The Amun News دی امن نیوز

The Amun News  دی امن نیوز it is tv channel for news, current affairs & entertainment

ايراني پارليامينٽ اقوامِ متحده جي جوهري نگران اداري سان سهڪار معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔
25/06/2025

ايراني پارليامينٽ اقوامِ متحده جي جوهري نگران اداري سان سهڪار معطل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔

تھران(م.ر)ايراني سرڪاري ميڊيا ۽ خبرن جي اداري روئٽرز موجب، اسرائيل ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري تي حملو ڪيو، جنهن بعد ن...
16/06/2025

تھران(م.ر)ايراني سرڪاري ميڊيا ۽ خبرن جي اداري روئٽرز موجب، اسرائيل ايران جي سرڪاري نشرياتي اداري تي حملو ڪيو، جنهن بعد نشريات عارضي طور بند ٿي ويون.

اسرائيل پاران ’تهران جي فضا تي مڪمل ڪنٽرول‘ ۽  ميزائل لانچرن جي تباهي جو دعوواسرائيلي فوج جي ترجمان چيو آهي ته هن گذريل ...
16/06/2025

اسرائيل پاران ’تهران جي فضا تي مڪمل ڪنٽرول‘ ۽ ميزائل لانچرن جي تباهي جو دعوو

اسرائيلي فوج جي ترجمان چيو آهي ته هن گذريل هفتي شروع ٿيل حملي دوران ايران ۾ 120 کان وڌيڪ ميزائل لانچر تباهه ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي لڳ ڀڳ هڪ ٽيون حصو ٿين ٿا.

هن چيو ته ايئر فورس گذريل رات 20 کان وڌيڪ ميزائل لانچر تباهه ڪيا، ۽ اهو انهن لمحن کان ٿورو اڳ ٿيو، جڏهن اهي اسرائيل تي ميزائل فائر ڪرڻ وارا هئا.

هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل اصفهان ۾ 100 کان وڌيڪ فوجي هدفن کي نشانو بڻايو آهي. سندس چوڻ مطابق، ان مقصد لاءِ لڳ ڀڳ 50 جنگي جهاز استعمال ڪيا ويا، جن ميزائل جي ذخيري، لانچر ۽ ڪمانڊ سينٽرن کي نشانو بڻايو.

اسرائيلي فوج هي به دعوو ڪيو آهي ته اسرائيل وٽ تهران جي فضا تي مڪمل ڪنٽرول موجود آهي۔

دي امن نيوز(M.N)جمعي کان جاري حملن ۾ هينئر تائين ايران ۾ گهٽ ۾ گهٽ 224 شهري جڏهن ته اسرائيل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ماڻهو مارجي چ...
16/06/2025

دي امن نيوز(M.N)جمعي کان جاري حملن ۾ هينئر تائين ايران ۾ گهٽ ۾ گهٽ 224 شهري جڏهن ته اسرائيل ۾ گهٽ ۾ گهٽ 24 ماڻهو مارجي چڪا آهن۔

29/03/2025
اسرائیل کے لبنان کے مختلف علاقوں پرحملےحزب اللہ نے حسن نصراللہ کےشہیدہونے کی تصدیق کردی،اے ایف پی
28/09/2024

اسرائیل کے لبنان کے مختلف علاقوں پرحملے
حزب اللہ نے حسن نصراللہ کےشہیدہونے کی تصدیق کردی،اے ایف پی

اسلام آباد(م ڊ) لیفٹیننٹ جنرل جناب محمد عاصم ملک ڈی جی آئی ایس آئی تعینات کر دیئے گئے۔لیفٹیننٹ جنرل عاصم ملک 30ستمبر کو ...
24/09/2024

اسلام آباد(م ڊ) لیفٹیننٹ جنرل جناب محمد عاصم ملک ڈی جی آئی ایس آئی تعینات کر دیئے گئے۔
لیفٹیننٹ جنرل عاصم ملک 30ستمبر کو اپنی نئی ذمہ داری سنبھالیں گے.

