Qaumi News Channel

Qaumi News Channel Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Qaumi News Channel, Media/News Company, Hyderabad.

10/02/2024

حیدرآباد بیورو رپورٹر
یوتھویلفیئر سوسائٹی حیدرآباد سندھ کے لیگل ایڈوائزر ایڈوکیٹ سپریم کورٹ جناب طاہر نثار راجپوت نے یوتھ ویلفیئر سوسائٹی کے خیراتی ہسپتال پر لینڈ مافیا کے سرپرست جو تعلقہ لطیف آباد کی سرکاری ادارضی کو لطیف آباد کی سرکاری انتظامیہ کے ساتھ ملکر فروخت کرچکے ہیں اب الیکشن کے دوران لالہ رحمان پٹھان افغانی نے سکندر شیخ نامی شخص کو قبضہ کرواکر پانچ دنوں میں خیراتی ہسپتال کی جگہ پر قبضہ کرکے نوجوان لڑکیوں کی مدد حاصل کرلی ہے اور ان کا کہنا ہے کہ اب اس پلاٹ کے قریب جو بھی آئیگا ہم اپنے کپڑے پھاڑ کرسماجی تنظیم کے خلاف FIR درج کروادینگے جناب طاہر نثار راجپوت نے وکلا تنظیموں کے ساتھ ملکر ویڈیو بیان دیتے ہویے کہاہے کہ تھاکوہسار چوکی لینڈ مافیا کی ہر ممکن مدد کررہا ہے انہوں نےجناب ڈپٹی کمشنر حیدرآباد طارق قریشی صاحب اور جناب ایس۔ایس۔پی۔حیدرآباد امجدشیخ صاحب سے مطالبہ کیا ہے کہ مہرعلی ھاوُسنگ اسکیم یونٹ نمبر 11لطیف آباد میں قائم ایک ڈسپنسری جوکہ محکمہ صحت کو ماں اور بچوں کے ٹیکو کامرکز ہے اسی طرح وہاں کے غریب لوگوں کے لئے مفت طبی سہولیات بھی فراہم کی جارہی ہے انہوں نے کہاکہ فوری قبضہ مافیا کے خلاف سخت قانونی کاروائی کی جائے۔

07/02/2024

مٽياري بيورو چيف حاجي خان ڪلهوڙو
مٽياري ضلعي جي هڪ قومي اسيمبليءَ واري تڪ اين اي 216 ۽ ٻن صوبائي تڪن پي ايس 57 ۽ 56 تي اڄ پولنگ عملو پنهنجو سامان وصول ڪندي
خميس جي ڏينهن 8 فيبروري تي مٽياري ضلعي ۾ پولنگ جو عمل شروع ٿيندو ضلعي ۾ 320 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن،
جنهن مان 80 پولنگ اسٽيشن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 156 کي حساس ۽ 86 کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي، ضلعي ۾ ٽوٽل آبادي 8 لک 49 هزار 383 آهي، جنهن ۾ ضلعي اندر ٽوٽل رجسٽرڊ ووٽن جو تعداد 4 لک 17 هزار، 629 آهي، جنهن ۾ ميل ووٽرن جو تعداد 2 لک 21 هزار 177 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 1لک 96 هزار 452 آهي، جيڪي سڀئي ووٽر پنهنجو نمائندو چونڊ ڪندا، اليڪشن ۾ قومي اسيمبليءَ واري تڪ اين اي 216 تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مخدوم جميل الزمان ۽ نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي،
جڏهن ته هالا سعيداباد واري تڪ پي ايس 56 تي اڳوڻي صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ۽ نصير ميمڻ ۾ مقابلو ٿئي پيو، تعلقي مٽياري واري صوبائي تڪ پي ايس 57 مخدوم فخرالزمان ۽ جي ڊي اي اڳواڻ سيد جلال شاهه ڄاموٽ ميدان ۾ لٿل آهن.
مٽياري ضلعي ۾ پولنگ ڏهاڙي تي 3967 سرڪاري ملازم پنهجي ڊيوٽي سر انجام ڏيندا جن ۾ 320 پرزائيڊنگ آفيسر،
اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر 2218 پولنگ اسٽيشن آفيسر 1109 ۽ نائب قاصد 320 به مقرر ڪيا ويا آهن،
جڏهن ته ساڳئي ريت ضلعي ۾ ايس ايس پي مٽياري اصغر شاهه پاران سيڪيورٽي جا ٻه فل پروف بندوبست ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ضلعي اندر پاڪ آرمي، سنڌ رينجرس کي به مقرر ڪيو ويو آهي،
جڏهن ته ضلعي ۾ 2366 پوليس اهلڪار ۽ آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ليديز پوليس ۽ ٻين کاتن مان والينٽرن کي به مقرر ڪيو ويو آهي،
جڏهن ته آرمي جا 422 اهڪار مقرر ۽ سنڌ رينجرس جا 60 اهڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ضلعي ۾ آرمي جون 32 موبائل گاڏيون گشت ڪنديون ۽ رينجرس جو 6 گاڏيون مقرر هونديون،

