Kawish Newspaper

Kawish Newspaper The official page of The Daily Kawish, the largest circulated Sindhi Daily in Pakistan
(1)

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ بعد مٽيءَ جي طوفان سان گڏ برسات، ميرپور ماٿيلو ۾ برسات دوران ڀت ڪرڻ سبب نينگري فوت، ڪشمور...
01/06/2026

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ بعد مٽيءَ جي طوفان سان گڏ برسات، ميرپور ماٿيلو ۾ برسات دوران ڀت ڪرڻ سبب نينگري فوت، ڪشمور، اوٻاوڙو، خيرپور، ٿاڻو بولاخان ۽ ٺڪراٺو ۾ طوفان بعد ڪڪر وسي پيا، طوفائي هوائن سبب وڻ پاڙان پٽجي ويا، دڪانن ۽ گهرن جا ڇاپرا به اڏامي ويا، سڀاڻي به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ طوفان جو امڪان، موسميات کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ به طوفائي برسات پوندي

موسميات کاتي سڀاڻي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ طوفان ۽ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي موجب خيرپور، سانگهڙ، نوابشاهه، نوشه...
01/06/2026

موسميات کاتي سڀاڻي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ طوفان ۽ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي موجب خيرپور، سانگهڙ، نوابشاهه، نوشهرو فيروز ضلعن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي، اڄ رات ايم نائن موٽر وي جي چوڌاري طوفان اچي سگهي ٿو

28/05/2026

ڇا جيڪب آباد کانپوءِ سکر به ڇڏي وڃان؟ ٽڪ ٽاڪر سارا بلوچ جو سکر جي يو سي چيئرمين تي حراسان ڪرڻ جو الزام، سکر ۾ مڙس سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته رات 4 وڳي يو سي چيئرمين عابد گُل مهر ڪجهه ماڻهن سان گڏ آيو ۽ پئسن عيوض غلط ڪم نه ڪرڻ جي صورت ۾ مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون

28/05/2026

حيدرآباد جي آٽو ڀان روڊ تي شهرين کان رشوت وٺندڙ اي ايس آءِ معطل، شهرين کان رشوت وٺڻ واري ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي حيدرآباد معاملي جو نوٽيس وٺندي حسين آباد ٿاڻي جي اي ايس آءِ حاڪم ميمڻ کي معطل ڪري ڇڏيو، واقعي جي جاچ ايس پي هيڊڪوارٽر زين رضا بلوچ حوالي ڪئي وئي

26/05/2026

Eid-ul-Adha Mubarak

26/05/2026

اڍائي ٽن سالن کان پريا ڪماري بازياب نه ٿيڻ تي حڪومت شرمنده آهي، سندس بازيابي لاءِ پوليس ڪوشش ڪري پئي، گهرو وزير به ان کي ڏسي پئي: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪچي مان ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي لاءِ آپريشن جاري رهندو، گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل نه پر ان هو رڳ هو گارڊر ڪريو آهي

26/05/2026

ڪراچيءَ جي علائقي سعود آباد ۾ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي کي قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، پوليس موجب سچل مان گرفتار ڪيل جوابدار ساجد ايري، پنهنجي ڀيڻ ناديا ۽ ڀيڻوي نجيح الله کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي،جوابدار جو چوڻ آهي ته سندس ڀيڻ ناديه جي سعيد گوپانگ سان مڱڻي ٿي هئي، ڀيڻ پسند پرڻو ڪيو ته سندس مڱيندو پيسا گھري رهيو هو، پيسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ سعيد ڀيڻ کي قتل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وِڌو، ڪالهه سعيد سان گڏجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوي کي قتل ڪري ڇڏيو

26/05/2026

قمبر: ڳوٺ پکو ۾ ٻن ڀائرن کي قتل ڪندڙ جوابدارن پاران سوشل ميڊيا ذريعي وارثن کي وڌيڪ خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون

22/05/2026

لاڙڪاڻي ۾ ٽڪ ٽاڪر ناري جو پنهنجي ماءُ تي بدپيشو ڪرائڻ جو الزام، احسن ڪالوني جي رهواسڻ ٽڪ ٽاڪر اقراءُ عرف مهڪ مستوئي جو معصوم ڌيءَ سميت احتجاج،ناري چيو ته ماءُ، منهنجي والد کان طلاق وٺڻ بعد اسان کي پاڻ سان گڏ رهايو ۽ ٻي شادي ڪئي، ويڳي پيءُ به آئس جي نشي ۾ مونسان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، ماءُ پنهنجي چاهيندڙ سان بدپيشو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ۽ انڪار تي هن مون کي معصوم ڌيءَ سميت گهران ڪڍي ڇڏيو، امڙ چاهيندڙ سان گڏجي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي

21/05/2026

اڃا تائين 28هين آئين ترميم جو مسودوناهي آيو، لڳي ٿو 28هين ترميم گهڻي خطرناڪ آهي، مڪاني نظام کي مضبوط ڪرڻو پوندو، پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف احتجاج ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ آئيني انقلاب نه آيو ته پوءِ خوني انقلاب ايندو، جونيئر ذوالفقار ڀٽو

Address

Hyderabad

Telephone

+92222108135

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Kawish Newspaper posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Kawish Newspaper:

Share