24 مارچ 2024 آچر جي ڏينھن انجمن اماميه سنڌ جي مير حسن مري ھال ۾ 21 رمضان المبارڪ جي سلسلي م  انجمن اماميه سنڌ جي معزز سر...
25/03/2024

24 مارچ 2024 آچر جي ڏينھن انجمن اماميه سنڌ جي مير حسن مري ھال ۾ 21 رمضان المبارڪ جي سلسلي م انجمن اماميه سنڌ جي معزز سرپرست صاحبان و معزز ميمبرن جي گڏجاڻي منعقد ٿي
جنھن ۾ سرپرست محترم مرزا عاشق علي بيگ صاحب
سرپرست محترم سيد غلام عباس شاھ صاحب
سرپرست محترم مرزا صادق علي بيگ صاحب
سرپرست محترم سيد غلام اڪبر شاھ صاحب
۽
انجمن جي سينئر ميمبر صاحبان مان محترم مرزا قزلباش بيگ صاحب، محترم مرزا علي احمد بيگ صاحب،
محترم مرزا غلام مرتضي بيگ صاحب
محترم سيد شير علي شاھ صاحب
محترم مرزا برجيس قدر صاحب، ۽ ٻين معزز ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.

10/03/2024

فلسطین

اخباري غلطين جي درستگيمغوي نينگر ثمرت ڪمار کي شڪارپورَ پوليس بازياب ڪرائي ورتو.تحرير؛ صراط بلوچ******************اڄ اسان...
29/05/2023

اخباري غلطين جي درستگي
مغوي نينگر ثمرت ڪمار کي شڪارپورَ پوليس بازياب ڪرائي ورتو.

تحرير؛ صراط بلوچ
******************
اڄ اسان روزاني سنڌ ايڪسپريس اخبار ۾(29 مئي تي) چپيل مٿين سرخي واري خبر بابت لکت جي غلطين جو جائزو وٺنداسين.

حيدرآباد (نمائندن وٽان) ڪنڌ ڪوٽ مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم ثمرت ڪمار کي شڪارپور پوليس بازياب ڪرائي ورتو.
ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم نينگر ثمرت ڪمار کي خانپور جي ڪچي مان پوليس بازياب ڪرائي ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ ڳالهائيندي چيو ته ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿيل نينگر ثمرت ڪمار کي خانپور جي تعلقي جي ڳڙهي تيغو جي ڪچي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي. ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ هو ته بازياب ٿيل ثمرت ڪمار کي شڪارپور پهچايو ويو آهي. جتان نينگر کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. نينگر جي بازيابي تي پوري سنڌ ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي. ياد رهي ته ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿيل ثمرت ڪمار جيڪو گهر ٻاهران اغوا ٿي ويو هو. جنهن جي بازيابي لاءِ وارثن توڙي سياسي، سماجي، سول سوسائيٽي جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرا ڪري احتجاجي ڪئمپ لڳائي هئي. ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ ڪوششن سان نينگر ثمرت ڪمار ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي ورتو. انهي کان نينگر جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ جي مختلف ڪنڌ ڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر، خيرپور، حيدرآباد ڪشمور، سکر، تنگواڻي، راڌڻ، ٺٽو، نصيرآباد، ڄامشورو، شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

مٿين خبر ۾ مختلف هنڌن تي گرامر جون غلطيون ڪيون ويون آهن جنهن جي ڪري ٻوليءَ جي سونهن سان گڏوگڏ جملن جي مفهوم جو پڻ بگاڙ پيدا ٿيو آهي. خبر پنج سرخين تي مبني آهي جنهن مان اسان صرف پهرين سرخي کنئي آهي باقي اڳتي خبر جي تفصيل ڏني آهي اچو ته ان تفصيل جو جائزو وٺندي ڪجهه نشاندهيون ڪيون.
1.
حيدرآباد (نمائندن وٽان) ڪنڌ ڪوٽ مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم ثمرت ڪمار کي شڪارپور پوليس بازياب ڪرائي ورتو.
ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم نينگر ثمرت ڪمار کي خانپور جي ڪچي مان پوليس بازياب ڪرائي ورتو .