07/02/2024

حیدرآباد ( فرزانہ قریشی) یوتھ ویلفیئر سوسائٹی کے خیراتی ہسپتال کے پلاٹ یونٹ نمبر 11لطیف آباد تھانہ ائرپورٹ پورٹ کے حدود پر کھلے عام قبضہ جاری کیونکہ حیدرآباد کی انتظامیہ الیکشن کروانے کے حوالے سے مصروف اور لینڈ مافیا رحمان پٹھان افغانی اور سکندرشیخ نے ہائی روف گاڑی نمبر CV-3636 میں بھاری اسلحہ سے لیس ہوکر لینڈ مافیادہشت گردوں کے ساتھ NGOs کے عہدیداروں پر حملہ کرنے کی تیاری کررہی ہے جبکہ یوتھ ویلفیئرسوسائٹی نے ضلع انتظامیہ سے مدد کی اپیل کی ہے لیکن الیکش ڈیوٹی کی وجہ سے وہ یوتھ ویلفیئر سوسائٹی کے عہدیداروں کو تحفظ دینے میں ناکام ہیں جس پر سوسائٹی نے ماں و بچوں کے صحت کے ٹیکو کا مرکز EPIسینٹر اور غریب مریضوں کے لئے مفت طبی سہولیات فراہم کرنے کے لئے OPD کو بند کررہی ہےتاکہ کوئی جانی نقصان نہ ہوجائے قومی میڈیا گروپ پاکستان کی ڈسٹرکٹ رپوٹرفرزانہ قریشی اپنی جان ہتھیلی میں رکھ کر قبضہ ہونے والی جگہ کا آنکھوں دیکھا حال بتا رہیں ہیں اور چیف سکریٹری سندھ صاحب آئی ۔جی۔سندھ صاحب سکریٹری داخلہ سندھ صاحب سینئر ممبر بورڈ آف ریوینیو سندھ سکریٹری سندھ سے کی توجہ دیلاتے ہوئے کہا ہے کہ یہ کیا ہورہا ہے قبضہ مافیا سرکاری ریٹ کو چیلنج کررہے ہیں یہ کس طرح کی گورنمنٹ ہے کیا یہ جنگل کا قانون نہیں فوری طور پر رحمان پٹھان اور اس کی پوری ٹیم کو گرفتار کیا جائے اور یوتھ ویلفیئر سوسائٹی کے پلاٹ سے قبضہ ختم کرایا جائے۔

07/02/2024

مورو اختر لغاري 03093250144
مورو ۾ جي ڊي اي او جو پاور شو جي ڊي اي پي ايس 35 مورو جي اميدوار رئيس مسرور احمد خان جتوئي درگاھ پيارو سائين فقير تي حاضري ڀري دعا گهري پيرين پنڌ اليڪشن ورڪ جي سلسلي ۾ مورو شهر جي شاهي بازار جو دورو ڪيو هر هڪ دوڪان تي وڃي دوڪاندارن سان ملاقات ڪئي ۽ ووٽ ڏيڻ جو چيو جنهن تي دوڪاندارن شهرين جي ڊي اي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ جو يقين ڏياريو دوڪاندارن شهرين جي ڊي اي جي اميدوار رئيس مسرور احمد خان جتوئي جو شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي ٽوپي اجرڪ ۽ گلن جا هار پاريا ۽ خوشي جو اظهار ڪيو شاهي بازار چوڪ تي خطاب ڪندي جي ڊي اي پي ايس 35 مورو جي اميدوار رئيس مسرور احمد خان جتوئي خطاب ڪندي چيو ته مورو شهر ۽ جتوئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن انهن کي ڪير به جدا نٿو ڪري سگهي هن شهر سان ۽ ماڻهن سان اسان جا تاريخي ۽ تهذيبي لاڳاپا آهن ڪڏهن به مورو جي عوام ڪنهن ڌارئي کي قبول نه ڪيو آهي هر اليڪشن ۾ اهڙن ٻاهرين ماڻهن کي مورو جي عوام شڪست ڏني آهي ۽ هتان ڪڍيو آهي جتوئي خاندان سان سدائين مورو جي عوام نڀايو آهي ۽ هر اليڪشن ۾ اسان کي ڪامياب ڪيو آهي جيڪي ماڻهو مورو جي عوام تي هاوي تي ٿيڻ چاهين ٿا ڌم

