03/05/2026
سلام
حق موجود
جئين ته لمس يونيورسٽي جي انتظاميه ازل کان ئي شاگرد دشمن فيصلا ڪيا آھن ائين ئي ھڪ دفعو وري ٻيھر انتظاميه پنھنجي ڪرسي جي طاقت جو ناجائز فائدو وٺندي نرسنگ فائنل ايئر جي اٺي سيمسٽر جي ڏنھن ھنھار ۽ ھوشيار شاگردن جي مستقبل تي وار ڪيو آھي۔
لمس يونيورسٽي جي وائس چانسلر پاران ھميشه شاگردن کي حقن لاء آواز اٿارڻ تي شاگردن جي آواز کي ھميشه دٻايو ۽ ڌمڪايو آھي ھيئر ويجھي ۾ ئي نرسنگ جي شاگردن پاران ھڪ وڏو احتجاج ڪيو ويو ھو نرسنگ جي ھائوس جاب ۾ پيڊ انٽرنشپ جي حوالي سان ان دوران انتظاميه طرفان شاگردن کي چيو ويو ھو ته توھان پاس ته ٿي ڏيکاريو اسان کي ڏسون ٿا ڪئين ٿا پاس ڪريو ۔
ٻئي پاسي ڏٺو وڃي ته لمس جو وائس چانسلر پنھنجي فرزند کي 17 ميڊل سان نوازيو آھي جيڪي ذريعن مطابق بي بنيادي طور نوازيا ويا آھن ۽ جيڪي غريب پورھيت جا ٻار محنت ڪري يونيورسٽي پھتا آھن انھن کي 8 اٺي سيمسٽر ۾ بي بنيادي طور سپلي لڳائي وئي آھي ھي ائي شاگرد پي اين ايس لمس نرسنگ جي ڊاريڪٽر ميڊم پروين اختر صاحبه ۽ ٻي انتظاميه طرفان ٽارگيٽ ڪيو ويا آھن جنھن ھميشه پنھنجي حق لاء آواز اٿاريو آھي پوء ڀلي پيڊ انٽرشپ وارو معاملو ھجي ,ھاسٽل فيس ريڊيڪشن وارومعاملو ھجي يا ٻيو ڪو انتظاميه طرفان شاگرد دشمن فيصلو ھجي انھن شاگردن ھميشه ظلم خلاف مزاحمت ۽ حق جو آواز اٿاريو آھي
۽ انھن شاگردن جو چار سالن جو ريڪارڊ چيڪ ڪريو انھن کي ڪڏھن به سپلي ناھي لڳي ۽ ھڪ شاگردياڻي ته ھميشه ۾ ٽاپ ڪيو آھي پرائم منسٽر جو ليپ ٽاپ به محنت سان حاصل ڪيو آھي
پي اين ايس ڊاريڪٽر ميڊم پروين ھميشه شاگردن کي ھر لحاض کان حراسا ڪيو آھي ھر ننڌي ڳالھ جيڪا شاگرد پنھنجي حق لاء ڪري ٿو ان شاگرد جي گھر ان ڏينھن ئي غلط بياني ڪري شاگردن جي مائٽن کي منھن بند ڪرائڻ لاء چورايو ويندو آھي۔
اسان ٻڌايون ٿا توھان کي ميڊم پروين کي توھان شاگرد دشمن فيصلا بند ڪريو ۽ ڏھن معصوم شاگردن کي اٺين سمسٽر جي وائوا ۾ بي بنيادي سپلي لڳائي وئي آھي ان کي ڪلئير ڪريو جڏھن ته شاگرد سبجيڪٽ پيپر پاس آھن ۽ شاگردن جي ھيٺ ڏنل چار سالن جي سي جي پي اي ڏسي سگھو ٿا ان مان صاف ظاھر آھي ته سراسر شاگردن سان ناانصافي ڪئي وئي آھي
اسان لمس يونيورسٽي جي وائس چانسلر اڪرام دين اڄڻ کان مطالبو ٿا ڪريون خدارا شاگردن سان انصاف ڪريو انھن جي مستقبل جي ڊڳري تي آخر ۾ ڊاڳ لڳائڻ کان بچايو اھي سڀ توھان جي ٻچن وانگر آھن ۔
۽ اگر انتظاميه شاگردن انصاف نه ڪيو ته شاگردن لاء رستا
ھيشه خليل آھن ۽ شاگرد پنھنجو حق وٺڻ ڄاڻن ٿا۔
Young Doctor's Association SINDH-Reg''
Cm Sindh Syed Murad Ali Shah
Dr. Azra Fazal Pechuho
Storytellers Study Circle LUMHS
Lumhs Voices LUMHS Nursing Network
Nursing CraZe.