Times Of Sindh

Times Of Sindh Current issues and Emerging New Political Trends in Sindh.

28/03/2025
ڌرتي ڪيئين جهُڪن هي تنهنجاارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ..!!!شھيد استاد سائين ھدايت لوھار جي نوٽ بڪ مان ھڪ ورڪ..!!
23/02/2024

ڌرتي ڪيئين جهُڪن هي تنهنجا
ارڏا گهوڙا ۽ ٻيا وڻ..!!!

شھيد استاد سائين ھدايت لوھار جي نوٽ بڪ مان ھڪ ورڪ..!!



اڄ جي يزيد جي درٻار ۾ وري ڪنھن زينب حق جو نعرو ھنيو ..
21/12/2023

اڄ جي يزيد جي درٻار ۾ وري ڪنھن زينب حق جو نعرو ھنيو ..



28/08/2022
حر تحريڪ جون لازوال ڪردار عورتونحرياڻي ڌڃاڻي نظاماڻي ٖ سون ٻائي بهڻ ٖ غلام فاطمہ عرف ڪرڙي ڪيرياڻي ۽ ٻين سورمين جا داستان...
20/03/2022

حر تحريڪ جون لازوال ڪردار عورتون
حرياڻي ڌڃاڻي نظاماڻي ٖ سون ٻائي بهڻ ٖ غلام فاطمہ عرف ڪرڙي ڪيرياڻي ۽ ٻين سورمين جا داستان
ذوالفقار قادري
سورمي ڌڃاڻي نظاماڻي فقير فتح محمد نظاماڻي جي گهر واري ۽ فقير عبدالقادر نظاماڻي جي ماء هئي امان ڌڃاڻي حر تحريڪ دوران برطانوي راڄ خلاف گوريلا جنگ جو حصو رهي امان ڌڃاڻي نظاماڻي حر ويڙھاڪن سان گڏ انگريزن خلاف ڪيترن ئي ڇاپہ مار ۽ گوريلا ڪارواين ۾ گڏ وڙھي آخر برٽش فورسز کيس سانگهڙ مان گرفتار ڪيو ٖ امان ڌڃاڻي نظاماڻي زندگي جا اٽڪل ڏهه سال سينٽرل جيل حيدرآباد , سينٽرل جيل سکر ۽ مختلف لوڙھن ۾ قيد رهي پر آڻ نه مڃيائين امان ڌڃاڻي نظاماڻي ڪجهه سال اڳ پنجانوي سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي ٖ سنڌ سندس سورهيائپ ۽ بهادري کي سلام پيش ٿي ان کان علاوه مکي جي ڳجهڙِ پٽ جي ڳوٺ محمد بخش هنڱوري جي بهادر حرياڻين ڳوٺ ۾ مرد نه هجڻ ڪري ڳوٺ جي سڀني عورتن گڏجي مورچا بند ٿي حرياڻي مسمات شاهل جي اڳواڻي ۾ انگريز فوجين سان سخت مقابلو ڪيو جنهن ۾ حرياڻي مسمات شاهل شهادت ماڻي ٖ سنجهوري ڳوٺ ڀڙي جي سُکي خاصخيلڻ حر تحريڪ جي جدوجهد ۾ فوج سان مقابلو ڪندي گرفتار ٿي ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ پنهنجي جواني جا ڏينهن گهاريا ان واقعي ۾ سندس ھڪ تيرهن ورهين جي مائٽياڻي نينگري بختاور خاصخيلي انگريز ملٽري دستي هٿان شهادت ماڻي ٖ ڳوٺ گلشير وساڻ جي حرياڻي مسمات حاڪم زادي“حر تحريڪ” دوران حر گوريلن جو ساٿ ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿي پنهنجي زندگي جا ڪافي سال سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ سينٽرل جيل سکر ۾ گهاريا ڪجهہ سال لوڙھن ۾ سخت پورهئي سان سزا ۾ بہ گذاريا مکي جي ڳوٺ ڪهڪارو پٽ جي حرياڻي مائي قائمان ملاڻي حر تحريڪ ۾ پنهنجي ٻين ساٿي عورتن سان گڏجي انگيز فوجي دستن سان سخت مقابلا بعد گرفتار ٿيون ۽ قيد ڪاٽيا ٖ جهول جي غلام فاطمه ڪيريو عرف ڪرڙي ڪيرياڻي پڻ ھڪ مسلح دستو تيار ڪيو جيڪو اڪثر رات جو انگريز فوجي چوڪين تي حملو ڪري کين ماري سندن هٿيار گولا بارود کڻي ويندو هو اهڙين اوچتو ڇاپہ مار ڪارواين سبب مائي فاطمہ کي ڪرڙي ڪيرياڻي چوڻ لڳا آخر هو گرفتار ٿي ۽ زندگي جو وڏو عرصو جيل ۽ لوڙھن ۾ گذاريائين اهڙي طرح ديس جي آزادي لاءِ “آزادي يا موت” ۽ “ وطن يا ڪفن “ جي