Rooh-e-Sindh روح سنڌ

Rooh-e-Sindh روح سنڌ روحِ سنڌ هڪ آن لائين سنڌي اخبار آهي، جيڪا سنڌ، ملڪ ۽ دنيا جون سچيون، بروقت ۽ باخبر خبرون توهان تائين پهچائڻ لاءِ وقف آهي۔

18/07/2026
29/04/2026

ڪنڊيارو/
ڪنڊيارو پوليس جي الڳ الڳ ڪاررواين دوران 2 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن۔
پوليس ڪارروائي ڪندي ڳوٺ دلبر ٻڌ جي رهواسي محمد قبول ٻڌ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان تقريباً 600 گرام چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔
ٻئي طرف، پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي محرابپور واسي جوابدار شمشاد خاصخیلی کي مبينا طور هٿيار سميت گرفتار ڪري مٿس آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي۔
ايس ايڇ او ڪنڊيارو اڪبر کوکر موجب منشيات فروش ۽ ڏوهارين سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي۔ هن چيو ته ڪنڊيارو ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس سرگرم آهي۔
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايس ايس پي نوشهرو فيروز مير روحل کوسو جي سخت هدايتن تحت ڏينهن رات ڪنڊيارو جي داخلي ۽ خارجي رستن جي نگراني وڌائي وئي آهي ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي۔

13/01/2026

گمبٽ پوليس پاران مبينه مقابلي ۾ هڪ ڄڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ.

ايس ايڇ او گمبٽ جو چوڻ آھي ته گمبٽ جي دستگير گيٽ وٽ ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو، جنھن دوران گولي سبب ھڪ ڏوھاري زخمي ٿي پيو جنھن کي گرفتار ڪري اسپتال پھچايو آھي، جڏھن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا.

پوليس موجب ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري جي سڃاڻپ آفتاب ڦلپوٽو جي نالي سان ٿي آھي.

ھوڏانھن ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف ڪارروايون تيز ڪندي ھفتي دوران پوليس خيرپور ضلعي ۾ گمبٽ، راڻيپور، اڪنامڪ زون، شاھ لطيف، پيرجو ڳوٺ، وڏا ماڇيون ۽ شاھ حسين ٿاڻن جي حد ۾ مبينه پوليس مقابلن ۾ 11 ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي.

13/01/2026

آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن ضلع ملير جون چونڊون مڪمل
ماسٽر عبدالجبار ٻرڙو صدر چونڊجي ويو، نئين ڪابينا ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اعلان
ملير( رپورٽ يونس عمراڻي) آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن (آسا) ضلع ملير ڪراچي جون سالياني چونڊون اڳوڻي صدر گلشير چانڊيو ۽ نائب صدر عبدالحميد لانگاھ جي متفقه نگراني هيٺ ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويون، جن دوران تنظيم جي نئين ڪابينا ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي چونڊي وئي۔چونڊ نتيجن موجب ماسٽر عبدالجبار ٻرڙو کي صدر، پپن گل جوکيو کي نائب صدر، عامر اعوان کي جنرل سيڪريٽري، بابر علي کي جوائنٽ سيڪريٽري، سرفراز سومرو کي پريس سيڪريٽري، گلشير چانڊيو کي آفيس سيڪريٽري ۽ عبدالحميد لانگاھ کي خزانچي چونڊيو ويو۔ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي لاءِ استاد انعام سمن، عبدالخالق ڀٽي، وزير علي ميرالي، وحيد علي مرکنڊ، اڪبر مري، تنوير علي ٻرڙو، معصوم مدثر علي ٻرڙو، محمد ايوب پارهيڙو، سرفراز ڪولچي، محبوب علي بگهيو، ظاهر علي هيسباني ۽ فياض علي کي ميمبر طور چونڊيو ويو۔ ان موقعي تي سينيئر فنڪار استاد عبدالغفور سومرو نون چونڊيل عهديدارن ۽ ميمبرن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت ضلع ملير ۾ سنگيتڪار برادري جي حقن جي تحفظ، فلاح و بہبود ۽ سنڌ جي ثقافتي ورثي جي واڌاري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي۔

08/01/2026

روحِ سنڌ
سنڌ جي سچي آواز سان گڏ،
حق، سچ ۽ شعور جي واٽ تي
روحِ سنڌ – آن لائين اخبار
مهرباني ڪري پيج کي Like ۽ Share ڪريو

Address

Kandiaro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Rooh-e-Sindh روح سنڌ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category