Tharparkar Desert

Call Directions Website Contact the business

Tharparkar Desert Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Tharparkar Desert, News & Media Website, Islamkot.
(1)

MOST WELCOME❤️
🌍 Culture • Desert Life • Photography | Exploring Tharparkar
📰 Local News | Traditions | Public Voice
📸 Village Stories • Talent • Heritage
🎥 Reels • Information • Entertainment
ٿرپارڪر جي ثقافت ، منظر ۽ لوڪل خبرون دنيا ليول تي پھچائڻ .

ھن سال دڪانن تي ڪريون اڃا تائين نہ آيون آھن نت ھنن ڏينھن دوران دڙا ٿيل ھوندا آھن 😳ھيء تصوير پنھنجي ٻنيء ۾ ڪل ڪڍي بس ايتر...
07/10/2026

ھن سال دڪانن تي ڪريون اڃا تائين نہ آيون آھن نت ھنن ڏينھن دوران دڙا ٿيل ھوندا آھن 😳ھيء تصوير پنھنجي ٻنيء ۾ ڪل ڪڍي بس ايترا ئي ٻيا ٿيندا 😔
ڪريون ڪھڙو ريٽ ھلن پيون ؟ شھر بہ لکجو

ڪي کٽا ڪي مٺا گيڪُو ٻير 🍒ننڍپڻ ۾ ٻيرين کي دنڌوڻي ٻيرن جو ڦانڊون ڀري پوء ھڪ ھند گڏ ويھي گڏ ڪري پوء ھڪجيترا ورھائي رکندا ھ...
07/10/2026

ڪي کٽا ڪي مٺا گيڪُو ٻير 🍒ننڍپڻ ۾ ٻيرين کي دنڌوڻي ٻيرن جو ڦانڊون ڀري پوء ھڪ ھند گڏ ويھي گڏ ڪري پوء ھڪجيترا ورھائي رکندا ھئاساين ڇا تہ زمانو ھو 🥰 اڄ ھي ڏسي ننڍپڻ جون رولاڪيون ياد اچن ٿيون 💕
توھان ڪڏھن کاڌا آھن ؟ پنھنجون يادون ونڊيون 👇

اڄ ھيء لُنڊي ور چڙھي 🐍 ڦوڪڻي ۽ ڪاري نانگ کان پوء وڌيڪ زهريلو لُنڊ يا لُنڊي (Saw-Scaled Viper)اوھان جو ڏٺل آھي ڪڏھن ؟ هن ...
06/10/2026

اڄ ھيء لُنڊي ور چڙھي 🐍 ڦوڪڻي ۽ ڪاري نانگ کان پوء وڌيڪ زهريلو لُنڊ يا لُنڊي (Saw-Scaled Viper)
اوھان جو ڏٺل آھي ڪڏھن ؟
هن جي سڃاڻپ: هي ٿلھو، پڇ بلڪل ڇوٽو، واري جهڙو رنگ، جسم تي اڇا ٽڪا، مٿي تي جھاز جھڙو نشان ۽ جڏهن ڪاوڙجي ٿو تہ شششش جو آواز ڪڍندو آهي.

ھن جي ڪکيل ماڻھو کي جلد سرڪاري اسپتال تي پھچائجي تہ بچڻ جا وڌيڪ چانس آھن۔۔

هي تصوير اڄ ڳوٺ ٿاھريو هاليپوٽا، اسلامڪوٽ ۾ ورتي وئي آهي. سڀني سان شيئر ڪيو تہ جيئن ٻيا بہ محتاط رهن.
اوھان ڇا چئو ھن کي ۽ اوھان جي علائقي ۾ آھن ؟
Tharparkar Desert Follow ♥️

🦚 مور جا خوبصورت پنک (ٽڪلا) هن موسم ۾ مور پنهنجا پنک پاڻ ئي جسم کان جدا ڪندو آهي، جن کي ٿر جا ماڻهو جهنگ، ٻنين ۽ گهرن جي...
05/10/2026

🦚 مور جا خوبصورت پنک (ٽڪلا)
هن موسم ۾ مور پنهنجا پنک پاڻ ئي جسم کان جدا ڪندو آهي، جن کي ٿر جا ماڻهو جهنگ، ٻنين ۽ گهرن جي آس پاس کان گڏ ڪندا آهن. اهي پنک پوءِ وڪرو بہ ٿيندا آهن ۽ وڏن شهرن تائين پهچندا آهن.

هن وقت هڪ ٽڪلي (پنک) جي قيمت 10 رپيا آهي، جڏهن تہ ڪٿي ڪٿي 15 رپيا بہ وڪامي ٿي.