07/02/2024

وڳڻ رپورٽر ضمير حسين خاصخيلي وڳڻ قومي تڪ اين اي 197 تي پ پ پ جي نامزد اميدوار مير عامر مگسي وڳڻ لڳ ڳوٺ قادر بخش مغيري پھچي سينئير صحافي ۽ مغيري برادري جي نيڪ مرد راجا سڪندر علي مغيري جي ڏنل ڪارنرگڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ پ اميدوار مير عامر مگسيءَ چيو ته پيپلز پارٽي جون پاڙون عوام ۾ کتل آھن سنڌ سميت سموري ملڪ جو عوام اڄ به شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي ڏنل قربانين سبب ساڻن پيار ڪري ٿو. اليڪشن ۾ سموري ملڪ جو عوام پيپلز پارٽي جي بيٺل نمائندن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو. جڏھن ته ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري ٿيندو. جيڪو نوجوانن سميت سموري عوام جي مظلوم عوام جو آواز آھي ھُن چيو ته اسانجي حڪومت سنڌ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آھن اليڪشن کٽڻ بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر عوام جي خدمت ڪئي ويندي. ۽ وڳڻ ٽائون ۽ مختلف يوسيز سميت ٻين ڳوٺن کي گيس جي سھُولت پڻ فراھم ڪئي ويندي ھن چيو ته اليڪشن ڏھاڙي پ پ پ مخالفن کي خبر پئجي ويندي ته سنڌ سميت سموري ملڪ جو عوام شھيدن جي پارٽيءَ سان گڏ آھي ان موقعي تي ساڻس وڳڻ برداري جوچيف سردار وڳڻ ٽائون جو چيئرمين خليل احمد وڳڻ ، وائيس چيئرمين مختيار جتوئي جھانگي

07/02/2024

سيوھڻ شريف
رپورٽ محمد وارث ڪوريجو
سيوھڻ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو پاور شو سيوھڻ شھر مان ڪيتريون ريليون نڪري جلسي گاھ ڊگري ڪاليج سيوھڻ ڀرسان پنڊال ۾ پھتيون، جيئن ت پيپلزپارٽي سيد آصف علي شاھ جي سڏ تي سيوھڻ جي پرارا محله مان وڏيرو محمد آچر اوٺو ، عبدالڪريم اوٺو ۽ اوٺا برادري جي طرفان ھڪ عظيم عاليشان ريلي ڪڍي جلسي گاھ ڊگري ڪاليج سيوھڻ ڏانھن رواني ٿي،ھن ريلي ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي،ھن ريلي جي اڳواڻي ۾ وڏيرو محمد آچر اوٺو ۽ عبدالڪريم اوٺو ۽ اوٺا برادري ۽ سندس ساٿين ڪئي، جڏھن تہ ھن ريلي ۾ جيئي ڀٽو ، جيئي بلاول ڀٽو، جيئي سيد مراد علي شاھ ، جيئي سائين آصف علي شاھ جا زوردار نعرا ھڻي، ريلي انڊس ھاء وي روڊ کان ٿيندي جلسي گاھ پھتي.

07/02/2024

سانگهڙ(بيوروچيف ظفرالله لغاري) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 209 جي نامزد اميدوار شازيه عطا مري ٻيراني هائوس تي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آھي ته جمهوريت جو پهريون مرحلو عام چونڊون ڪرائڻ آهي ۽ عوام کي پنهنجي راءِ موجب پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو حق حاصل آهي. سڄي ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي طرفان پرجوش چونڊ مهم جاري آهي، هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي واحد سياسي جماعت آهي جنهن سڀ کان پهرين چونڊ مهم شروع ڪئي ۽ سڀ کان پهريان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان چونڊن جي تاريخ جو مطالبو ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه ڪراچي ۾ تاريخي جلسو ڪيو، جنهن تي ڪراچي جي عوام پنهنجي محبوب ليڊر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو پرجوش ۽ تاريخي استقبال ڪيو، ۽ چيئرمين پي پي پي جي ڪالھ واري ريلي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 1977ع جي ياد ڏئي رهي هئي، هن چيو ته سانگهڙ ۾ اسان جي رستا روڪ ڪرڻ وارن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا اسان بزدل ناهيون اسان جي پارٽي تي اڳ به حملا ڪيا ويا ۽ ھاڻي به رستا روڪ ڪئي پئي وڃي.حملا ڪرڻ رستا روڪ ڪرڻ ھڪ بزدلي آھي. پيپلز پارٽي هڪ عوامي سمنڊ آھي جنهن کي ڪير روڪي نه ٿو سگهي. هن چيو ته