جدوجهد ۾ حرياڻي سون ٻائي بهڻ کي بہ سنڌ جي عورت گوريلا اڳواڻ طور ياد ڪيو ويندو انگريزن خلاف جڏھن 1888ع کان 1896ع تائين واري عرصي دوران جيڪا حر تحريڪ شروع ٿي تہ حرن جي انهن گوريلا ۽ ڇاپہ مار ڪارواين ۾ مائي سون ٻائي بهڻ جو مرڪزي ڪردار رهيو ٖ مائي سون ٻائي بهڻ حر ڪمانڊر محبت فقير بهڻ جي ڀيڻ ۽ وڏي وريام فقير خاصخيلي رلي واري جي زال هئي وڏي وريام فقير خاصخيلي کي سون ٻائي بهڻ مان ٻہ پٽ بچو بادشاه خاصخيلي ۽ پير بخش فقير خاصخيلي ٿيا پير بخش فقير خاصخيلي نار وارو فقير سان مشھوري ماڻي ٖ شھيد بچو بادشاهہ جي شادي مائي سعيدان خاصخيلي سان ٿي جڏھن تہ سندس ڀاءُ پير بخش فقير جي شادي مائي بيگم بهڻ سان ٿي بچو بادشاهہ جڏھن انگريزن خلاف بغاوت جو اعلان ڪري گوريلا جنگ جو آغاز ڪيو ۽ حرن ڇاپہ مار ڪاروايون شروع ڪيون تہ انهن ڇاپہ مار ڪارواين ۾ بچو بادشاهہ جي ماءُ مائي سون ٻائي بهڻ جو ذڪر نہ ٿئي تہ حر تحريڪ اڌوري ليکي ويندي ٖ مائي سون ٻائي بهڻ نہ صرف پنهنجي پٽن بچو بادشاهہ خاصخيلي ۽ پير بخش خاصخيلي سان گڏ گوريلا ڪارواين ۾ شامل رهي پر سندس ٻئي ننهرون بچو بادشاهہ جي زال مائي سعيدان ۽ پيربخش فقير خاصخيلي جي زال مائي بيگم بهڻ بہ ان گوريلا ڪارواين ۾ شريڪ رهيون مائي سون ٻائي بهڻ جو ڀاءُ محبت فقير بهڻ ۽ پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير بچو بادشاه جي گوريلا جٿي جا ڪمانڊر هئا ٖ فقير پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير شادي ڪو نہ ڪئي بچو بادشاه جي ڪمانڊ ۾ حر ويڙھاڪن انگريزن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو ۽ هنن بچو بادشاه جي اڳواڻي ۾ هڪ متبادل سرڪار جوڙي ڇڏي هئي سندن راڄ سانگهڙ ٖ ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر تائين وسيع هو مکي ٻيلي کان مٺڙاؤ ۽ شھدادپور تائين وارو سمورو علائقو انگريز فوجن سان شديد مزاحمتي جنگ جو مرڪز رهيو پو۽ جڏھن هڪ سازش تحت بچو بادشاه ٖ عيسو فقير ڏاهري ۽ ٻيا حر مجاهد گرفتار ٿيا تہ انگريزن کين سانگهڙ شھر جي چوڪ تي سرعام ڦاهي چاڙهيو جڏھن تہ پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير سانگهڙ لڳ انگريز فوج سان مقابلي ۾ شھادت ماڻي بچو بادشاه ۽ سندس ساٿين جي ڦاهي بعد مائي سون ٻائي بهڻ ۽ سندس ٻئي ننهرون بچو بادشاه جي گهر واري مائي سعيدان ۽ پير بخش خاصخيلي جي گهر واري مائي بيگم بهڻ بہ گرفتار ٿيون ۽ انگريزن کين عمرقيد جي سزا ڏئي ڪاري پاڻي ڪٽڻ لا۽ جيسلمير جيل روانو ڪري ڇڏيو گڏو گڏ سوين حر مجاهد مرد ۽ عورتن کي لوڙھن ۾ قيد ڪيو ويو اهي طويل قيد ڪاٽڻ بعد جڏھن انگريزن جي برصغير تان حڪومت ختم ٿي تہ پو۽ انهن بهادر حرياڻين کي آزاد ڪيو ويو ٖ حر تحريڪ سعدان خاصخيلڻ ٖ مريم خاصخيلڻ ٖ بصران خاصخيلڻ ٖ مرادان خاصخيلڻ ٖ فريدان خاصخيلڻ ٖ زهران خاصخيلڻ ٖ عاقلان خاصخيلڻ ٖ مائي ڀان خاصخيلڻ ٖ هوندل خاصخيلڻ ٖ مرکان خاصخيلڻ ٖ لال خاتون خاصخيلڻ ٖ سرندي خاصخيلڻ ٖ هول خاتون خاصخيلڻ ٖ جادو خاصخيلڻ سميت ڪئين گمنام حرياڻين کي سلام جيڪي سنڌ وطن لا۽ وڙھيون ٖ شهادتن سان گڏ جيلن ٖ لوڙھن ۽ روپوشين جي زندگي گهاريائون

