18/09/2026
احتجاج!!
قاسم آباد مختيارڪار فرحان جتوئي جي ڪرپشن، بدمعاشين، ۽ غيرقانوني زميني کاتن ۾ هيرڦار ڪرڻ خلاف ستاف ضلعي حيدرآباد جي شاگردن جو ستاف مرڪزي ڊپٽي آرگنائيزر ڪامريڊ عرفان بروھي، ستاف ضلعي چيف آرگنائيزر توقير شيخ، ۽ ڊپٽي آرگنائيزر ميثم ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو.
احتجاج ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ته سياسي بنيادن تي فرحان جتوئي جهڙا مقرر ٿيندڙ آفيسر پاڻ کي ادارن جا والي وارث سمجهن ٿا. جن وٽ عام ماڻهوءَ جي ڪابه حيثيت ناهي، غريب مسڪين ماڻهون جائز ڪمن لاءِ مختارڪار آفيس وڃن ٿا ته ته غيرقانوني طريقي سان ڀتو گُهري ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي. اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته فرحان جتوئي انتهائي ڪرپٽ، ۽ راشي مختيارڪار آهي جنهن جي ڪرپشن جي پڻ جاچ ڪئي، فرحان جتوئي غريب مسڪين ماڻهن جي زمينن جا کاتا تبديل ڪري اقتدار ڌر ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جو حوالي ڪري ڇڏي ٿو.
اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو آهي ته راشي، ڪرپٽ، فرحان جتوئي کي هٽايو وڃي. عوام دوست مختيارڪار آندو وڃي.