Kawish Newspaper

Kawish Newspaper The official page of The Daily Kawish, the largest circulated Sindhi Daily in Pakistan
(1)

01/11/2025

ڪڏهن به ڪنهن تي ڪوڙو ڪيس داخل ناهي ڪيو، انسپيڪٽر بينطير جمالي
ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي انسپيڪٽر بينظير جمالي چيو ته جيڪو ماڻهو ڪم ڪندو آهي، ان جي شڪايت به ٿيندي آهي. هن چيو ته جنهن ڏينهن موت لکيل هوندو، ان ڏينهن ٿيندو، بس الله کان خوف آهي.

01/11/2025

19 مقابلا ڪري چڪي آهيان، عورت مضبوط ٿئي ته مرد کي مقابلي جي طاقت ناهي، انسپيڪٽر بينظير جمالي
سي آءِ اي انچارج دادو انسپيڪٽر بينظير جمالي ڳالهائيندي چيو ته پيءُ جي بهادر ڌيءُ آهيان، فورس ۾ اچڻ کان پوءِ ڊڄڻو ناهي، مردن سان گڏ هلڻو آهي، ماءُ کان دعا وٺي گهران نڪرندي آهيان، خوف ناهي ٿيندو، ڌاڙيل چيلينج ڪندا ته کين جواب به اهڙو ڏينداسين

01/11/2025

غني امان چانڊيو جي گرفتاري ظاهر ٿيڻ بعد حيدرآباد باءِ پاس تي ڌرڻو ختم
غني امان چانڊيو جي آزادي لاءِ شام جو 6 وڳي ڌاري جيئن ئي ڌرڻو شروع ٿيو ته سي ٽي ڊي پاران سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وئي. جنهن ۾ سوين سياسي، سماجي ڪارڪنن به شرڪت ڪئي، پر گرفتاري ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو آهي.

سي ٽي ڊي ڪراچي غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، سي ٽي ڊي ترجمان موجب غني امان  چانڊيو ۽ سرمد ميراڻ...
01/11/2025

سي ٽي ڊي ڪراچي غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي، سي ٽي ڊي ترجمان موجب غني امان چانڊيو ۽ سرمد ميراڻي کي مڇر ڪالوني ويجهو ڊاڪس ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن وٽان 2 عدد هينڊ گرنيڊ ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي، ٻنهي جوابدارن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جوابدارن مٿان حيدرآباد ۾ 3، ڄامشورو ۽ لاڙڪاڻو ۾ هڪ هڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، ٻئي جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم جا انتهائي گھربل دهشتگرد آهن، غني امان نوجوانن کي پابندي مڙهيل تنظيم ۾ ڀرتي ڪرائي دهشتگردي لاءِ همٿائيندو هو، گرفتار جوابدارن پنهنجي ساٿي نور چانڊيو ۽ ٻين دهشتگردن جي نشاندهي ڪئي آهي جن خلاف به ڪارروائي جلد عمل ۾ آندي ويندي.

01/11/2025

36 ڪلاڪ گذرڻ باوجود غني امان آزاد نه ٿيو، وارثن پاران ٻيهر ڌرڻي جون تياريون

جوهي: پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ تي ڳوٺاڻي  پاڻ کي ٿاڻي اڳيان باهه ڏئي ڇڏيکنداني واسي علي خان شاهاڻي ڪيس داخل نه ڪرڻ تي...
01/11/2025

جوهي: پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ تي ڳوٺاڻي پاڻ کي ٿاڻي اڳيان باهه ڏئي ڇڏي
کنداني واسي علي خان شاهاڻي ڪيس داخل نه ڪرڻ تي پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي
پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي زخمي ڪندڙ ڳوٺاڻي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

سنڌ جاب پورٽل تي جونيئر ڪلرڪس  جِي نوڪرين جو پهريون اشتهار جاري، وڏي وزير مراد علي شاهه  نوجوانن  کي پورٽل تي اپلاءِ ڪرڻ...
01/11/2025

سنڌ جاب پورٽل تي جونيئر ڪلرڪس جِي نوڪرين جو پهريون اشتهار جاري، وڏي وزير مراد علي شاهه نوجوانن کي پورٽل تي اپلاءِ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، نوڪرين لاءِ ڪيئن اپلاءِ ڪجي، طريقيئڪار به پورٽل تي ٻڌايو ويو.

