14/04/2025
*ڪوچ ۾ هلندي هلندي نڪاح*
*جاويد حالتي*
*چونڊ: سھراب سنڌي*
گهڻا سال اڳ جو سچو داستان آ بليو لائن ڪوچ لاڙڪاڻي کان ڪراچي لاِء اڏي تان رواني ٿي . گاڏي هلي ڊرائيور ۽ ٻئي اسٽاف به سفر جون دعائون گهري شوڪارا هڻي گاڏي وڏي روڊ تي چاڙهي. مسافر به پرسڪون هيا ته اوچتو هڪ سفيد ڪپڙا پهريل هڪ بزرگ اٿي بيهي رهيو۽ پرسوز آواز ۾ چوڻ لڳو .
مسافر ڀائرو آئون پينو نه آهيان مالڪ سڀ ڪجهه نوازيو مون واري گهر واري هڪ مرض ۾ هي جهان پلاڻي وئي ۽ ڪجهه ڏينهن ٿيندا جو باهه لڳڻ سبب مون وارو ڪارخانو به سڙي ويو .مان ايڪسپورٽ امپورٽ جو ڪاروبار ڪندو هان . پر مون وارو سامان سمورو سڙي رک ٿي ويو .
بيٺي جو سڀ ڪو ڪرئي جو ڪوئي نه .سڀ تعلق ڪٽي ويا. دل جو دورو پيو .ڊاڪٽرن جواب ڏنو آ . پر هن نياڻي لاِء آئون پريشان هان .ڪوئي سٺو رشتو ملي ته آئون هي بار لاهڻ چاهيان ٿو اڳتي الائي ڇا حياتي... اها جوان ڇوڪري ان سان گڏ هئي پوِء اٿي بيٺي ۽ هن سهارو ڏئي بزرگ کي ويهاريو .
پويان سيٽ تان آواز آيو منهنجا ٻه پٽ آهن هڪ ڊاڪٽر آهي جنهن جي شادي ٿي چڪي آ ۽ اڳيان هڪ ويٺو آهي اهو انجنيئر آهي .اهو رشتو ان لاِء منظور آ . سڄي بس واهه واهه ڪئي . ڪجهه گهڙيون اڳ سڀ اداس ٿي ويا هيا پر هاڻ سڀ ٻهڪي پيا .
اتي بس ۾ هڪ مولانا به ويٺو هيو جنهن چيو ته دير ڇا جي هاڻ ئي نڪاح پڙهون ٿا . بزرگ به انڪار ڪين ڪيو نه ڇوڪري ۽ نه نوجوان انجنيئر . نڪاح پڙهجي ويو مبارڪن جا ڌوڙيا هيا .
28 نمبر سيٽ تي هڪ ٻيو بزرگ به ويٺو هيو اهو اٿي بيٺو ۽ چيائين ته خوشي جو موقعو آ. مان پنهنجي ٻچن لاِء هي مٺائي ورتي هئي پر هن ڀلي موقعي کان وڌيڪ ڀلو موقعو ڪو ٻيو نه هوندو. مٺائي به ورهائجي وئي جيڪا سڀني ٻه ٻه ڀيرا کاڌي .
جيئن جيئن مٺائي کائيندا ويا تيئن تيئن ئي سڀ بيهوش ٿيندا ويا پوِء بزرگ ان جي نياڻي انجنيئر ۽ ان جي پي . مولانا ۽ مٺائي واري ڪاروائي ڪئي ۽ ڊرائيور تي ڪنٽرول ڪري سمورن مسافرن جو سامان ٻهاري ويا . 😃😃😃
اهو ڪوچز جي دنيا جو منفرد واقعو هيو جنهن بعد ٽڪيٽ تي لکيو ويو ته ڪوئي به ڪنهن کان ڪا شي وٺي نه کائي.