Daily SOBH

Daily SOBH Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Daily SOBH, Media/News Company, Naseem Nagar, Qasir Abad, Hyderabad.

12/07/2024
وارھ جي يوسي ميرپور جي چيئرمين کان وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي بغاوت. احتجاجن الڳ آفيس قائم ڪري ورتي، يوسي چيئرمين ڪم ن...
07/03/2024

وارھ جي يوسي ميرپور جي چيئرمين کان وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي بغاوت.
احتجاجن الڳ آفيس قائم ڪري ورتي، يوسي چيئرمين ڪم نٿو ڪرائي عوام اسان کان پُڇي ٿو پارٽي يوسي چيئرمين کان پڇاڻو ڪري: باغي وائيس چئرمين ۽ جنرل ڪائونسلر خبر موجب وارھ جي يونين ڪائونسل ميرپور جي چيئرمين رحمت الله چولياڻي سان وائيس چيئرمين گل محمد ٻرڙو ۽ جنرل ڪائونسلرن ۾ گلزار چانڊيو، پير بخش چولياڻي، وحيد علي،سولنگي ديدار چولياڻي۽ يوٿ ڪائونسلر اظھر چانڊيو اختلاف ڪندي بغاوت جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي ۽ يوسي چيئرمين کان الڳ آفيس جو افتتاح ڪري نئين آفيس قائم ڪري ڇڏي آھي ان ڏس ۾ باغي نمائيندن پاران عيد محمد مارڪيٽ ۾ آفيس جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ مٿي ڄاڻايل نمائيندن شرڪت ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيس چيئرمين گل محمد ٻرڙو چيو ته اسانجو يوسي چيئرمين رحمت الله چولياڻي مون سميت اسان سڀني نمائيندن کي مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي چيئرمين حلف کڻڻ کان وٺي هن وقت تائين ٽڪي جو به ڪم ناهي ڪرايو جنهن ڪري اسان تي عوام جو سخت دٻاءُ آھي ان ڪري اسان چيئرمين کان الڳ ٿي آفيس قائم ڪئي آھي ۽ پنهنجي يوسي جي عوام سان ڏک سُک ۾ گڏ رهنداسين هن چيو ته اسان پارٽي جي قيادت کان لکت ۾ گهُر ڪئي آھي ته يوسي چيئرمين جي ناانصافين جو نوٽيس ورتو وڃي

02/09/2023

جيڏو تنهنجو نانء
ٻاجھ به اوڏيائي مڱانء

Ye Hamare din thay 💜❤️
23/07/2023

Ye Hamare din thay 💜❤️

ڏنڊو
30/11/2022

ڏنڊو

28/09/2022

تازه ترين
حيدرآباد ۾ هڪ بينڪ ڏانهن ڪيش کڻي ويندڙ سيڪيورٽي وين تي هٿياربندن جي چڙھائي 30 ڪروڙ روپيا ڦري فرار

منڇر جو پاڻي صرف UC بوبڪ, UC جعفرآباد، UC چنا آراضي ۽ UC دل واھڙ ٻوڙيندو..وڌ ۾ وڌ نقصان بوبڪ ۽ جعفرآباد جو ٿيندو.منڇر پا...
04/09/2022

منڇر جو پاڻي صرف UC بوبڪ, UC جعفرآباد، UC چنا آراضي ۽ UC دل واھڙ ٻوڙيندو..

وڌ ۾ وڌ نقصان بوبڪ ۽ جعفرآباد جو ٿيندو.

منڇر پاڻي جي ليول تي فقط ٽي کان چار فٽ فرق ايندو باقي منڇر تي پريشر رھندو جيستائين درياء جي پاڻي ۾ لاٿ نه ايندي.

14 آگسٽ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي ۾ محب وطن پاڪستان جي آزاديء جي 75 ھين سالگراھ ملھائي وئي, جنهن ۾ بين الاقوامي سماجي ...
14/08/2022

14 آگسٽ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي ۾ محب وطن پاڪستان جي آزاديء جي 75 ھين سالگراھ ملھائي وئي, جنهن ۾ بين الاقوامي سماجي تنظيم روٽيريڪٽ ڪلب لاڙڪاڻي جو پڻ تعاون رھيو.