  مغل دور ۾ سنڌ جي پرڳڻن (ضلعن) جي حد بندي وارو هي نقشو شايد ايم ايڇ پنهور صاحب جو تيار ڪيل آهي.سنڌ جون تاريخون انگريزن ...
31/01/2022



مغل دور ۾ سنڌ جي پرڳڻن (ضلعن) جي حد بندي وارو هي نقشو شايد ايم ايڇ پنهور صاحب جو تيار ڪيل آهي.
سنڌ جون تاريخون انگريزن جي دور تائين صرف فارسي زبان ۾ ئي لکيون ويون ۽ لکڻ وارا به تقريبن اهي هئا جيڪي عوامي ٻوليء سنڌيء کان مڪمل طور تي اڻ واقف. سو سائين نياز همايوني جي لفظن ۾ سنڌ جي شهرن، ڳوٺن، ماڳن مڪانن جي نالن سان اهڙي ڪار ڪين جهڙي هاڻوڪي دور جا اردو، پنجاپي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ ڪن ٿا پيا.
ساند کي سانڊ، لُنڊ کي لَنڊ، ٺٽي کي ٺٺا، وري مذهبي شدت پسندي جو عنصر انهن ڌارين قومن ۾ تہ شروع کان وٺي چوٽيء تائين چڙهيل هو جو قديمي سنڌي نالا کين ڪافر لڳندا هئا (اڄ تائين سندن ان مزاج ۾ ذري برابر به تبديلي ڪون آئي آ).
نتيجو اهو نڪتو جو ماڳ مڪان تہ پنهنجي جاءِ تي موجود رهيا مگر وقت گذرڻ سان انهن جي سڃاڻپ ختم ٿيندي وئي. انگريزي ٻولي هئي تہ ست سمنڊ پار جي ۽ ان ۾ آواز بہ محدود هئا تہ لهجو ۽ لکڻي به مختلف پر ان جي باوجود پراڻي انگريزي لکتن ۾ ليکڪن هر ممڪن ڪوشش ڪري عوامي نالا ۽ اچار چٽڻ جي پوري ڪوشش ڪئي.
وري ترجمو ڪندڙن بہ اڪثر پنهنجي اندازن ۽ ڌُڪن کان ڪم وٺڻ کي ترجيح ڏني جو معمولي اجرت تي ڀلا ڪير پنهنجو وقت تحقيق تي برباد ڪري ها؟
انهن سڀني عناصرن گڏجي سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيائي کي اهڙو تہ منجهيل سُٽُ بڻائي ڇڏيو آهي جو آسانيءَ سان سلجهڻ ممڪن ئي ڪونهي. تڙ تڪڙ ۾ ڇڪيل ڌاڳا سلجندا ته ڪون پر ٽڪر ٽوٽا ضرور ٿيندا ويندا جن کي ملائڻ لاءِ وري ڳنڍيون ڏيڻيون پونديون آهن. ڳنڍيل ڌاڳن مان اڻيل ڪپڙو نفيس ڪون ٿيندو.
نتيجا ضرور ڪڍيا وڃن، ڇو ته نتيجا دستياب معلومات ۽ انگن اکرن مان ئي ورتا ويندا آهن پر انهن نتيجن کي حتمي ۽ پٿر تي ليڪ نہ سمجهيو وڃي. وقت سان گڏ نئي معلومات ۽ نوان انگ اکر سامهون اچڻ نتيجن تي به اثرانداز ٿيندا. انڪري اهڙي گنجائش هر وقت ضرور رکڻ کپي ته نئين معلومات مطابق نتيجن ڦير گهير بہ ٿي سگهي ٿي.

