريائپ جي ڪري ڇڏيو جڏهن تہ سالار جي اها ذهني حالت فراق ۾ ئي ٿي يعني بعد ۾ توڙي جو اهو اڪيلو سبب ناهي پر پلاٽ مان گهڻو تاثر وڇوڙي جو ملي ٿو"مان هڪ ذهني بيمار شخص آهيان" (ص 12)...يا "منهنجي زندگي بي معنيٰ آهي" (ص 15)... ٻيو سبب سندس پئُ جي فوتگي آهي..اصل ۾ اتي ڪردار نگاري جي ماحول کي جوڙڻ ۾ کوٽ محسوس ٿئي ٿي. ايتري حد تائين هو چريائپ جو شڪار ٿي وڃي ٿو جو پاڻ کي اذيت ڏيڻ کي بهتر سمجهي ٿو (ص 59)...سالار جي خود اذيت، ذهني بيماري ۽ وجودي بي معنويت ڪٿي ڪٿي مصنوعي ۽ ڊرامائي لڳي ٿي.

جڏهن ساگر، زوهيب سالار کي 'سيلف آئسوليشن' مان ڪڍڻ لاءِ مختلف عورتن سان ملائن ٿا تہ هو پنهنجي وڇڙي ويل محبوبا جي يادن کي ڪُل اثاثو ۽ دل جو سرمايو سمجهي ان کي اوليت ڏئي ٿو پر اڳتي هلي هو امرت سان محبت جي دعويٰ ڪري اُن سان جنسي لاڳاپا قائم رکي ٿو گڏوگڏ مهڪ ۽ ساديہ سان پڻ مسلسل جنسي فعل ڪندو رهي ٿو. مطلب هو فرسٽريشن جو شڪار پڻ آهي جيئن "هن کي اڄ جنسي لاڳاپي جي طلب ٿي رهي هئي" (ص 86) ۽ پنهنجي ويجهي دوست ساگر جي گرل فرينڊ مهڪ سان ئي سيڪس ڪري ٿو. اتي سالار جي شخصيت ۾ مڪاري ۽ فريب بہ ظاهر آهي. هڪ هنڌ محبت تي ڪلما پڙهي ٿو ۽ ٻئي هنڌ منڪر ٿي بيهي ٿو. ان صورتحال ۾ ڪردار جي مڪالمن ۾ تضاد آهي.

امرت جڏهن سالار سان شادي کان انڪار ڪري ٿي تہ هو شيزوفرينڪ ٿي وڃي ٿو. پاڻ سان ڳالهائڻ، امرت جي تصور سان ڳالهائڻ لڳي ٿو، هر هنڌ هر جاءِ هن کي اهائي ڏسڻ ۾ اچي ٿي جيئن "امرت کيس ڏٺو پرئين روڊ تي هوءَ کلي رهي هئي." ( 150) پر حقيقت ۾ هوءَ موجود نہ هئي. اهڙي صورتحال مان سالار جو يڪدم نڪرڻ مونجهارو پيدار ڪندڙ صورتحال آهي. نفسياتي ڊِس آرڊر ڪو خيال ناهي هڪ دفعو آيو وري يڪدم فرد ان مان ٻاهر نڪري ويندو آهي.

پلاٽ تي راءِ:
وجودي بُحران، فِراق، جنسي فرسٽريشن ۽ نفسياتي پيچيدگيون سالار جي ڪردار ۾ موجود آهن پر اهي داخلي منطق ۾ ڄڻ اڻپورائي جو شڪار آهن. سالار جي حالت پلاٽ اندر اڳواٽ بيان (define) ٿيل آهي. ناول ۾ narrative logic ڪمزور آهي جڏهن امرت شادي کان انڪار ڪري ٿي هو نفسياتي طور هيليوسينيشن ۽ شيزوفرينڪ ٿي وڃي ٿو سالار جو ان حالت ۾ يڪدم وڃڻ ۽ ان حالت مان ڇلانگ ڏئي نڪرڻ تعجب ۾ وجهندڙ صورتحال آهي.جيئن سالار ناول جي شروعات کان ئي وجودي بحرانن جو شڪار آهي ان لحاظ کان نفسياتي ۽ وجودي واقعن سان گڏ معنيٰ جي تلاش لاءِ ڪا واضح جدوجهد نٿو ڪري (genuine philosophical deconstruction of perception) بس هو صرف مصنوعي موت کان انڪار ڪندو رهي ٿو. وجوديت دنيا کي بي معنيٰ ۽ ان بي معنويت ۾ ئي معنيٰ تلاش ڪرڻ آهي جيڪا مڪالمن تائين ظاهر آهي... وجوديت ۾ ڀوڳنا ناهي هوندي پر ان جي خلاف جدوجهد بہ ٿيندي آهي جيڪا سالار وٽ اظهار جي شڪل ۾ آهي. هو ڪيفي کولي ٿو پر ان کي اڪيلو جدوجهد جو نالو نٿو ڏئي سگهجي. ان لحاظ کان ڪردار رد عمل ظاهر ( reaction-based) ڪندڙ آهي. سالار اديب، ڏاهي هُئڻ سان گڏ فريبي ۽ مڪار پڻ آهي. سالار جي شخصيت ۾ تضاد، خواهشون، خوف ۽ نفسياتي/وجودي بحران موجود آهن پر اهي مڪمل فطري هئڻ بدران ليکڪ جي مداخلت (Authorial Intrusion) سان متاثر ٿيندڙ حالتون آهن. سالار جي ڪردار ۾ psychological over-signification به موجود آهي يعني روايتي انسان هئڻ بدران هو هر وقت انٽليڪچوئل بڻيل آهي.

