سنڌي ماٹھن جی مدینی واری میر سان محبت
علامہ سائين غلام مصطفى قاسمي رح پنهنجي ڪتاب مقالات قاسمي ۾ لکن ٿا تہ اڳين دور ۾ ترڪي، يمن، عربستان ۽ سنڌ جا ماڻهو هڪٻئي ڏي واپار جي لحاظ کان ايندا ويندا هئا هڪ مرتبہ انهن سنڌي واپارين جي ٽولي جڏهن عربستان جي واپارين سان مليا تہ انهن کان پڇيون تہ هڪ سهڻو ۽ ايماندار امانتدار نوجوان محمد ﷺ نالي اڳي هن واپار جي دنيا ۾ ملندو هو اهو اڄڪلھ نظر نٿو اچي؟ هن تي اتان جي ماڻهن هنن کي ٻڌايو تہ اهي هاڻي هي ڪم ڇڏي ويا آهن ۽ هاڻي اهي هڪ نئين شريعت جي ڳالھ ڪن ٿا ۽ پاڻ کي ﷲپاڪ جو پيغمبر چون ٿا ۽ پوءِ سنڌي واپارين جي ٽولي نبي ڪريم ﷺ جن سان ملاقات جي لاءِ مڪي پاڪ ويا جتي انهن نبي ڪريم ﷺ سان ملاقات ڪئي ۽ سائين جن جي ڪلهن مبارڪن تي سنڌ جي شال بصورت هديه پارائي اڳتي سائين قاسمي رح لکن ٿا تہ سائين جن ﷺ هن هديه ۽ هنن جي محبت کي ڏسي فرمايو ما أجرك؟ يعني مان توهان کي هن هديه جو ڇا اجر ڏيان پوء هنن سنڌي واپارين پاڻ ۾ مشورو ڪيو تہ ڇو نہ اڄ کانپوءِ هن سنڌي شال جو نالو اجرڪ رکجي جو اهو نالو سنڌين جي لاءِ رسولﷲ ﷺ جو ڏنل تحفو آهي ان کان پوءِ هن سنڌي شال تي نالو اجرڪ پئجي ويو ۽ ٻي ڳالھ سائين قاسمي رح لکن ٿا تہ هڪ دفعي سنڌي ماڻهن سيدنا علي ابن ابي طالب رضي الله عنه کي سنڌ جو خوبصورت ٽوپ پارايو جنهن تي حضرت علي سائينءَ هنن کي فرمايو تہ جيڪڏھن ھن ٽوپيءَ جي اڳينء حصي کي مسجد جي محراب جهڙي شڪل ڏني وڃي تہ ڪيڏي نہ خوبصورت انداز ۾ نظر ايندي پوءِ ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين سنڌي ٽوپيءَ ۾ محراب رکيو ويو
25/03/2024
الله سائين پنهنجي محبوب جي صدقي نبين جي سردار جي صدقي مديني واري مير جي صدقي آمنه جي لال جي صدقي عبدالله جي لخت جگر جي صدقي منهنجي امان جا درجات بلند فرما آمين ثم آمين 🙏🙏🙏
Be the first to know and let us send you an email when Deshi Rauf Junejo posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.