Mehran TV

Mehran TV The first Sindhi satellite channel primarily dedicated to the people who have interest in Sindh The only Sindhi Channel Promoting SINDH and its Culture.

Mehran brings forth all flavors of a interior’s life, who wants to be gelled in with the modernity of urban life but cherishes the simplicity of village at the same time. Mehran TV, a hybrid TV Channel, broadcasts NEWS, INFOTAINMENT, MUSIC and DRAMA. The programs aired on MEHRAN TV reflect the true culture of Sindh.

20/09/2025

روهڙي: مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري كي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي
#2025

20/09/2025

ڪراچی: پاڪستان اسٽاڪ ایڪسچينج حملي كي ناڪام بڻائڻ تي فلم رليز
#2025

20/09/2025

ٽنڊو محمد خان: بندن کي مضبوطي واري ڪم ۾ مبينا ناقص ڪمزور پٿر استعمال ٿيڻ جو انڪشاف
#2025

دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ مصنوعي ڏاهپ ( اَي آءِ ) جي مدد سان تيار ڪيل وزير پارليامينٽ ۾ خطاب ڪيو.گذريل ڏينهن الباني...
20/09/2025

دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ مصنوعي ڏاهپ ( اَي آءِ ) جي مدد سان تيار ڪيل وزير پارليامينٽ ۾ خطاب ڪيو.
گذريل ڏينهن البانيا جي پارليامينٽ مان دنيا جي پهرئين آءِ اي ذريعي تيار ڪيل وزير خطاب ڪيو، جيڪو البانيا لاءِ هڪ انوکو اعزاز هو.
البانوي لباس پهريل عورت ” ڊيلا“ يعني ” سج“ نالي اي آءِ وزير پنهنجي پهرئين خطاب ۾ چيو ته ”مان انسانن جي جاءِ والارڻ لاءِ نه پر سندن مدد ڪرڻ لاءِ آهيان.“
هن چيو ته ”آئين کي اصل خطرو مشينن مان نه پر اقتدار ۾ رهندڙن جي غير انساني فيصلن کان آهي.“
ياد رهي ته البانوي وزيراعظم ايڊي راما گذريل هفتي دنيا جي پهرين منصوعي حڪومتي وزير جي مقرري ڪئي هئي.
#2025

صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانيا جي دوري دوران وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ وڏو انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا افغانستان ...
20/09/2025

صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانيا جي دوري دوران وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ وڏو انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ بگرام ائير بيس واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٽرمپ چيو ته اها ائير بيس طالبان وٽ بنا قيمت جي ڇڏي وئي هئي، جيڪا چين جي ايٽمي هٿيارن جي سهولت واري علائقي کان رڳو هڪ ڪلاڪ جي وٿي تي آهي. ٽرمپ موجب ائير بيس تي ڪنٽرول واپس وٺڻ جو مقصد چين جي ويجهو آمريڪي موجودگي کي بحال ڪرڻ آهي. هن اها ڳالهه ڪندي چين کي عالمي سطح تي وڌندڙ طاقت قرار ڏنو. تجزين موجب ٽرمپ جو اهو موقف آمريڪا ۽ اولهه ملڪن جي وچ ۾ نون تڪرارن جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيئن روس-يوڪريني جنگ ۾ ڏٺو ويو. مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا بگرام ائير بيس تي ٻيهر قبضو ڪري ٿو ته چين جو سخت ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو، جنهن جا عالمي نتيجا تمام گهڻا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا
#2025

پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ڪنهن به گروهه، فرد يا جٿي کي جهاد جو اعلان ڪرڻ جو حق ...
20/09/2025

پاڪستان علماءَ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ڪنهن به گروهه، فرد يا جٿي کي جهاد جو اعلان ڪرڻ جو حق ناهي، جيڪو ماڻهو جهاد جو شوق رکي ٿو اهو فوج ۾ شاملا ٿئي.
لاهور ۾ هڪ تقريب ۾ خطاب ڪندي طاهر محمود اشرفي چيو ته اسان کي مذهبي رواداري جو ثبوت ڏيندي پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو، اسلام ۾ غيرمسلم جي جان ۽ مال جي تحفظ کي به اهميت ڏني وئي آهي.
هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي پاڻ کان ڪيئي ڀيرا وڏي دشمن ڀارت تي سرسي ڏني آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدو وڏي اهميت رکي ٿو ۽ حرمين شريفين جي حفاظت اسان لاءِ وڏو اعزاز آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه جهاد جو مطلب عجيب بڻايو ويو آهي، ڪنهن به گروهه، فرد يا جٿي کي جهاد جو اعلان ڪرڻ جو حق ناهي، جيڪو شخص جهاد جو شوق رکي ٿو اهو فوج ۾ شموليت اختيار ڪري.
حافظ طاهر محمود اشرفي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي ڪير به هراسان نٿو ڪري سگهي، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، ملڪ ۾ اقليتن جا به مسلمانن جيان برابر حق آهن، اسان پيغامِ پاڪستان کي عملي جامو پهرائڻ چاهيون ٿا.
#2025

ٻارن جي زيادتي جي جوابدار کي ڪراچي جي عدالت ۾ هڪ متاثر ٻارڙيءَ جي ماءُ ڪٽڪو ڏنو.ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ ٻارن سان زيا...
20/09/2025

ٻارن جي زيادتي جي جوابدار کي ڪراچي جي عدالت ۾ هڪ متاثر ٻارڙيءَ جي ماءُ ڪٽڪو ڏنو.
ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ ٻارن سان زيادتي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار کي پوليس اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ جڊيشل ميجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.
عدالتي ذريعن موجب جوابدار جو اعترافي بيان رڪارڊ ڪندڙ جج جي طبعيت ناساز ٿي وئي، جنهن سبب ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو.
ان ئي دوران عدالتي احاطي ۾ هڪ متاثر ٻارڙي جي ماءُ جوابدار تي تشدد شروع ڪري ڇڏيو ۽ اتي ايندڙ ٻين فريادين به جوابدار کي ڪٽڪو ڏنو.
عدالت ۾ تشدد سان جوابدار جي حالت بگڙي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس ان کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.
#2025

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي 29هين ورسي، ٻوڏ سبب ڪو پروگرام ناهي رکيو: ذوالفقار ڀٽو                              ...
20/09/2025

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي 29هين ورسي، ٻوڏ سبب ڪو پروگرام ناهي رکيو: ذوالفقار ڀٽو
#2025

17 سيپٽمبر 2025 تي رياض ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي اسرائيلي ميڊيا ردعمل ظاهر ڪيو آهي. اسرائ...
20/09/2025

17 سيپٽمبر 2025 تي رياض ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تي اسرائيلي ميڊيا ردعمل ظاهر ڪيو آهي. اسرائيل جي سڀ کان وڏي اخبار يروشلم پوسٽ هن معاهدي کي ڀارت ۽ اسرائيل لاءِ چئلينج قرار ڏنو آهي، جڏهن ته پاڪستان ان کي ٻنهي ملڪن جي ڊگهي عرصي کان جاري سهڪار جو تسلسل سڏيو آهي. اسرائيلي رپورٽن موجب، دوحا تي اسرائيل جي حملي ۽ آمريڪي ڪردار کانپوءِ سعودي عرب پاڪستان سان باضابطا دفاعي اتحاد جو اعلان ڪري ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا کي پيغام ڏنو آهي ته هاڻي سندس متبادل آپشن موجود آهن. اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان سان ڀارت جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿيندي، خاص طور تي جڏهن مودي حڪومت سعودي عرب ۾ توانائي ۽ سيڙپڪاري ذريعي وڏي سياسي سيڙپڪاري ڪئي آهي. تجزئي نگارن موجب، پاڪستان اڳ ئي سعودي عرب لاءِ ايٽمي ڍال طور ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. اسرائيلي ميڊيا معاهدي کي ڀارت مخالف رنگ ڏيئي ناڪاري تصوير پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيي آهي، پر حقيقت ۾ هي معاهدو پاڪ-سعودي ڀائيواري ۽ خطي جي اهميت جي نئين مرحلي جي عڪاسي ڪري ٿو
#2025

20/09/2025

سنڌو درياه جي پاڻي جو سمنڊ ۾ ڇوڙ جاري، ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ مسلسل اضافو
#2025

Address

Qasimabad
Hyderabad
71100

Telephone

+92222102594

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Mehran TV posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Mehran TV:

Share

Our Story

Mehran brings forth all flavors of a interior’s life, who wants to be gelled in with the modernity of urban life but cherishes the simplicity of village at the same time. Mehran TV, a hybrid TV Channel, broadcasts NEWS, INFOTAINMENT, MUSIC and DRAMA. The programs aired on MEHRAN TV reflect the true culture of Sindh. The only Sindhi Channel Promoting SINDH and its Culture.