سنڌي ادب - ڪالم، ڪهاڻي، ناول شاعري

سنڌي ادب - ڪالم، ڪهاڻي، ناول شاعري هن پيج جو مقصد آهي سنڌي ادب کي هٿي ڏيڻ، نون ليکڪن کي پيج

08/03/2025

ڪراچي ماڳ منهنجو آ

02/03/2025

هي رقص بي خودي آ ديوانگي صدين جي
افشين ميمڻ جي شاندا پرفارمنس

نظمماڻ جيون جواني ھتي ۽ ھينئر،جيڪي آھي سو جاني ھتي ۽ ھينئر.ڪو پتو ناهي ساجن سڀاڻي صحي،ڪيڏي توڏي ٿي دل تيز تاڻي پئي،مون ت...
02/03/2025

نظم
ماڻ جيون جواني ھتي ۽ ھينئر،
جيڪي آھي سو جاني ھتي ۽ ھينئر.

ڪو پتو ناهي ساجن سڀاڻي صحي،
ڪيڏي توڏي ٿي دل تيز تاڻي پئي،
مون تي ڪر مھرباني ھتي ۽ ھينئر.

موت کان پوءِ ماتم نہ مچرائجان،
پاڻ ڪارا لٽا تون نہ پھرائجان،
نينھن جي ڏي نشاني ھتي ۽ ھينئر.

پاڻ کان پوءِ اُڀري نہ اُڀري پرين،
خير گهر خير سان شال گذري پرين،
ھيءَ ذري زندگاني ھتي ۽ ھينئر.

مون مَقامن مَساڻن ۾ ڳولي ڏٺو،
ڌوڙ ئي ڌوڙ ھُئي ڪو بہ سھڻو نہ ھو،
حُسن جي حڪمراني ھتي ۽ ھينئر.

آءُ ھڪ ٻئي کي خوش ٿي کٿوري ھڻون،
سونھن سڪ جي ڪھاڻي بخاري پڙھون،
زندگيءَ جي زباني ھتي ۽ ھينئر.

02/03/2025

کاٽائو جاني جي وال تان
سنڌ جي محبوب راڳي صادق فقير جي ڏهين ورسي ، گيتن ۽ سرن جي ڀيٽا

01/03/2025

اچو اوهان جي دل وندرايان
ٻاراڻا ڪي ٻول ٻڌايان
ڇا جو راجا ڇا جي راڻي
رب سڳورو سڀ جو ساڻي

مور پکيءَ جو مٺڙو نالو
علم سان هر هنڌ آھي اجالو
مڪتب آھي ماڳ اسان جو
محنت سان ئي ڀاڳ اسان جو

سنگَ سنھرا سائو گاھ
لکڻ پڙھڻ سان رکجي چاھ
ڪلڪَ نئين پر پٽي پراڻي
اڄوڪي پوري ٿي گڏجاڻي
مھراڻ يونيورسٽي هائير سيڪنڊري پبلڪ اسڪول ڄامشورو جا ٻار
ميوزڪ ٽيچر طفيل ڀلائي

جڏهن به تو کي وسارڻ چاهيمڊاڪٽر آڪاش انصاريجڏهن بہ،توکي وسارڻ چاھيمتنھنجي ھر ياد،سُڪل ٻير جي ٽاريءَ وانگر،ذھن ۽ روح جي ري...
20/02/2025

جڏهن به تو کي وسارڻ چاهيم
ڊاڪٽر آڪاش انصاري

جڏهن بہ،
توکي وسارڻ چاھيم
تنھنجي ھر ياد،
سُڪل ٻير جي ٽاريءَ وانگر،
ذھن ۽ روح جي ريشم سان وچڙي پيئي آ،
منھنجي دل،
مون سان وڙهي پيئي آ.

جڏھن بہ،
توکي وسارڻ چاھيم
تنھنجي ھر ياد،
ڪنھن ڏاج جي جوڙي ۾ رچيل،
سدا ملوڪ، شوخ، شرميلي،
خمار گاڏھين خوشبوءِ وانگر،
چؤطرف من ۾ ٽڙي پيئي آ،
منھنجي دل،
مونسان وڙهي پيئي آ.

جڏھن بہ،
توکي وسارڻ چاھيم،
تنھنجي ھر ياد،
ڪينسر جي وارڊ ۾
لادوا مريض جيان،
دلاسڙن جي دوائن تي ڌتاريل دلڙي،
پنھنجي ويڄن سان وڙهي پيئي آ،
منھنجي دل،
مونسان وڙهي پيئي آ،
جڏھن بہ توکي وسارڻ چاھيم.

20/02/2025

شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڀيٽا

23/01/2025
14/10/2024

هن شرپسند ملان تي آهي ڪير ڳالهائڻ وارو؟
سنڌ پوليس جيڪا پڙهيل ڳڙيل ماڻهن تي لٺون ٿي وسائي, نياڻين کي گهيلي ٿي, هن تي ڪهڙو قانوني قدم کڻن ٿا, ڪهڙو جج انهي تي نوٽيس وٺي ٿو.
ڪجهه ٿئي نه ٿئي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي عمل جي مخالفت ضروي ڪجي

19/03/2024

استاد بخاري

Address

Sindh

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌي ادب - ڪالم، ڪهاڻي، ناول شاعري posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category