پروگرام جي شروعات سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس لاڙڪاڻي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ صاحب جي اڳواڻيء ۾ قومي تراني جي ڌن سان پاڪستاني پرچم لھرايو ويو ۽ وطن جي سک ۽ سلامتيء لاء دعا گھري وئي..تنھن کانپوء روٽيريڪٽ ڪلب لاڙڪاڻي جي تنظيم جي اڳواڻن ۽ ڪئمپس جي مختلف شعبن جي استادن/ استادياڻين ۽ شاگردن سان گڏجي ڪيڪ ڪٽڻ واري رسم ڪئي وئي بعد ۾ ھڪ گڏجاڻي رکي وئي جنهن ۾ روٽيريڪٽ تنظيم جي اڳواڻن انجنيئر صدام حسين ٻرڙي وطن جي آزاديء جون واڌايون پيش ڪندي سماجي تنظيم روٽيريڪٽ جي مقصد ۽ معيار بابت وضاحت ڪندي خيال پيش ڪيا, تنهن کان سواء تنظيم جي نئين چونڊيل صدر وسيم سيتائيء پڻ وطن جي آزاديء لاء پنهنجا خيال پيش ڪندي چيو ته وطن جي آزاديء جو ڏينهن فقط رسمي طور تي نه ملھائڻ گھرجي پر مستقل طور تي وطن سان پيار ڪجي صرف اڄوڪي ڏينهن لاء محبت نه ھجڻ گھرجي, انھن کانسواء ڪئمپس جي انگريزي شعبي جي طرفان سائين حسين علي ڪنڀر, ميڊم حنا شاھ پاڪستان جي آزاديء بابت مبارڪون ڏنيون ۽ پنهنجا ويچار ونڊيندي پاڪستان بابت مختصر طور تي خيال پيش ڪيا, بي بي اي جي شعبي جي ھيڊ سائين غلام مصطفيٰ شيخ وطن جي آزاديء بابت پنهنجا خيال پيش ڪيا ۽ سماجي تنظيم روٽيريڪٽ جي تعاون جي ساراھ ڪئي...ھن گڏجاڻي ۾ مختلف شعبن جي استادن جن ۾ سائين رحيم بخش مغيري, ميڊم عنايت فاطمه..... ڪمپيوٽر سائنس جي ھيڊ سائين عبدالرشيد چانڊيي سان گڏ ڪئمپس جي شاگردن محمد ياسين ميمڻ, سيف الله شيخ, محمد حنيف بروھي ۽ ٻين پڻ شموليت ڪئي ۽ پنهنجا ويچار ونڊيا...گڏجاڻيء جي آخر ۾ ڪئمپس جي پي وي سي صاحب ڊاڪٽر اظھر علي شاھ روٽيريڪٽ تنظيم جي ميمبرن کي اجرڪ اوڍايا ۽ وطن جي آزاديء جي حوالي سان ھڪ طويل تاريخي ۽ علمي تقرير ڪئي جنهن ۾ ھن لاڙڪاڻي جي خطي جي ڳالھ ڪندي سنڌ جي قديم تھذيب موھين جي دڙي بابت معقول روشني وجھندي لاڙڪاڻي جي سياسي ادبي ۽ تاريخي حيثيت جي ڳالھ ڪندي نھايت شاندار علمي نقطا پيش ڪيا ۽ وطن جي آزاديء جون مبارڪون پيش ڪيون...آخر ۾ روٽيريڪٽ تنظيم جي ميمبرن سان گڏجي انگريزي, ڪمپيوٽر سائنس ۽ بي بي اي شعبن جي استادن, شاگردن ۽ ڪئمپس جي ملازمن سان گڏجي پي وي سي صاحب ڊاڪٽر اظھر علي شاھ جي ساٿ ۾ ڪئمپس ۾ ٻوٽا پوکيا ويا.

اٽلي جي مشهور ڳائڻي "جوليا مارڪين" 1955 ۾ شهر جي هڪ چوراهر تي بيهي پنهنجي بريزر لاهي پنهنجي قوم سان مخاطب ٿيندي پنهنجي ب...
27/07/2022

اٽلي جي مشهور ڳائڻي "جوليا مارڪين" 1955 ۾ شهر جي هڪ چوراهر تي بيهي پنهنجي بريزر لاهي پنهنجي قوم سان مخاطب ٿيندي پنهنجي بريزر جي قيمت لڳائڻ شروع ڪئي
۽ اتي بيٺل ماڻهن ان بريزر جي قيمت اٺن ڊالرن کان وٺي ٽي هزار ڊالر تائين قيمت لڳائي!

آخر ۾ "جوليا مارڪين" کلندي کلندي پنهنجي قوم کي چوڻ لڳي ته اوهان سڀ جا سڀ ڪيڏا بيوقوف آهيو, جو پنهنجي جسم جي خواهش لاء هڪ معمولي ڪپڙي جي ٽڪري تي ايترا سارا پيسه خرچ ڪرڻ لاء تيار آهيو,

پر ڪنهن غريب جي گهر ۾ چلهو ٻارڻ جي سگھ اوهان ۾ ڪونهي, مونکي اوهان جي انسانيت تي شرم ٿو اچي...

19/04/2022

لاڙڪاڻي جي دوستن کي عرض!
ھڪ معصوم ٻارڙي ٿيليسميا جي مريض ننڍڙي کي رت جي سخت ضرورت آھي.
خدا ڪارڻ مدد ڪندا 🙏
Contact: 0310-7733886

Address

Naseem Nagar, Qasir Abad
Hyderabad

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Daily SOBH posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share