26/11/2025
*دادو: امن وامان جي صورتحال ۽ شھر ۾ پوليس جي موجودگي کي جاچڻ لاءِ ايس ايس پي دادو پاران شھر ۽ ڀر وارن علائقن جو گشت، پوليس نفري کي بريفنگ ڏئي سخت ھدايتون جاري ڪيون ويون*
*ايس ايس پي دادو ڪيپٽن رٽائرڊ امير سعود مگسي شھر جو سرپرائز گشت ڪندي داخلي رستن تي قائم ڪيل چيڪنگ پوائنٽن، ھاء وي ۽ شھر اندر مقرر پوليس گشت ۽ پڪٽن جو جائزو ورتو*،
*شھر ۾ حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺڻ بعد، ايس ايس پي دادو گشت ۽ تڪڙي رد عمل لاءِ مقرر مددگار 15 جي جوانن کي ايس ايس پي آفيس طلب ڪري کين بريفنگ ڏني،*
*ايس ايس پي دادو سمورن اھلڪارن ۽ انھن جي انچارجن کي سختي سان ھدايتون ڏيندي کين ٽرن آئوٽ بھتر رکڻ ۽ شھر ۾ مؤثر موجودگي يقيني بڻائن جو حڪم ڏنو کين کي امن وامان بحال رکڻ لاءِ پنھنجي ڊيوٽي پوائنٽن تي وڌيڪ ھوشيار ۽ چاق وچوبند رھڻ سميت مشڪوڪ ماڻھن تي گھري نگاھ رکڻ جي سخت ھدايت ڪئي ۽ کين چيو ته امن دشمن عنصرن خلاف فوري ۽ بلا تفريق ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ان ۾ ڪنھن به قسم جي ڪوتاهي ناقابلِ برداشت ھوندي.*
ترجمان دادو پوليس