Mazak Masti Page

Mazak Masti Page Daily News Hyderabad 24 Hours Update Local News Current Affairs Community update Breaking News

پنياري ٿاڻي جي حدن اندر صائمه پلازا ڀرسان نامعلوم جوابدارن عطا الله مگسي نالي شخص تي چاقوئن سان حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪر...
11/07/2026

پنياري ٿاڻي جي حدن اندر صائمه پلازا ڀرسان نامعلوم جوابدارن عطا الله مگسي نالي شخص تي چاقوئن سان حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جڏهن ته زخمي کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن ۽ فرار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ جاچ ۽ ڪارروائي جاري آهي

مڪي شاھ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدارن جو تعلق بين الصوبائي ڌاڙيل گينگ سان هجڻ ظاهرٿاڻي مڪي شاھ جي حدن اندر ڪينٽ قبرس...
11/07/2026

مڪي شاھ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدارن جو تعلق بين الصوبائي ڌاڙيل گينگ سان هجڻ ظاهر

ٿاڻي مڪي شاھ جي حدن اندر ڪينٽ قبرستان ڀرسان ٿيل پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ مزمل ولد محمد رزاق ۽ دلشاد ولد محمد رزاق طور ٿي آهي، جن جو تعلق پنجاب صوبي جي شهر گوجرانوالا سان ٻڌايو ويو آهي.

شروعاتي جاچ موجب مارجي ويل جوابدار هڪ بين الصوبائي ڌاڙيل گينگ جا سرگرم ميمبر هئا، جيڪي پنهنجي عورت ساٿين سان گڏ گهرن ۾ رهندڙ عورتن، خاص طور تي عورت ڊاڪٽرن کي نشانو بڻائي ڦرون ڪندا هئا. گينگ هٿيارن جي زور تي سون جا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦرڻ سميت مختلف ڏوهن ۾ ملوث رهيو آهي.

جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته هي گينگ حيدرآباد سميت مختلف علائقن ۾ 35 کان وڌيڪ وارداتن ۾ ملوث رهيو آهي، جن مان ڪيترين ئي وارداتن جون سي سي ٽي وي فوٽيجز حيدرآباد پوليس حاصل ڪري ورتيون آهن.

جاچ دوران سامهون آيل ڪجهه اهم وارداتن جا تفصيل هن ريت آهن:

• 8 اپريل 2026 تي ٿاڻي ڀٽائي نگر جي حد گلستان بختاور ۾ فريادي شاهه فيصل جي والده کان هٿيارن جي زور تي تقريبن 5 تولا سون جا زيور ڦر ڪيا ويا. ان حوالي سان ڪرائيم نمبر 111/2026 ه

نسيم نگر پوليس جي بروقت ڪامياب ڪارروائي، عورتن ذريعي تيار ٿيل مين پوري ۽ خام مال جي سپلاءِ ناڪام، ٻن عورتن سميت 3 جوابدا...
09/07/2026

نسيم نگر پوليس جي بروقت ڪامياب ڪارروائي، عورتن ذريعي تيار ٿيل مين پوري ۽ خام مال جي سپلاءِ ناڪام، ٻن عورتن سميت 3 جوابدار گرفتار

ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو ۽ ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ جي هدايتن تي حيدرآباد پوليس پاران گٽڪا ۽ مين پوري سپلائرز خلاف جاري ڪارروائين دوران نسيم نگر پوليس اهم ڪاميابي حاصل ڪندي ڄامشورو کان حيدرآباد ڏانهن خام مال ۽ تيار ٿيل مين پوري جي سپلاءِ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.

چيڪ پوسٽ نسيم نگر جي انچارج انسپيڪٽر بينظير جمالي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڳجهي اطلاع تي نسيم نگر جي حدن ۾ طارق روڊ، قائداعظم پارڪ ڀرسان ڪارروائي ڪندي ٻن عورتن ۽ هڪ مرد سپلائر کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ صائمه بروهي، شازيه قريشي ۽ بڊل بلوچ طور ٿي آهي.

پوليس موجب گرفتار جوابدار سفري بيگن ذريعي ڄامشورو کان حيدرآباد جي نسيم نگر ۽ ٻين علائقن ڏانهن خام مال ۽ تيار ٿيل مين پوري جي سپلاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان 3 سفري بيگ هٿ ڪيا ويا، جن مان 300 تيار ٿيل مين پوريون ۽ 60 ڪلوگرام خام مال مين پوري برآمد ڪئي وئي، جڏهن ته سپلاءِ لاءِ استعم

04/07/2026

*حیدرآباد میں ایل پی جی کی من مانی قیمت پر فروخت کیخلاف رکشہ ڈرائیورز کا احتجاج*

*رکشہ ڈرائیورز کا رکشے کھڑے کرکے سلینڈر ہاتھ میں اٹھائے احتجاج, احتجاج سائٹ ایریا میں فتح چوک کے قریب کیا گیا*

*ایل پی جی کی فی کلو سرکاری قیمت 241 روپے مقرر ہے, شہر میں فی کلو ایل پی جی 500 روپوں سے زائد فروخت ہورہی ہے, مہنگی ایل پی جی بھرواکر رکشہ چلانا اور اخراجات نکالنا ناممکن ہوگیا ہے, انتظامیہ ایل پی جی کی سرکاری قیمت پر فروخت کو یقینی بنائے، رکشہ ڈرائیور*

29/06/2026

وڪيل وھاب منشي جو موقف
حيدرآباد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) جي مبينا متنازعه نتيجن خلاف متاثر اميدوارن ۽ شاگردن طرفان گڏيل طور تي احتجاجي مارچ ۽ ڌرڻو هنيو ويو.