مير الطاف حسين ٽالپر جي ٿورن سام.

29/01/2022
28/01/2022

Traditional Making of Ajrak❤️

27/01/2022

سائين محمد ابراھيم جويو صاحب جي سنڌھ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ بابت 2012 لکيل ليک اوھان سان ونڊ ڪجي ٿو.
پڙھو ء ًسمجھو.
اقتدار، ڪراچي ۽ سنڌ جي وحدت!

2012آڪٽوبر
ڪراچي سنڌ جي مارئي: محمد ابراهيم
جويو
(نوٽ : جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جيڪو ڪارو قانون آڻڻ چاهي ٿي اهو پي پي 2012 ۾ سنڌ پيپلز لوڪل گورنمنت ائڪٽ تحت منظور ڪيو.اڄ به جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ڇا ٿا چاهين سمجهڻ گهرجي!)
عزيزو! اسان کي هي وقت گهر ۾ ويهي رهڻ جو نه آهي ۽ نه ئي معاملن کان لنوائڻ جو آهي پر هي وقت سجاڳ ٿي پنهنجي قومي حقن ۽ مفادن لاءِ اُٿي بيهڻ جو آهي، ڇاڪاڻ ته اسين پنهنجي ئي وطن / گهر ۾ ٿورائيءَ ۾ تبديل پيا ٿيون. اسان جا شهر اسان جي جيءَ جياپي جا مُک وسيلا اسانجي هٿن مان کسجن پيا، اسان جا ئي چونڊيل نمائندا اقتدار جي لوڀ ۾ اسان کي غلاميءَ جي اوڙاهه ۾ ڌڪي اسان جي محتاجيءَ جو سامان تيار ڪري رهيا آهن. فرض ۾ اِن سطح جي ڪوتاهي، جيڪا هڪ پوري قوم جو قومي وجود داءَ تي رکي ڇڏي، اهڙي ڪوتاهيءَ کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي اهو عمل قابلِ معافي آهي.
سنڌ جي جيڪا اڄ صورتحال آهي، انهيءَ کان اوهان سڀئي چڱي ريت واقف آهيو. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پيپلز پارٽي جي هاڻوڪي قيادت سنڌ سان ويساهه گهاتيءَ ۾ ڇيهه ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي هاڻي عوامي پارٽيءَ مان بدلجي جاگيرداراڻي پارٽي بڻجي پئي آهي، اقتدار جي لوڀ جي نتيجي ۾ سمجهه، عقل کان وانجهيل فيصلا سنڌ جي عوام تي مڙهجي رهيا آهن. ڪنهن به قوم جا شهر در حقيقت معيشت جا گهوارا ٿين ٿا، جيڪي قومن جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ کين بين الاقوامي سطح تي مُک ڌارا سان ڳنڍين ٿا. دنيا ۾ ڪو به اهڙو مثال نٿو ملي ته مذهب جي بنياد تي ڪنهن وسيع ثقافتي پسمنظر رکندڙ قوم جا ٻه ڀاڱا ڪيا ويا هجن! نه فقط اهو پر اُنهيءَ قوم جا شهر به ڌارين جي حوالي ڪيا ويا هجن ۽ هزارين سالن کان تاريخي حيثيت رکندڙ قوم جي وجود کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪري اُنهن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪري اُنهن کي ذهني ۽ جسماني طرح محڪوم بڻائي ڌارين کي اُنهن جي ملڪيت جو وارث بڻائجي. ڪراچيءَ جو مسئلو ورهاڱي وقت ئي سامهون اچي چڪو هو. بندرگاهه وارو شهر ڪراچي، جيڪو دولت مشترڪه جي جنگي توڙي تجارتي حڪمت عملي لاءِ سوئيز ڪئنال کان آسٽريليا جي وچ ۾ رابطي لاءِ نهايت ضروري منزل تي هو، انگريزن نٿي چاهيو ته اُهو سائين جي ايم سيد جهڙي هڪ انقلابي ۽ زور آور شخصيت جي هٿن ۾ وڃي. 1947ع ۾ هڪ منظم انساني ڪوس جي نتيجي ۾ رٿيل وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي، جنهن