07/05/2026
هڪ غريب ماڻهو پنهنجي مٿي تي هزارين پريشانيون، ذميواريون ۽ اڻپوريون خواهشون کڻي به مرڪي مرڪي زندگي گذاري ٿو.
هو پنهنجي ٻچن جي خوشي لاءِ پنهنجا ڏک لڪائي ڇڏي ٿو، راتين جون ننڊون قربان ڪري به صبح اميد سان جاڳي ٿو.
پر افسوس...
هي ظالم حڪمران ڪڏهن به غريب جي خالي ٿالهي، ٽٽل دل ۽ مجبور حالتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ناهن ڪندا.
جن ماڻهن جي محنت سان شهر روشن آهن، اُهي ئي ماڻهو اڄ اونداهين ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
غريب صرف روٽي نٿو گهري…
هو عزت، سڪون ۽ جيئڻ جو حق گهري ٿو.