
12/06/2025
••• سنڌ جي ڪاليج ايجوڪيشن کاتي پاران استادن/ ٽيجنگ فيڪلٽي جي مقرري ۽ بدلين بابت پاليسي جاري.
1. بي ايس-17 ۽ ان کان مٿي ٽيچنگ فيڪلٽي کي سڄي سنڌ ۾ انتظامي بنيادن يا فوري ضرورت تحت بدلي ڪري سگهجي ٿو، ان ڏس ۾ لاڳاپيل ڪاليج ۾ بجيٽ بڪ مطابق پوسٽ موجود هجڻ لازمي ھوندو.
2. هر ڪاليج ۾ هر سبجيڪٽ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ استاد جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويندو، بشرطيڪه اھو سبجيڪٽ ڪاليج ۾ شاگردن جي داخلا مطابق ھجي۔
3. نون ليڪچرارن کي انهن ڪاليجن ۾ مقرر ڪيو ويندو جتي ان سبجيڪٽ جو ڪو به استاد موجود نه هجي۔
• وڌيڪ استاد انهن ڪاليجن ۾ مقرر ڪيا ويندا جتي داخلا جي لحاظ کان ان سبجيڪٽ جي وڌيڪ استادن جي ضرورت ھوندي۔
4. اهي استاد جن جي تعداد ڪنهن ڪاليج ۾ منظور ٿيل تعداد/ انگ کان وڌيڪ آهي، انهن کي انهن ڪاليجن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو جتي ڪاليج جي ضرورت مطابق تدريسي عملي جي گهرج هجي۔
5. اهڙا استاد جيڪي ڪنهن ڪاليج ۾ شاگردن جي داخلا جي لحاظ کان غير متناسب طور تي گھرج کان وڌيڪ آهن، انهن کي ٻين ڪاليجن ۾ منتقل ڪيو ويندو۔
• انهن ڪاليجن مان پڻ استاد منتقل ڪري سگهجن ٿا جتي گھربل مضمون ۾ شاگردن جو انگ موجود نه هوندو۔
6. بدلي ۽ مقرري جي عمل ۾ ڊوميسائل جي ڪا به پابندي نه هوندي۔
• جڏھن ته پهرين مرحلي ۾ آساني لاءِ مقرري ڊوميسائل جي بنياد تي ئي ڪئي ويندي۔
• جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ سبجيڪٽ جي ضرورت نه هجي يا پوسٽ موجود نه هجي، ته استاد کي ٻين ضلعن ۾ مقرر ڪيو ويندو۔
7. نئين تعليمي سال 26-2025 کان، بدلي ۽ مقرري جون درخواستون رڳو اونهاري ۽ سياري جي موڪلن دوران قبول ڪيون وينديون ته جيئن تعليمي سيشن متاثر نه ٿئي۔
• جڏھن ته جيڪڏهن ڪو ايڪسيجنسي (فوري ضرورت) هجي ته مناسب سببن سان بدلي/ مقرري تي غور ڪيو ويندو۔
8. عورتن استاد جو مرد ڪاليجن ۾ ۽ مردن استاد جو عورتن ڪاليجن ۾ مقرري ڪرڻ تي ڪا پابندي نه هوندي۔
• جڏھن ته اهڙن مقررين جي حوصلا افزائي نه ڪئي ويندي ۽ رڳو ضرورت جي بنياد تي اهڙو عمل ڪيو ويندو۔
• مٿيان سڀ پاليسي اصول ۽ هدايتون سڄي سنڌ ۾ فوري طور تي لاڳو ڪيا ويندا، ته جيئن تعليم، شاگردن ۽ عام ماڻهن جي بهتري آڻي سگهجي.