16/04/2026
ڪنڊيارو رپورٽ محمد شريف سرگاڻي
ڪمالديرو لڳ درگاھ بکري شريف جي صاحبزاده سيد ارشاد دين شاھ راشدي المعروف سائين ڏاڏڙو جو پھريون عرس مبارڪ نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو ويو درگاھ تي چادر چاڙھي وئي
پروگرام جي شروعات حافظ ظفر علي دلٺار علي ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي عرس مبارڪ جي موقعي تي سيد حاجي زين العابدين شاھ ,سيد اسدالله شاھ راشدي, سيد نظير حسين شاھ راشدي , سيد نور شاھ مفتي, فدا حسين, سڪندري مفتي, مظھر علي سڪندري, سيد ولايت علي, سيد نواز علي شاھ, حافظ محمد مٺل ڪلھوڙو ۽ درگاھ جي ۽ عقيدت مندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
نعت خواه غلام سرور ۽ سندس ساٿين نعت پڙھي محفل جھومائي ڇڏي
آخر ۾ ننگر تقسيم ڪري عالم انسانيت لاء دعاء خير گھري وئي