جو مثال اڳ تاريخ ۾ ڪٿي موجود ڪونهي. انهيءَ ڌاري آباديءَ جي بنياد تي 1948ع ۾ ”صوبائي محاذ“ کڙو ڪيو ويو، جنهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري نئين صوبي جي سفارش ڪئي. جيڪي سنڌي ورهاڱي کان اڳ پاڪستان جا بانيڪار ۽ معمار سمجهيا ويندا هئا، اُهي اوچتو ئي جاهل ۽ ڄٽ جهڙن ڪڌن لفظن سان نوازجڻ لڳا ۽ سندن مسلماني به مشڪوڪ ڄاڻائي وئي. جن لاءِ اسان جي سادا صفت ماڻهن گهرن جا دروازا کوليا، زمينون، جايون، مڪان، اسڪول، ڪاليج انهن حوالي ٿيا، اُنهن جي نظرن ۾ اسين ملت دشمن ۽ شرپسند بڻجي وياسين. هو حق شناسي ۽ ڪمزورن تي قياس لاءِ ۽ نه ئي ڀائپي لاءِ ڀائر هئا پر فقط مال ۽ ملڪيت ميڙڻ ۽ زمينن جي قبضن لاءِ تيار هئا. شروعات کان ئي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ۾ سنڌ اسيمبلي، جيڪو سنڌ جو قانون ساز ادارو آهي، انهيءَ منصوبي آڏو رڪاوٽ بڻيل هو. ان حد تائين جو ان وقت جناح صاحب سنڌ اسيمبليءَ کي معطل ڪري ڪراچيءَ کي مرڪز حوالي ڪيو ۽ هر طرح سان اهڙي رٿابندي ڪئي وئي، جنهن سان ڪراچيءَ تي سنڌين جي دعويٰ جا سڀئي امڪان ميسارجي وڃن. تنهن وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڪراچيءَ جي بندرگاهه توڙي انهيءَ کي ماڳهين ئي سنڌ جي نقشي کان الڳ ڪرڻ جا منصوبا غور هيٺ پئي رهيا آهن. اهڙين ڪوششن ۾ برطانيا سميت يورپ جا ملڪ شامل هئا ته جيئن هو آزاداڻي نموني ڪراچي ۾ پنهنجا سرمائيداراڻا مفاد محفوظ ڪري سگهن. اُها مخصوص سوچ اُنهيءَ تسلسل جو نتيجو آهي، جنهن صورتحال مان سنڌ لڳاتار گذري رهي آهي.
لساني بنيادن تي ضياءَ شاهيءَ جي دور ۾ سياسي پارٽيءَ جو بنياد وڌو ويو. ايئن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ لاءِ جديد هربا / نظام متعارف ڪرايا ويا. سنڌ ۾ نام نهاد لساني سياست ڪندڙ گروهه کي اُڀاري نسلي ڪوس شروع ڪيو ويو. ضياءُ کانپوءِ مشرف جي آمريتي دور ۾ 2001ع ۾ اختيارن جي مرڪزيت لاءِ مڪاني نظام متعارف ڪرايو ويو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو صوبائي حڪومتن جا اختيار ناظمن حوالي ڪيا ويا. انهيءَ نظام جو اصل مقصد سنڌ اسيمبليءَ جي وجود کي ختم ڪري، چونڊيل سنڌي نمائندن جي اختيارن کي بنهه گهٽائي، سنڌ جي اڪثريتي عوام کي هڪ اقليتي لساني ڌر جي تابع ڪرڻ هو. اِنهيءَ نظام تحت روينيو، امن امان، تعليم، ثقافت سميت ٻيا 16 کاتا ناظمن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته سنڌ اندر ڪراچيءَ کي شهري رياست بڻايو ويو ۽ حيدرآباد جي تاريخي حيثيت کي پڻ ختم ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو انهيءَ نظام کي مشرف جو ڪارو قانون سڏيندي رد ڪيو پر 85ع ۾ ٿيل اليڪشن جي نتيجن کي سامهون رکندي انهيءَ نظام تحت چونڊن وڙهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اهو پڻ واعدو ڪيو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ اچي انهيءَ نظام کي رد ