سجاڳي فورم

سجاڳي فورم Join Us Like and Follow Click on See First

19/08/2025

نوشھرو فيروز:-
رت جي رشن کي باه پٽن ماءُ کي مار ڪٽ ڪري گھر مان ڪڍي ڇڏيو ۔
نوشھرو فيروز ڀرسان ڳوٺ رانجھن پنھورجا رھواسي نظام الدين ۔محمد خان پنھور۔ سندن امڙ شھر بانو پنھنجي پٽن قمرالدين نورالدين پنھور۔عبدالرزاق پنھور۔ڊي ايس پي نوشھرو فيروزجي ريڊرغلام شبيرپنھور ۔نويد قمر ۔آڪاش قمر ۔رميز قمر ۔عرفان وقار۔عبدالستار عبدالغفار ۔سرفراز ۽ شيراز پنھور مون سان وڙھيا آھن منھنجي گھر جو سامان سمورو کڻي ويا ڌڪ ھڻي گھر مان ڪڍي ڇڏيو آ ، دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور۔ ان جي دانھ عبدالرحيم کي ڏني ان فيصلو ڪيو پوء به سامان نه ڏنو ھاڻي اسانکي گھر ۾ نه ٿا اچڻ ڏين منھنجي ھنن ٻن پٽن کي مارڻ جون ڌمڪيون ٿا ڏين مان ھنن جي ماء آھيان مگر مون سان نوڪرياڻي وارو سلوڪ ڪري ڇڏيو اٿن سندن پٽن نظامالدين ۽ خان محمد روئندي ٻڌايو ته ڊي ايس جي ريڊر ھئڻ ڪري شبير پنھور اسان جو ۽ امڙ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي اسان کي سڀ گڏجي مارين ٿا اسان جي ماء پراون گھرن ۾ رھي ٿي اسان روئندا ٿا وتون ظالم ڀاء ڊي ايس پي ريڊر ھئڻ ڪري ظلمن جا پھاڙ ڪيرائي ڏيا آھن اسان چيف جسٽس آف پاڪستان آء جي سنڌ۔ايس ارس پي نوشھرو فيروز سيشن جج ۽ وس وارن کي اپيل آھي ته ھن ظالم ڊي ارس پيوشھرو فيروز جي ريڊر غلام شبي ر۽ان جي ڀائرن پٽن جي ظلم کان خدارا بچايو اسان نه تنگ ٿي پريس ڪلب اڳيان باھ ڏينداسين۔

21/07/2025
17/05/2025
02/05/2025

کربلا سندھ کی بیٹی ام رباب چانڈیو کا پیغام

28/04/2025
سوڀوديرو لڳ ڳوٺ احسان چنو جي رھواسڻ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي مان بيچلر جي ڊگري حاصل ڪندڙ مارئي زال ارشد علي چنو ميڊيا وارن اڳي...
16/02/2025

سوڀوديرو لڳ ڳوٺ احسان چنو جي رھواسڻ ٽنڊو ڄام يونيورسٽي مان بيچلر جي ڊگري حاصل ڪندڙ مارئي زال ارشد علي چنو ميڊيا وارن اڳيان احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مان پنھنجي مڙس سان گڏ قمر ڪالوني راڻيپور ۾ رھندي ھيس ڏيڍ مھينو اڳ مون کي ھٿياربند علي رضا ولد غلام سرور پنھور۔ولي محمد پنھور ۽ ٻه نامعلوم ھٿيارن جي زور تي بغير نمبر پليٽ اڇي ڪلر جي ڪار ۾ زبردستي اغوا ڪري کڻي ويا جوابدار علي رضا پنھور مون سان زبردستي زيادتي ۽ ظلم ڪندو رھيو رات ڏينھن ڪمرن ۾ قيد ھيس جوابدار علي رضا پنھور ۽ ولي محمد قيد دوران ڪجھ ڪاغذن جي پنن تي زبردستي صحيحون پڻ ورتيون ۽ مون کي خاموش رھڻ لاء مون کي ۽ منھنجن وارثن کي مارڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندا ھياٽي ڏينھن اڳ ٻارھن فيبروري تي وجھ وٺي فرار ٿي پنھنجن وارثن وٽ پھتس جن سان گڏجي تحفظ ۽ انصاف لاء راڻيپور ٿاڻي تي پھتس راڻيپور پوليس خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي بيان بعد منھنجو راڻيپور مان ميڊيڪل چيڪ اپ پڻ ڪرايو اسان کي خبر پئي ته مون کي اغوا ڪندڙ جوابدار علي رضا پنھور سوڀوديرو ٿاڻي تي ڪنھن ڪيس ۾ گرفتار ٿيل آھي ان کي ڪجھ ماڻھو ڇڏائڻ آيا آھن مان ۽ منھنجا وارث جڏھن سوڀوديرو پھتاسون ته ڏٺو ته جوابدار ولي محمد پنھور جنھن اڇي ڪلر جي ڪار ۾ مون کي اغوا ڪيو ويو ھيو ان ڪار سميت گذريل ڏينھن شام جو سوڀوديرو ٿاڻي ۾ موجود ھيو منھنجن وارثن ايس ايڇ او سوڀوديرو غلام شبير کھڙو کي حقيقت کان آگاه ڪيو ايس ايڇ او سوڀوديرو ۽ منھنجن وارثن ايس ايڇ او راڻيپور کي جوابدارن ۽ ڪار متعلق آگاه ڪيو راڻيپور جاچ پوليس جو آء او نعمت الله ڄامڙو ۽ ٻيا اھلڪار پوليس موبائل ۾ سوڀوديرو ٿاڻي تي آيا سوڀوديرو پوليس لاڪپ مان علي رضا پنھور ۽ سوڀوديرو ٿاڻي اندر موجود ولي محمد پنھور راڻيپور پوليس حوالي ڪيا باقي اڇي ڪلر جي ڪار جنھن ۾ مون کي اغوا ڪيو ويو ھو اھا سوڀوديرو ٿاڻي تي بيھاري ڇڏي اڄ جڏھن منھنجا وارث راڻيپور ٿاڻي پھتا ايس ايڇ او راڻيپور عبدالجبار ميمڻ کان پڇا ڪئي ته اسان جي اغوا ڪيس ۾ گھربل جوابدار جيڪي اوھان کي سوڀوديرو پوليس حوالي ڪيا ھيا اھي ڪاٿي آھن ايس ايڇ او راڻيپور عبدالجبار ميمڻ منھنجن وارثن کي خاموش رھڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو ته بالا آفيسرن جي حڪم تي ڇڏي ڏنا آھن ۽ اوھان جي داخل ڪرايل ايف آء آر به ختم ڪرڻ جو حڪم مليو آھي ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سوڀوديرو غلام شبير کھڙو ميڊيا وارن کي ٻڌايو مارئي زال ارشد چنو جي اغوا جو ڪيس ٿاڻيپور ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي ڪيس جا جوابدار علي رضا پنھور ۽ ولي محمد پنھور مان راڻيپور پوليس حوالي ڪيا آھن باقي ڪار متعلق مون کي ڪنھن نه ٻڌايو ھو ته اھيا ڪار اغوا ڪيس ۾ به آھي جيڪا ڪار مالڪ ڪاھي ويا آھن راڻيپور جاچ پوليس جي آء او نعمت الله ڄامڙو رابطو ڪرڻ تي عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڄاڻايل جوابدار مان سوڀوديرو ٿاڻي تان کڻي پنھنجي بالا آفيسر ايس ايڇ او راڻيپور عبدالجبار ميمڻ حوالي ڪيا مان بيمار آھيان ۽ اسپتال داخل آھيان وڌيڪ تفصيل ايس ايڇ او راڻيپور ئي ٻڌائي سگھي ٿو۔ايس ايڇ او راڻيپور عبدالجبار ميمڻ سان موبائل فون تي رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ڪال اٽينڊ نه ڪئي متاثر عورت مارئي زال ارشد علي چنو چيو ته ايس ايڇ او سوڀوديرو ۽ ايس ايڇ او راڻيپور وڏي رشوت وٺي جوابدار ۽ ڪار ڇڏي ڏني آھي مون سان وڏو ظلم ٿيو آھي مان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ۔انساني حقن جي تنظيمن آء جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿي ڪريان ته مون ٿيل ظلم جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او راڻيپور ۽ ايس ايڇ او سوڀوديرو خلاف سخت قانوني قدم کڻي جوابدار گرفتار ڪري مون کي ۽ منھنجن وارثن کي تحفظ ڏنو وڃي جوابدار بااثر آھن سخت خطرو آھي انصاف فراھم ڪيو وڃي
رپورٽ ظهور حسين ڄامڙو ڌرتي سوڀوديرو
15-2-2025

Address

Hyderabad

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سجاڳي فورم posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to سجاڳي فورم:

Share