توهان جي علائقي ۾ مور جي هڪ ٽڪلي جي قيمت ڪيتري آهي؟ ۽ اوھان جو ڏٺل آھي ؟

جلسو جشنِ عيد ميلادالنبي ﷺ ۽ سرڪارِ بغداد بادشاھ پیر دستگير جي يارھين شريف 💕ڳوٺ ٿاھريو ھاليپوٽا، اسلامڪوٽ
05/10/2026

جلسو جشنِ عيد ميلادالنبي ﷺ ۽ سرڪارِ بغداد بادشاھ پیر دستگير جي يارھين شريف 💕
ڳوٺ ٿاھريو ھاليپوٽا، اسلامڪوٽ

اڄ مال جي واڙي ۾ ھيء ڊگھي بلا ڏٺي🐍 اسان ھن کي ٽڪلو چوندا آھيون (ماڻھن جو چوڻ آھي تہ ھيء ماڻھو کي ڏانوڻ ڏيندو يعني ٽنگن ۾...
04/10/2026

اڄ مال جي واڙي ۾ ھيء ڊگھي بلا ڏٺي🐍 اسان ھن کي ٽڪلو چوندا آھيون (ماڻھن جو چوڻ آھي تہ ھيء ماڻھو کي ڏانوڻ ڏيندو يعني ٽنگن ۾ ويڙھجي ويندو آھي)
اوھان ڪھڙي نالي سان سڏيو؟ زھريلو آھي يا ناھي ان جي تصديق هڻ ڪريو 😳

تصوير ۾ نشان لڳل ڪاري ڪلر جي شيء ڪجھ ھاري ٻنيء ۾ ٽنگي ڇڏيندا آھن يا جتي ٽنگي ڇڏيندا ۽ شھرن ۾ ڏسندا تہ گاڏين تي پڻ جوتا ٽ...
04/10/2026

تصوير ۾ نشان لڳل ڪاري ڪلر جي شيء ڪجھ ھاري ٻنيء ۾ ٽنگي ڇڏيندا آھن يا جتي ٽنگي ڇڏيندا ۽ شھرن ۾ ڏسندا تہ گاڏين تي پڻ جوتا ٽنگيل ملندا !!! پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيو تہ اھي نظر نہ لڳڻ لاء ھيء عمل ڪندا آھن 🤔 ھاڻي توھان ٻڌايو ڀلا ھيء ڪھڙي سائنس آھي ؟ يا واقعي انھيء ۾ سچائي آھي ؟
نوٽ: تصوير پراڻي آھي ...

ٿر جي تپندڙ واري(ريگستان) جا ڊگها پنڌ ۽ سخت موسم ـاٺ هر حال ۾ ٿر جي مارو ماڻهن جو ساٿي بڻجي بيٺو رهي ٿو.ھيء ٿر جو وڏو قي...
03/10/2026

ٿر جي تپندڙ واري(ريگستان) جا ڊگها پنڌ ۽ سخت موسم ـ
اٺ هر حال ۾ ٿر جي مارو ماڻهن جو ساٿي بڻجي بيٺو رهي ٿو.
ھيء ٿر جو وڏو قيمتي ۽ ڪمائتو جانور آھي👍 اڄڪل اٺ گاڏو ڪامياب آھي ....
ٿر جو اٺ، ٿر جي زندگيءَ جو هڪ خوبصورت حصو.
تصوير ۾ نظر ايندڙ اٺ جو اڌڙوٽ ٻچو آھي جنھن کي اسان توڏو، گونئرو، يا ڪنواٽ چئون ⬇️
اوھان وٽ اٺ جو رواج اڃا بہ آھي ؟

برساتن بيوفائي ڪئي، ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال😔 مال بئراج ڏانھن ڪاھي وڃڻ جو سلسلو 😳 دوستن کي جي پارت آھي
03/10/2026

برساتن بيوفائي ڪئي، ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال😔 مال بئراج ڏانھن ڪاھي وڃڻ جو سلسلو 😳 دوستن کي جي پارت آھي

ڀاڳيا ۽ مالوند ڀائر، ٿورو ڌيان ڏين 🙏منهنجي ڍڳي ڪجھ ڏينهن کان صحيح نموني کائي نٿي. نڪ مان سائو پاڻي اچي ٿو، ڪڏهن اوڳار وا...
03/10/2026

ڀاڳيا ۽ مالوند ڀائر، ٿورو ڌيان ڏين 🙏
منهنجي ڍڳي ڪجھ ڏينهن کان صحيح نموني کائي نٿي. نڪ مان سائو پاڻي اچي ٿو، ڪڏهن اوڳار واري ٿي، کير بہ گهڻو گهٽجي ويو آهي ۽ دنجي (کنگهي) ٿي ڪماڻي بيٺي آهي. پاڙي ۾ تقريباََ ڳچ ڍڳين کي اھا بيماري آھي ....

جن ڀائرن کي مال جي اهڙين بيمارين جو تجربو آهي يا ڪنهن سٺي مال جي ڊاڪٽر کان واقف آهن، مهرباني ڪري ٻڌايو تہ هي ڪهڙي بيماري جون نشانيون ٿي سگهن ٿيون ۽ هن لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

مهرباني ڪري پنهنجي تجربي جي بنياد تي صحيح صلاح ڏيو. 🙏🐄

Address

Islamkot

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Tharparkar Desert posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Tharparkar Desert:

Shortcuts

Share