07/02/2024

مورو اختر لغاري 03093250144

مورو شهر جي ميمڻ محلا جي ميمڻ هائوس تي محبوب الاھي ميمڻ، ۽ رئيس عبداللطيف ميمڻ، جي سيل تي، سوشل ۽ سماجي ۽ ميمڻ برادري جي هر دل عزيز معزز شخصيت حاجي مقبول احمد ميمڻ، ممتاز علي زرداري، حاجي نثار احمد ميمڻ، حاجي گلاب ميمڻ، وڪيل شرجیل ميمڻ، ظهير احمد سومرو، جاويد مصطفا ڪانڌڙو، راجہ ميمڻ، صحافي رياض حسين عالماڻي، اياز ميمڻ، اختر علي لغاري عبدالغفار ميمڻ ۽ ٻين 8 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن جي تياري ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تي پهچائڻ ۽ مختلف برادرين سان رابطه مهم تيز ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو ان کان علاوه مورو شهر جي متعلق پڻ خيالن جو اظهار ڪيو،ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي محبوب الاھي ميمڻ ۽ رئيس عبداللطيف ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، مورو شهر جي ميمڻ برادري هڪ پيلٽ فارم تي گڏ آهي، ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 35 مورو جي اميدوار محترم ضياءَ الحسن لنجار ۽ اين اي 206 جي نامزد اميدوار رئيس ذوالفقار علي بيهڻ کي 8 فيبروري تي وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائينداسين ۽ ان سلسلي ۾ اسانجي ورق جاري آهي، ۽ ميمڻ برادري سميت ٻين سڀني برادرين سان رابطہ آهن ۽ انشاء الله فتح پا

07/02/2024

مٽياري بيورو چيف حاجي خان ڪلهوڙو
اڏيرولال تي پ پ مخالف اميدوارن سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ ۽ بشير ميمڻ جي مان ۾ اڳوڻي آئي جي سنڌ سيد مشتاق احمد شاھ پاران شاندار جلسو منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ علائقي جي ھزارين ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جميعت علماء اسلام جو اڳواڻ سليم سنڌي. نواز ليگ اڳواڻ کيئل داس ڪوھستاني جي شرڪت
تفصيل موجب اڏيرو وليج ۾ اڳوڻي آء جي سنڌ سيد مشتاق احمد شاھ پي ايس 57 جي اميدوار سيد حاجي جلال شاھ ڄاموٽ ۽ اين اي 216 جي اميدوار بشير ميمڻ جي حق ۾ شاندار جلسو منعقد ڪيو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ هزارين ماڻهن ۽ مختلف برادرين جي شرڪت اين اي 216 جي اميدوار بشير ميمڻ چيو ته ٽن پيڙهين کان پ پ کي ووٽ ڏيندڙ مها ٻوڏ برساتن ۾ شاخن جي ڪپن تي بي يارومددگار هئا ۽ چونڊيل نمائنده غائب رهيا سيد جلال شاھ چيو ته ان شاءالله سنڌ حڪومت اتحادين جي ٺهندي هتي مٽياري ڪرپشن جي ڪري بدنام ڪرڻ وارا نمائنده وري ووٽ گهرڻ اچن پيا انهن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريو ۽ ان شاءالله 8 تاريخ تي پنهنجي سوڀ ٿيندي ان موقعي سياسي سماجي شخصيت حاجي نثار احمد ميمڻ. پير سيد مڪرم شاھ. سيد نويد حيدر شاھ. مولوي امير علي کوسو سميت ٻيا معززين موجود هئا

