Sindhi rani news dadu

Sindhi rani news dadu This pages for resolve social issues human rights

13/08/2026
28/07/2026

دادو افسوس سان
چوڻو ٿو پئي ته دادو اندر بجليء جي ڊگھي لوڊ شيٽنگ سبب شھري سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا جيڪڏھن بجليء اچي به ٿي ته صرف اڌ ڪلاڪ وري چار ڪلاڪ گم ٿي وڃي ٿي دادو شھرين وفاقي جي اداري کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته دادو جي واپڊا عملي جو نوٽس وٺي ته جئين شھري سڪون سان رھي سگھن
စာတို

ھينئر جوھي بئراج واري ھوٽل تي اڌ ڪلاڪ دوران 8 ڪاٺ سان ڀريل ٽراليون گذري ويون پوليس ونڊ وٺي آشيرواد ڏئي ڇڏي ٿي ڏئي
26/07/2026

ھينئر جوھي بئراج واري ھوٽل تي اڌ ڪلاڪ دوران 8 ڪاٺ سان ڀريل ٽراليون گذري ويون پوليس ونڊ وٺي آشيرواد ڏئي ڇڏي ٿي ڏئي

جيستائين زرداري زنده آهي تيستائين سنڌ سان ائين ظلم جبر ڏاڍ اغوا ڪاريون ڪيئنال زمينن تي قبضا ڪون رڪبا ڇوجو تخت تي يزيد فر...
23/07/2026

جيستائين زرداري زنده آهي تيستائين سنڌ سان ائين ظلم جبر ڏاڍ اغوا ڪاريون ڪيئنال زمينن تي قبضا ڪون رڪبا ڇوجو تخت تي يزيد فرون قارون ۽ نمرود ويهاريا ويا آهن هڪ جائز مطالبو هيو ته سنڌ ۾ پريا ڪماري سميت جيڪي به معصوم ٻار اغوا ٿيا آهن انهن کي آزاد ڪيو غريب بي وس ماڻهن جو آخري آپشن احتجاج ئي هوندو آ پر هاڻي احتجاج جو به حق کسيو ٿو وڃي پنهنجن درٻاري ۽ ڪمدار رکيل پوليس آفيسرن ذريعي سنڌ جي مظلوم ماڻهن تي پوليس جي هٿان تشدد ڪرايو پيو وڃي
شيم سنڌ گورمنٽ شيم برحال پيپلن جو زوال اهڙو ايندو جو دنيان ڏسندي

09/07/2026

دادو: جوهي تعلقي جي ڳوٺ مزار خان جمالي جي رهواسي بشير احمد جمالي جي دادو پوليس خلاف پريس ڪانفرنس

جوهي تعلقي جي ڳوٺ مزار خان جمالي جي رهواسي بشير احمد جمالي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته مخالف ڌر سندن زمين تي قبضو ڪرڻ جي نيت سان پوليس جي مبينا سهڪار سان کين مسلسل هراسان ڪري رهي آهي،

هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس بنا جواز سندن گهرن ۾ داخل ٿي عورتن ۽ گهرڀاتين کي پريشان ڪيو، جڏهن ته گهر مان موٽرسائيڪلون، لائسنس يافته هٿيار ۽ ٻيو سامان پڻ کڻي وئي،

بشير احمد جمالي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندن ٻه ڄڻا، غلام شير جمالي ۽ امداد جمالي، ٽن ڏينهن کان پوليس جي تحويل ۾ آهن، پر اڃا تائين سندن بابت ڪا ڄاڻ نٿي ڏني وڃي، جنهن سبب کين سخت ڳڻتي آهي ته متان سندن سان ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي،

هن دادو جي ايس ايس پي صدام خاصخيلي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي سندن گرفتار ٿيل ماڻهن ۽ ضبط ڪيل سامان کي واپس ڪرايو وڃي، سموري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ کين انصاف فراهم ڪيو وڃي،

سنڌ ھاءِ ڪورٽ وڻن جي واڍي تي پابندي لڳائي ڇڏي ،ايس ايس پي دادو جو عوامي آگاهي لاءِ پيغام
02/06/2026

سنڌ ھاءِ ڪورٽ وڻن جي واڍي تي پابندي لڳائي ڇڏي ،ايس ايس پي دادو جو عوامي آگاهي لاءِ پيغام

*دادو ۾ ترقياتي ڪم شروع ٿيندي ئي ڪرپشن جو شڪار ٿي ٿا وڃن 🚫دادو MNA ۽ MPA اسيمبلين مان محنت ڪري دادو جي خوبصورتي جي لاء ...
02/06/2026

*دادو ۾ ترقياتي ڪم شروع ٿيندي ئي ڪرپشن جو شڪار ٿي ٿا وڃن 🚫
دادو MNA ۽ MPA اسيمبلين مان محنت ڪري دادو جي خوبصورتي جي لاء ڪروڙن جو اسڪيمون منظور ڪرائن ٿا پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ته اوھي اسڪيمون شروع ٿيندي ئي ڪرپشن جي ور چڙھي ٿيون وڃن انجنير ٺيڪيدار ملي ڪري ان اسڪيمن ۾ ڪرپشن ڪري ٿرڊ ڪلاس مٽيريل استعال ڪري اسڪيمون تباھ ڪري ٿا ڇڏن !!
تازو ئي دادو جي خوبصورتي لاء روڊن تي سولر لائيٽ لڳائڻ جو ڪم ھلندڙ آھي پر ٿرڊ ڪلاس ڪوائيلٽي جو سولر لائيٽ لاڳايون پيون وڃن جيڪي لڳڻ سان ئي خراب ٿينديون ٿيون وڃن
چوڻ جو مقصد اھو آھي ته MNA ۽ MPA جيڪي محنت ڪري اسڪيمون منظور ڪرائن ٿان انھن اسڪيمن جي پاڻ مالڪي ڪن ھي انجنير ٺيڪيدارن تي اک رکي وڃي جئين انھن اسڪيمن ۾ سٺو سامان استعمال ڪيو وڃي ۽ اسڪيمون سٺي نموني ھلي سگھن*

Sindhi rani news dadu

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindhi rani news dadu posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category