Jan Muhamad Gadehi

Jan Muhamad Gadehi رپورٽر ڌرتي ٽي وي جوهي

16/10/2025

جوهي: ويجهو ڦلجي وليج ٿاڻي جي حد ۾ محمد ايوب جٽ جو گهر اندر گوليون لڳل لاش هٿ,

16/10/2025

جوهي: ويجهو ڳوٺ خدا بخش جتوئي واسي زميندار علي اصغر جتوئي ميڊيا هائوس جوهي پهچي سي آء انچارج دادو بينظير جمالي خلاف احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو ته سي آء انچارج بينظير جمالي ٽي ڏينهن اڳ آپريشن جي آڙ ۾ منهنجي گهر تي بنا جواز چڙھائي ڪري گهر ۾ پيل سمورو سامان سان گڏ لائسنس وارا هٿيار کڻي وئي آھي سي آء انچارج چيو مان ٿاڻي تي چيڪ ڪري واپس ڪندس پر هن وقت تائين واپس نٿي ڪري هن چيو ته مان ڏوهاري ناهيان نه ڪا ڪرمنل رڪارڊ آھي پر پوليس مونکي ٽارگيٽ ڪيو آھي هن آء جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس پاران کنيل لائسنس وارا هٿيار ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي

15/10/2025

ايس ايڇ او جوھي خليق الرحمان مسڻ جي اهم پريس ڪانفرنس

15/10/2025

*دادو پوليس جي ڏوھارين خلاف ڀرپو ڪارواين جي نتيجي ۾ وڌيڪ ٻن موسٽ وانٽيڊ ڏوهارين سرينڊر ڪري ڇڏيو

روڊ رابري ۽ موٽرسائيڪل ڦرون ڪندڙ گينگ جي ٻن اهم ڪارندن *مرتضىٰ جمالي* ۽ *عبدالله قمبراڻي* گرفتاري پيش ڪري ڇڏي

ايس ايس پي دادو *ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي* جي اڳواڻي ۾ ڏوهارين خلاف جاري آپريشن دوران ڦورو مرتضىٰ جمالي ۽ عبدالله قمبراڻي جي گرفتاري لاءِ سندن جي ٺڪاڻن تي ڇاپا پڻ هنيا ويا هئا

اڄ ٻنهي جوابدارن سيڪنڊ سول جج جوهي جي عدالت ۾ پيش ٿي گرفتاري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سلسلي ۾ ايس ايڇ او جوھي خليل الرحمان مسڻ جي اڳواڻي ۾ پوليس قانوني ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي آهي

ڏوهاري مرتضىٰ جمالي ۽ عبدالله قمبراڻي دادو کان ويندي ڪي اين شاھ ۽ جوهي تائين جي علائقن ۾ روڊن تي ڦرون ڪندڙ سرگرم ٽولي جا مُک ميمبر هئا

ٻنهي ڏوهارين خلاف دادو، فلجي وليج، مخدوم بلاول ۽ ڪڪڙ ٿاڻن تي ڦرن، پوليس مقابلن ۽ ٻين ڏوهن جا ڪيترائي ڪيس داخل هئا

ڏوهاري مرتضىٰ جمالي 21 جڏهن ته عبدالله قمبراڻي 22 ڪيسن ۾ ملوث هو

ياد رهي تہ، هن گينگ جو اڳواڻ ميهر جمالي بہ ٻہ ڏينهن اڳ جوهي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.

ترجمان دادو پوليس

جوهي واهي پانڌي روڊ تي ٻٽين مورين وٽ مبينا پوليس مقابلو هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا، به ڦورو فرار ٿيڻ ۾  ڪامي...
14/10/2025

جوهي واهي پانڌي روڊ تي ٻٽين مورين وٽ مبينا پوليس مقابلو هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا، به ڦورو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ، زخمي ڦورو جي سڃاڻپ ميهر جمالي طور ڪئي وئي آهي

13/10/2025

جوهي ويجهو ڳوٺ ڦلجي وليج تي پوليس چڙهائي سرچ آپريشن 20 ڄڻا گرفتار موٽر سائيڪلون هٿ ، پوليس پاران وڏي تعداد ۾ هٿيار به هٿ ڪرڻ جي دعوا ، پوليس موجب حراست ۾ ورتل داڙن، ڦرن ۽ چورين جي وارداتن ۾ ملوث هئا

جوهي شهر ۾ ميونسپل ملازمن جو هڪ هفتي کان ڪم ڇڏ هڙتال جاري صفائي نه ٿيڻ سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير مڇرن جو آزار وڌي ويو مليري...
12/10/2025

جوهي شهر ۾ ميونسپل ملازمن جو هڪ هفتي کان ڪم ڇڏ هڙتال جاري صفائي نه ٿيڻ سبب شهر ۾ گندگي جا ڍير مڇرن جو آزار وڌي ويو مليريا جي ڪيسن ۾ اضافو ، انتظاميا نوٽيس وٺي مڇر ماراسپري سان گڏ روزاني جي بنياد تي صفائي ڪرائي وڃي ، شهري

12/10/2025

جوهي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مڇرن جو راڄ، ميونسپل انتظامياصرف خانا پوري ڪرڻ ۾ مصروف
اسپتالن ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ اضافو

12/10/2025

جوهي : ڊرگھ بالا پوليس قانون جون حدون اورانگهي ڇڏيون ، بااثر وڏيري جي چوڻ تي واهي پاندي جي ٻن معصوم شاگردن مٿان ڪوڙا ڪيس لڳائي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو ، رئيس امداد خان لغاري جو ميڊيا هائوس تي اهم پريس ڪانفرنس ،

پياري دوست ڊاڪٽر امداد علي گاڏهي جي ڀاء گهوٽ ساجد علي گاڏهي جي شادي جي موقعي تي شبير شادي هال جوهي ۾ دوستن سان گڏ نڪتل ت...
12/10/2025

پياري دوست ڊاڪٽر امداد علي گاڏهي جي ڀاء گهوٽ ساجد علي گاڏهي جي شادي جي موقعي تي شبير شادي هال جوهي ۾ دوستن سان گڏ نڪتل تصويرون ،

11/10/2025

جوهي شهر جي بائي پاس ڳوٺ هاشم روستماڻي واسڻ عورت جنت سندس مڙس حسين لغاري ميڊيا هائوس جوهي پهچي احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي الزام هنيو ته بااثر گهر ۾ گهڙي اسان سان بيواجبي ظلم ڪن ٿا دانهن ڪرڻ تي مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا جهنهن ظلم خلاف جوهي پوليس ۽معززن وٽ دانهڻ باوجود اسان سان ناانصافيون ڏاڍ ڪندڙن خلاف ڪوبه نوٽس وٺڻ وارو ناهي مجبور ٿي ميڊيا هائوس جوهي پهتا آهيون هنن وس وارن آفيسرن کان مطالبو ڪيو بااثرن کان تحفظ ڏنو وڃي ۽ اسان سان بيواجبي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي آهي وڃي

Address

Johi

Telephone

+923133033629

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jan Muhamad Gadehi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share