27/06/2026

*موجودہ حالات کے پیشِ نظر حیدرآباد پولیس الرٹ*

ایس ایس پی حیدرآباد شاہزیب چاچڑ کی خصوصی ہدایات پر حیدرآباد پولیس کو ہائی الرٹ کر دیا گیا ہے

شہر بھر میں پولیس کی بھاری نفری اسنیپ چیکنگ، ناکہ بندی اور مؤثر گشت میں مصروف ہے، جبکہ داخلی و خارجی راستوں سمیت اہم، حساس اور عوامی مقامات پر چیکنگ کے عمل کو مزید مؤثر بنایا گیا ہے

شہریوں کے جان و مال کے تحفظ اور امن و امان کی فضا برقرار رکھنے کے لیے تمام دستیاب وسائل بروئے کار لائے جا رہے ہیں

حیدرآباد پولیس شہریوں سے اپیل کرتی ہے کہ کسی بھی مشکوک سرگرمی یا فرد کی فوری اطلاع قریبی پولیس اسٹیشن یا ہیلپ لائن پر دیں اور پولیس سے مکمل تعاون

27/06/2026

حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌ پالاري اتحاد جي اڳواڻن ڊاڪٽر علي دوست پالاري، عبدالرشيد پالاري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته قاسم آباد جي بااثر بلڊرن ڊاڪٽر ساجد ميمڻ، عثمان ميمڻ ۽ مصطفيٰ جتوئي شجاع پالاري ڳوٺ جي ٻن ليز ٿيل ۽ رجسٽرڊ پلاٽن تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته نسيم نگر پوليس پوسٽ ڀرسان واقع صديون پراڻي ڳوٺ جا 600 فوٽ وارا ٻئي پلاٽ ڪچي آبادي تحت ليز ٿيل آهن ۽ معاملو عدالت ۾ زيرِ سماعت آهي. سندن چوڻ هو ته عدالت جي فيصلي کان اڳ جيڪڏهن پلاٽن تي اڏاوت يا قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ته سخت احتجاج ڪندي قومي شاهراهه بند ڪئي ويندي.

صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو پاران يومِ عاشور جي مرڪزي جلوس جي انتظامن جو جائزوحيدرآ...
26/06/2026

صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو پاران يومِ عاشور جي مرڪزي جلوس جي انتظامن جو جائزو

حيدرآباد: يومِ عاشور جي موقعي تي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو شهر جي مرڪزي ماتمي جلوس جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو.

ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ هما نقوي، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن فياض احمد عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ، ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميونسپل ڪمشنر ظهور احمد لکڻ سميت لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.

وفد انجمن حيدري جي انتظام هيٺ نڪرندڙ قديمي مرڪزي جلوس جي منتظمن محمد نواز ڀٽو، رضا ايراني، فرزاد رضا ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ۽ سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي، نيڪالِ آب، روشني سميت ٻين انتظامن جو جائزو ورتو.

يومِ عاشور جي مرڪزي ماتمي جلوس ۾ لکين عزادارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته سيڪيورٽي ۽ بلدياتي ادارن جي گڏيل ۽ مؤثر حڪمتِ عملي سبب جلوس جا انتظام پرامن ۽ منظم انداز سان جاري رهيا

25/06/2026

حيدرآباد رپورٽ حسين پالاري
ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو جي 9 محرم الحرام جي مرڪزي جلوس ۾ شرڪت

حيدرآباد: ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو اڄ لطيف آباد ۾ 9 محرم الحرام جي مرڪزي جلوس جي موقعي تي 12 ربيع الاول گيٽ تي شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سندس ساڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ محترمه هما نقوي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فيصل عبدالجبار خان، حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ميونسپل ڪمشنر ظهور احمد لکهن، حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر طفيل احمد ابڙو ۽ ٻيون معزز شخصيتون پڻ موجود هيون.

جلوس جي منتظمن ميئر حيدرآباد کي جلوس جي رستن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

منتظمن حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ ۽ حيدرآباد واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن طرفان ڪيل بهترين انتظامن ۽ خدمتن تي ٿورا مڃيا.

ان موقعي تي ميئر حيدرآباد ڪاشف علي شورو منتظمن کي يقين ڏياريو ته جلوس جي شرڪت ڪندڙن جي سهولت، صفائي سٿرائي، روشني، پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين بلدياتي معاملن لاءِ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل طور تي سرگرم آهن.

25/06/2026

پهرين محرم الحرام کان ڏھ محرم الحرام
مجلسِ عزا عشرہِ محرم الحرام جو سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو۔ جنهن ۾
خطابت: اوشاق علي آمر
خطابت: علامہ سید محمد مصطفیٰ شاہ موسوی
خطابت: علامہ سید خلیق شاہ صاحب ڪن ٿا ۽ جڏهن ته
قصيداں خواني محترم اڪرام الدین شیخ ۽ محترم فراز ڪربلائی ڪن ٿا۔ جڏهن ته
سڪيورٽي انتظام ترجمان امام بارگاھ ڪميٽي و چيف اسڪائوٽ غياث سولنگي جي زيرِ نگراني امام سجاد اور امامیہ اسڪائوٽس سنڀالين ٿا۔
مجلس عزا امام بارگاھ امام سجاد ع، گلستان سجاد قاسم آباد حيدرآباد پنهنجي ڄاڻايل شيڊول مطابق ٿيندي آهي۔
هر سال وانگر هن سال به سالياني محرم الحرام مجلس ۾ امام حسين عليه سلام جي اسلام لاءِ بي مثال قرباني جو ذڪر وڏي عقيدت ۽ احترام سان ڪيو ويندو آهي۔ مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جي پرچار کي عام ماڻهوءَ تائين نيڪ روشن ڪرڻ واسطي عالم دين امام حسين عليه سلام جي تعليمات تي زور ڏين ٿا۔

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mazak Masti Page posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share