27/03/2026
ايس ايس پي دادو صدام خاصخيلي صاحب فوري طور تي سيتاروڊ ۾ بدامني خلاف ڪي جوڳا اپاءَ وٺي امن بحال ڪرايو
ڦورن تر تپائي ڇڏيو ڪو به شريف شهري محفوظ ڪونهي ٻه ڏينهن اڳ دڪاندار مجاهد آرائين کان ڦرون هٿيارن جي زور لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته ساڳي ئي وقت درگاھ رحماني لڳ ڳوٺ مياڻي کان شهر سيتا ايندي واپاري ، نثار احمد ملاح کان ڦڙو موٽر سائيڪل ڦر ڪري آساني سان هلندا ويا، ڪالھ به سيتاروڊ ۽ سيتا وليج جي لنڪ روڊ تي اختر سولنگي کان ڦر ڪئي وئي مزاحمت تي اختر سولنگي سان ڦورو وڙهيا هي ڦورن کي کلي ڇوٽ ناهي ته ٻيو ڇا آهي قبلا ڇا شريف شهري ڳوٺاڻا جيئڻ ڇڏين جواب ڏيو