20/04/2025
درياھ– هڪ ڳوٺ جو ساھ
هڪ زمانو هيو، هڪ درياءھ جي ڪناري تي هڪ "ڪانڌو" نالي ڳوٺ هو. ڳوٺ جي ماڻهن جي زندگين جو محور پاڻي هو—زراعت، مال متاع، ٻار، ۽ سڀ اميدون درياءَ سان ڳنڍيل هيون. درياھ، ڄڻ هڪ ماءُ هو.
پر هڪ ڏينهن، جڏهن خبر آئي ته درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، ته ڪنهن کي به اندازو نه هيو ته اها رڳو پاڻي نه، پر اميدن، ساهن، ۽ ڌرتيءَ جي ڇينڀ هوندي. سڀ پنهنجي ڪمن ۾ مشغول هئا، ڏينهن ٿورا، ڏينهن گھڻا، آهستي آهستي پوءِ پاڻي گهٽبو ويو. زمينون سڪي ويون، کوها خشڪ ٿي ويا، ۽ چوپايو مال ڍڳيون اڃايل هيو.
ڀوري نالي چاچي کي به هڪ ڍڳي هئي جنهن کي هو "ڪانور" ڪري سڏيندو هو. هاڻي پاڻي نه هو، اڃا وگهي ڀوري چاچي جي ڍڳي ڪمزور ٿي وئي. ڀورو چاچو پنهنجي ڍڳي کي آٿت ڏيندي چيو:
"صبر ڪر ڪانور... درياءھ ايندو..."
پر درياهُ نه آيو... ۽ ڀوري چاچي جي اُميد به سڪي وئي. هڪ ڏينهن، ڪانور اڃ سبب مري وئي.
ڀورو چاچو اُن ڏينهن پنهنجي پٽ کي چيو: "جيڪڏهن تون احتجاج نه ڪندين، ته سڀ ٻار ڪانور وانگر مرندا. علائقو سڪندو، سمنڊ زمين ڳڙڪائي ڇڏيندو."
۽ پوءِ سڄو ڳوٺ اُٿي بيٺو. نعرو گونجي اُٿيو:
"درياھ بچايو!"
هي رڳو هڪ ڪهاڻي ناهي، بلڪه هزارين ڳوٺن جو درد آهي. اڄ به جيڪڏهن اسان نه وڙهنداسين، ته اسان سان به ڀوري چاچي وارو ڪم ٿيندو...
پر جيڪڏهن اُٿي بيهنداسين، ته درياھ واپس ايندو،
زندگي ٻيهر وهندي،
۽ ڪانور جهڙيون ڍڳيون، ٻيهر پاڻي پيئنديون.
اُٿو، ڳالهايو، لکو—درياءَ لاءِ، ڌرتيءَ لاءِ، سنڌ لاءِ. هاڻي وقت آهي وڪيلن جو ساٿ ڏيو، پنهنجو درياه بچايو، پنهنجا نسل بچايو.