
04/01/2025
حر جماعت کي پنهنجي طريقن تي غور ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
. . . . . . فقير........
اسان جي جماعت جي خاص اصولن ۾ ڪجھ اصول اهڙا آهن جيڪي اسان کي منفرد ڪن ٿا.انهن مان سڀ کان پهرئين سنت جي پيروي ڪرڻ آهي. ان جي روشني ۾ اسان کي ڪارا ڪپڙا ناهن پائڻا،ڪارا ڌاڳا نه ٻڌڻا آهن ڪارا بوٽ به ناهن پائڻا.، دهل شرنايون ناهن وڄائڻيون نه ئي ٻڌڻيون آهن. ناچ گانون به اسان وٽ ممنوع آهي.اسان جي جماعت جو وڏو خاصو اهو آهي ته، ذات پات جي چڪر کان پري آهيون.اسان جي جماعت ۾ صبح جي نماز مهل چار تسبيحون ذڪر ۽ سج لٿي جي نماز کان پوء چار تسبيحون ذڪر ڪرڻ آهي جيڪا طريقي جي سڃاڻ آهي. ۽ ٻيون ڪيتريون خصوصيتون اسان جي جماعت لاء طرئه امتياز آهن.ان سان گڏ اسان وٽ مرشد هڪ ئي هوندو آهي،پورو خاندان نه.انهن جي عزت لازم آهي. ڀيڄ پاڳارو جو نعرو به صرف مرشد لاء آهي.
اهڙين خوبين جي باوجود اسان جي جماعت کي ڇا ٿيو آهي؟جو هر خرافات اسان ۾ گهر ڪري وئي آهي افسوس جو مقام آهي جو ديشين جي صحبت ۾ اچي، پنهنجي مر شد هادي لاء به اهڙيون وڊيوز ٺاهڻ لڳا آهيون .افسوس صد افسوس.
هينئر جيڪا سورهيه بادشاه ، ڇٽ ڌڻي بادشاه ۽ موجوده سهڻي پيرسائين جي وڊيو ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ واضح ڏيکاريو ويو آهي ته سورهيه بادشاه پنهنجي فرزند کي ڇڏي ڪري موجوده سان پيو ملي. آخر ان ۾ ڇاجي عڪاسي ڪئي وئي آهي؟ ياد ڪجو اسان وٽ اهو باور ڪرايو ويو آهي ته سورهيه بادشاه فرمايو هيو ته مان ڪاري ڏاڙهي ۾ وڃان پيو ۽ اڇي ڏاڙهي ۾ واپس ايندس. اهڙو ڪو به بيان نه آهي جنهن کي سورهيه باد شاه ڏانهن منصوب ڪيو ويو آهي. اصل ۾ اهو ڇٽ ڌڻي بادشاه جي شخصيت ۽ ان سموري ڪردار کي مشڪوڪ بنائڻو آهي. اسان اهو هرگز قبول نه ڪندا سين. اسان ۾ ڪجھ عجيب قسم جا مفروضا به عام جام آهن ان ڪري اسان ماڻهن کي اها اميد رکڻ گهرجي ته اهڙي قائد کان اهڙيون ڳالهيون سر زد ٿي سگهن ٿيون. خدارا خود غور ڪيو ۽ تحقيق پڻ.غور ڪيو جماعتيو اهو سرواڻ سورهيه بادشاه کان پوء ڇٽ ڌڻي باد شاه ئي هيو جنهن جي 60 سال جي اڻ ٿڪ محنت ھئي جو ٽٽل ڦٽل جماعت کي سموهي هڪ مالها تيار ڪئي، حر اسڪالر جو اجراء ڪرائي غريبن کي پڙهڻ ۾ مدد ڏني، ديني حوالي سان پاڻ مدرسن جي کولڻ ۾ جماعت ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو ،انگريزن ۽ ديسي دلالن طرفان جماعت تي ڪيس هيا جن کي ختم ڪرائي جماعت کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرائي نارمل زندگي گزارڻ جو موقعو فراهم ڪيو. اسان جي جماعت جي ماڻهن کي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ موڪليو ۽ حڪومتن ٺاھڻ جي قابل بڻايو، ۽ هڪ ووٽ تي توهان جو جماعتي وزير اعظم ٿيو. اسان جمات اڪثريتي لحاظ سان خوشحال آهيون.اسان کي شڪر ڪرڻ گهرجي. ان سهڻي ڇٽ ڌڻي باد شاه جو. جنهن اسان اڻ پڙهيلن کي شعور ڏئي قومي ڌارا ۾ آندو .اهان وڊيو جنهن به ٺاهي آهي ان جماعتي نظام سان بغاوت ڪئي آهي. ان کي گهرجي ته اها وڊيو سسٽم تان ڊليٽ ڪري ۽ پنهنجي ان ڪڌي عمل تي جماعت کان معافي وٺي. ۽ ها اسان جي جماعت جو جو پنهنجو الڳ ٿلڳ اصول آهي ۽ اسان جي مرشدن جي جيڪا پاليسي هوندي آهي اسان کي ان سان هلڻ گهرجي. ۽ پنهنجي ذهن مان ديشيت وارو خناس ڪڍي ڇڏي. اهو ان ڪري ته اسان جي اڳواڻن مرشدن ڪريمن اهڙي ذهنيت جي ۽ اهڙي حرڪت جي ڪڏهن به حمايت ناهي ڪئي.
جيڪي اهڙي سوچ رکي پير سائين ڇٽ ڌڻي جي باري ۾ ذهن ٺاهي اها وڊيو ٺاهي آهي ته منهنجي طرفان انهن کي دعوت فڪر ڏجي ٿي ته اوهان تاريخ ۾ پوئتي وڃو ۽ ڏسو ته ڇا پير سائين ڇٽ ڌڻي بادشاه ۾ روزي ڌڻي کان وٺي سورهيه باد شاه جي وقت تائين سڀني جو منجهن عڪس نه آهي. ذرا حالات جو جائزو وٺو ۽ مرشدن سان حقيقي محبت جو دم ڀريو.
سورهيه بادشاه جي ايم سيد جي پاليسي سان اختلاف رکندو هيو ۽ اوهان وري ان جي لولن لنگڙن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا آهيو.
وڌيڪ پوسٽون شيئر ڪريو جيئن پوري جماعت سڳوري تائين پهچي..