غزا ۾ جنگبندي معاهدي باوجود اسرائيلي فوج جِي بمباري بند نه ٿي، اسرائيلي فوج جا اتر ۽ ڏکڻ غزا ۾ حملا، وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد...
01/11/2025

غزا ۾ جنگبندي معاهدي باوجود اسرائيلي فوج جِي بمباري بند نه ٿي، اسرائيلي فوج جا اتر ۽ ڏکڻ غزا ۾ حملا، وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد، حماس طرفان وڌيڪ ٻِن يرغمالين جا لاش حوالي ڪرڻ بعد اسرائيل 30 فلسطينين جا لاش فلسطيني اختيارين حوالي ڪري ڇڏيا، ترڪي کي غزا جنگبندي معاهدي تي عمل نه ٿيڻ تي ڳڻتي، سومر تي غزا جَي حوالي سان اجلاس سڏائي ورتو، ترڪ پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ مختلف ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا، غزا ٽاسڪ فورس ۽ استحڪام فورس جِي جوڙجڪ تي به ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

سموريون خبرون ۽ اڳڪٿيون ڪوڙيون ثابت ٿيون، ايم ڊي ڪيٽ ۾ ڌُڪا سُڪا هڻڻ واري ڳالهه ڪري مشهوري ماڻيندڙ شاگردياڻي عميزا چانڊي...
31/10/2025

سموريون خبرون ۽ اڳڪٿيون ڪوڙيون ثابت ٿيون، ايم ڊي ڪيٽ ۾ ڌُڪا سُڪا هڻڻ واري ڳالهه ڪري مشهوري ماڻيندڙ شاگردياڻي عميزا چانڊيو 167 نه پر رڳو 54 مارڪس کنيون.
آءِ بي اي سکر جِي سيبا ٽيسٽنگ سروس پاران جاري ڪيل حتمي نتيجن موجب ڄامشورو سان واسطو رکندڙ عميزا چانڊيو ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ۾ رڳو 54 مارڪس کنيون آهن.

30/10/2025

ملتان ۾ ڇوڪري سان سنگت هئي، ميسيج اڃا به اچن ٿا، لڳي ٿو اها ملوث ناهي: ملتان مان اغوا بعد بازياب ٿيل پورهيت زاهد ميمڻ جي ڳالهه ٻولهه
ملتان مان اغوا ڪري ڪشمور جي ڪچي ۾ 12 لکن ۾ وڪرو ڪيو ويو، حد جو ايس ايڇ او ڌاڙيلن سان ملڻ ايندو هو، ڀُنگ جا پئسا نه ملڻ تي هڪ مغوي کي منهنجي سامهون گولي هڻي قتل ڪيو ويو: ملتان مان اغوا بعد بازياب ٿيل مٽياري واسي پورهيت زاهد ميمڻ جي ٻولهه دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف، زاهد ميمڻ ٻڌايو ته ڌاڙيل ٻه وقت ماني ڏيندا هئا ۽ صبح شام تشدد ڪندا هئا، ڪچي ۾ ڌاڙيلن جا پڪا گهر ٺهيل آهن ۽ گهرن ۾ سولر، اي سي، واءِ فاءِ سميت سڀ سهولتون اٿن، ملتان ۾ هڪ ڇوڪري سان سنگت ضرور هئي پر ان اغوا ناهي ڪرايو، ان جا مسيج اڃا به اچن ٿا، اها ڇوڪري ملوث هجي ها ته ٻيهر ميسيج نه ڪري ها.

دادو جي عدالت جو انوکو فيصلو، پوليس سان مقابلي جو ڏوهه  ثابت تي  ٽن جوابدارن کي 3-3 سال قيد جي سزا ڏيڻ سان گڏ پنج وقت نم...
30/10/2025

دادو جي عدالت جو انوکو فيصلو، پوليس سان مقابلي جو ڏوهه ثابت تي ٽن جوابدارن کي 3-3 سال قيد جي سزا ڏيڻ سان گڏ پنج وقت نماز پڙهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جوابدار ماجد شاهاڻي، نديم ۽ فرمان چانڊيو 3-3 سال قيد ڀوڳڻ سان گڏ پنج وقت نماز پڙھڻ جا پابند هوندا.

پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغانستان مان دهشتگردي برداشت نه ڪندو، فيلڊ مارشل عاصم منيرپاڪستان جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ...
30/10/2025

پاڪستان پنهنجي سرزمين تي افغانستان مان دهشتگردي برداشت نه ڪندو، فيلڊ مارشل عاصم منير
پاڪستان جي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان سمورن پاڙيسرين خاص طور افغانستان سان امن چاهي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب هن وڌيڪ چيو ته افغان طالبان دهشتگردن خلاف ڪارروائي بدران انهن کي سهولت فراهم ڪئي.

Address

Hyderabad

Telephone

+92222108135

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Kawish Newspaper posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Kawish Newspaper:

Share