ذاتي خيال:
"زندگي هڪ بيڪار جذبو" جذبو عارضي ڪيفيت آهي. زندگي هڪ وسيع وجودي ۽ سماجي تجربو آهي، جڏهن ته جذبو انساني نفسيات جي هڪ مخصوص ڪيفيت آهي. ادب جو ڪم صرف مايوسي بيان ڪرڻ نہ، پر ان جي پيچيدگين کي نئين جمالياتي، فني ۽ فڪري صورت ۾ دريافت ڪرڻ بہ آهي. ناول اندر ان نالي جو ڀرم فڪري طور باقاعده آهي پر تخليقي طور ڪمزور آهي. ليکڪ شروع کان ئي ان ڳالھ تي زور ڏنو آهي تہ زندگي بيڪار آهي، ۽ پوءِ ڪردارن ۽ واقعن کي انهيءَ نتيجي جي حمايت لاءِ استعمال ڪيو آهي. جڏهن تہ ناول نتيجي کي واقعن مان جنم ڏيندو آهي، واقعن کي نتيجن جو غلام نہ هئڻ گهرجي. جيڪڏهن زندگي واقعي "بيڪار جذبو" آهي ته پوءِ سالار جي مسلسل محبت، يادگيرين، درد، تخليق، ڪيفي کولڻ، ماڻهن سان تعلق رکڻ ۽ موت کان انڪار ڪرڻ جي معنيٰ مان ڇا مراد آهي؟ ڪردار جا عمل خود عنوان جي دعويٰ جي ترديد ڪن ٿا.

Jawed Panhwar

ديبل پبلشرز پاران ترت ايندڙ عدنان سومري جو منفرد ناول.هيءُ ناول سرريئلزم، وجوديت ۽ رومانويت جي اهڙي سنگم مان گذري ٿو، جت...
10/05/2026

ديبل پبلشرز پاران ترت ايندڙ عدنان سومري جو منفرد ناول.

هيءُ ناول سرريئلزم، وجوديت ۽ رومانويت جي اهڙي سنگم مان گذري ٿو، جتي خواب ۽ حقيقت جي وچ واري سرحد ھوريان ھوريان ختم ٿي وڃي ٿي. هيءُ ناول اُنهن ماڻهن لاءِ لکيل آھي، جيڪي رات دير تائين جاڳندا آهن ۽ پوءِ به پنھنجي اندر جي گوڙ کان بچي ناهن سگهندا. هن ناول ۾ خاموشيون به ڳالهائِن ٿيون، يادون به زخمي ڪن ٿيون.

اڳواٽ ڪاپي بُڪ ڪرڻ لاءِ رابطو ڪريو.

Helpline: 03123467550, 0309 2539035

سنڌ ميوزم، حيدرآباد ۾ 23 ۽ 24 اپريل تي ديبل پبلشرز جو اسٽال پڻ موجود هوندو.
22/04/2026

سنڌ ميوزم، حيدرآباد ۾ 23 ۽ 24 اپريل تي ديبل پبلشرز جو اسٽال پڻ موجود هوندو.







ديبل پبلشرز پاران ترت ايندڙ سنڌ جي نامياري محققا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو نئون تحقيقي ڪتاب، جيڪو سنڌي ادب جي عظيم نثرنگ...
09/04/2026

ديبل پبلشرز پاران ترت ايندڙ سنڌ جي نامياري محققا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو نئون تحقيقي ڪتاب، جيڪو سنڌي ادب جي عظيم نثرنگار محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي فن ۽ فڪر تي هڪ جامع ۽ گھري مطالعي تي مشتمل آھي.
هن ڪتاب ۾ ليکڪا پاران محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ادبي خدمتن، ناول نگاري، فڪري لاڙن ۽ سماجي شعور جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي ۽ سندس شخصيت، ادبي سفر، ۽ سنڌي ادب ۾ سندس منفرد حيثيت کي تحقيقي انداز سان اجاگر ڪيو ويو آهي.

اڳواٽ ڪاپي بُڪ ڪرڻ لاءِ رابطو ڪريو.

Helpline: 03123467550, 0309 2539035

Address

Gadi Khato, Hyder Chowk
Hyderabad

Opening Hours

Monday 09:00 - 17:00
Tuesday 09:00 - 17:00
Wednesday 09:00 - 17:00
Thursday 09:00 - 17:00
Saturday 09:00 - 17:00
Sunday 09:00 - 17:00

Telephone

+923123467550

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Debal Publishers posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Debal Publishers:

Shortcuts

Share

Category