
09/01/2024
انٽر پاس شاگردن لاء ھڪ زبردست موقعو
نوجوان ضرور پڙھن ۽ شيئر ڪن .
جيڪڏھن اوھان چاھيو ٿا ته اوھان جا ٻار پاڪستان جي ٽاپ يونيورسٽي آء بي اي IBA ڪراچي ۾ مفت تعليم حاصل ڪن جنھن جو پوتي ڊگري جو خرچ تقريبن 12لک روپيا آھي.
آء بي اي ڪراچي ۾ نيشنل ٽيلنٽ ھنٽ پروگرام جون داخلائون جاري آھن ھي ھڪ اسڪالرشپ آھي جنھن ۾ چار سال جي بيچلرس ڊگري ڊوران يونيورسٽي جي فيس 100 فيصد ۽ رھائش وظيفو پڻ ھوشيار غريب شاگردن کي يونيورسٽي طرفان ڏنو ويندو.
ھن اسڪالرشپ ۾ اھي شاگرد اپلائي ڪري سگھن ٿا جن 2023 ۾ انٽرميڊئيٽ پاس ڪئي ٻيا اھي جيڪي 2024 ۾ انٽرميڊئيٽ پاس ڪندا .
اپلائي ڪرڻ لاء گھٽ ۾ گھٽ 70 سيڪڙو مارڪون ھجڻ لازمي آھن .
ھن پروگرام تحت پھرين اينٽي ايڇ پي جي ٽيسٽ ورتي ويندي ڪامياب شاگردن کي ٻہ مھينا مفت آء بي اي IBA ڪراچي ۾ داخلا ٽيسٽ جي تياريءَ لاء تياري ڪرائي ويندي رھائش کاڌو پيتو يونيورسٽي طرفان ڏنو ويندو.
تياريءَ کانپوءِ ٽيسٽ ورتي ويندي جنھن ۾ پاس ٿيندڙ غريب ھوشيار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏني ويندي....