هي ٻئي جملا لاڳيتو ورجاءُ واري انداز ۾ آهن جيڪي نه هجڻ گهرجن ها ٻئي جملي کي الڳ انداز سان لکڻ کپندو هو. جيڪي هيٺين طرح ٿي پئي سگهيو،
مغوي نينگر ثمرت ڪمار کي شڪارپور پوليس، خانپور جي ڪچي مان بازيو ڪرائي چڪي آهي.

2
ان سلسلي ۾ ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ ڳالهائيندي چيو ته ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿيل نينگر ثمرت ڪمار کي خانپور جي تعلقي جي ڳڙهي تيغو جي ڪچي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي.

هن جملي ۾ ايس ايس پي جي ڳالهه ٻولهه کي بيان ڪيو ويو آهي ته،
ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ ڳالهائيندي چيو ته ان ۾ *ميڊيا سان* ڳالهائيندي لکڻ کپندو هو. جملي جي آخر ۾ *بازياب ڪرائي ورتو آهي* مبهم معني رکندڙ اختتام آهي جنهن مان خبر نٿي پوي ته ايس ايس پي صاحب پوليس جي لاءِ چوي پيو يا پنهنجي لاءِ چوي پيو ته ٻار کي *بازياب ڪرائي ورتو آهي*. تنهن ڪري هتي وڌيڪ بهتر هو ته لکجي ها *بازياب ڪرايو ويو آهي*.

3
ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ هو ته بازياب ٿيل ثمرت ڪمار کي شڪارپور پهچايو ويو آهي، جتان نينگر کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.
مٿين بيان کي هن طرح لکيو وڃي ها، *ايس ايس پي شڪارپور جو وڌيڪ چوڻ هو ته بازياب ڪرايل ثمرت ڪمار کي شڪارپور آڻڻ بعد کيس وارثن حوالي ويو آهي.*

4
نينگر جي بازيابي تي پوري سنڌ ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي.
هن جملي کي زمان ماضي بجاءِ زمان حال ڪامل ۾ لکڻ کپندو هو.
نينگر جي بازيابيءَ تي پوري سنڌ ۾ خوشيءِ جي لهر ڇائنجي چڪي آهي.

5
ياد رهي ته ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿيل ثمرت ڪمار جيڪو گهر ٻاهران اغوا ٿي ويو هو. جنهن جي بازيابي لاءِ وارثن توڙي سياسي، سماجي، سول سوسائيٽي جي اڳواڻن احتجاجي مظاهرا ڪري احتجاجي ڪئمپ لڳائي هئي.

مٿين ٻنهي جملن کي نحوي درستگي جي ضرورت آهي.
ياد رهي ته ڪنڌ ڪوٽ مان اغوا ٿيل ثمرت ڪمار جنهن کي سندس گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو تنهن جي بازيابي جي لاءِ وارثن توڙي، سياسي، سماجي ۽ سويل سوسائيٽيءَ جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرن کان علاوه احتجاجي ڪئمپ پڻ لڳائي وئي هئي.

6 ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ ڪوششن سان نينگر ثمرت ڪمار ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي ورتو.

ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ جي ڪوششن سان نينگر ثمرت ڪمار کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو ويو آهي.

7
انهي کان نينگر جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ جي مختلف ڪنڌ ڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر، خيرپور، حيدرآباد ڪشمور، سکر، تنگواڻي، راڌڻ، ٺٽو، نصيرآباد، ڄامشورو، شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

ثمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ جي مختلف شهرن ڪنڌ ڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبر، خيرپور، حيدرآباد، ڪشمور، سکر، تنگواڻي، راڌڻ، ٺٽو، نصيرآباد، ڄامشورو ۽ مختلف ٻين شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا پڻ هنيا ويا هئا.

29/04/2023

اعظم پٽي سنڌي ادبي سنگت مرڪزي خزانچي جي محترم پريل دايو جي گمشدگي تي سنڌي ادبي سنگت پاران احتجاج جي حڪمت عملي بابت گفتگو

Address

Sindh

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when The Amun News دی امن نیوز posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share