07/02/2024

سڪرنڊ(رپورٽ ولي محمد ڀٽي)
سڪرنڊ ۾ جي ڊي اي پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڀرپور عوامي طاقت جو مظاهرو, هزارين عورتن ۽ مردن جي شرڪت, جلسي کي جي ڊي اي پاران اين اي 208 ۽ پي ايس38 تي اميدوار سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته اسٽبلشمينٽ جو آصف زرداري سان ٺاهه ٿيو ۽ اسان مٿان هنن کي مڙهيو ويو, سالن کان جيڪي اسٽبلشمينٽ ڪٺ پتليون پيدا ڪيون جيڪي اڄ تائين انهن جي اشاري تي هلن ٿا ملڪي معيشت جي تباهي آصف زرداري ڪئي آهي, جن ماڻهن کي جيلن ۾ هئڻ گهرجي اهي ملڪ مٿان حڪمراني ڪري رهيا آهن, سنڌ جي نمائندن 15 سالن ۾ سنڌ کي ڇا ڏنو, جيڪي اسڪيمون اچن ٿيون انهن جو اڌ کان گهڻو حصو کائي وڃن ٿا, روينيو , پوليس , لوڪل گورنمينٽ سميت ٻيا کاتا سڀ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن, صوبائي اسيمبلي گندو قانون پاس ڪيو جنهن سان ڪير ڪٿان به اچي سنڌ ۾ ڊوميسائيل ٺهرائي سگهي ٿو, سنڌ جون زمينون ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو, آصف زرداري سنڌ جي تباهي جو ٺيڪو کڻي آيل آهي, پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪينسر جيان آهي سنڌ جي نوجوانن ۽ سنڌ جي نياڻين کي انهن مان جان ڇڏائڻي پوندي. پولنگ اندر يا ٻاهر جتي به ڌانڌلي يا غلط ٺپا لڳايا ويا ان جي رستا روڪ ڪنداسون سنڌ جا وڏيرا هاڻ خون وهائڻ بند

07/02/2024

جھول شهر کان ڊسٽرڪٽ رپورٽر ڪامريڊ جي ايم تنمبراڻي جي پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ ادي شازيه عطا مري اين اي 209پي ايس 42ڄام شبير علي خان جي ورڪ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ راڻا راشد علي راجپوت صاحب وڏيرو نعيم خان وساڻ رئيس اورنگزيب مري صاحب ڄام فيروز وڏيرو شاهنواز ڪيريو صاحب سردار زوھيب حسن ڪيريو وڏيرو امير علي ڪيريو صاحب وڏيرو خان محمد خاصخيلي رئيس دلدار حسين تنمبراڻي سپاف ضلع سانگهڙ جو صدر خادم حُسين خاصخيلي سردار مير حسن شر سردار برڪت علي جلالاڻي ملڪ سرور ۽ پيپلزپارٽي جي سون جي تعداد ۾ جھول شهر ۾ پيادل ورڪ ڪئي ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي شھر جي دڪاندارن اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا ۽ ھر طرف کان جئي بلاول ڀٽو بينظير جا نارا گونجندا رهيا ۽ گلن جا هار پارايا ۽ ھر ھنڌ والھيانو استقبال ڪيو ۽ گل نڇاور پڻ ڪيا ويا آهن ان موقعي تي شهر وارن جو چوڻ هو ته انشاءَ الله تعالا 8فيبروري تي ھر طرف کان تير ڪمان جي برسات ھوندي انشاءَ الله تعالا پاڪستان جو وزيراعظم بلاول ڀٽو ٿيندو

07/02/2024

لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ رپورٽر محمد صديق جمالي لاڙڪاڻي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي پاور شو
عام چونڊن جي سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو آخري جلسو ميونسپل اسٽيڊيم لاڙڪاڻو ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ ھزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارن جلسي کي رت گرمائيندڙ خطاب ڪيو ويو پاڪستان پيپلز پارٽي جو عام چونڊن لاءِ آخري جلسو ڪيو ويو.جلسي ۾ پ.پ.پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر, پ.پ.پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو, سھيل انور سيال سميت پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت شرڪت ڪئي.
جلسي کي خطاب ڪندي بلاو ڀٽو زرداري چيو تہ مان پختون خواھ جون واديون لتاڙي, پنجاب, بلوچستان مان ٿيندو اچي پنھنجي گھر لاڙڪاڻي پھتو آھيان. توھان لاڙڪاڻي وارن جي ڀٽو خاندان سان وفاداري ڪئي آھي دنيا ۾ توھان تاريخ رقم ڪئي آھي.
جڏھن لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ڏيندو آھي تہ ملڪ کي ايٽم بم ڏيندو آھي, جڏھن لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ڏيندو آھي تہ پيڙھيل طبقي جي نماعندگي ٿيندي آھي,
جڏھن لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ڏيندو آھي تہ اشرافيا جي نہ غريب عوام جي نماعندگي ٿيندي آھي,
جڏھن لاڙڪاڻي جو وزيراعظم ڏيندو آھي تہ ھن ملڪ جي صفيد پوش کي ترقي ملندي آھي.جڏھن لاڙ

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Qaumi News Channel posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share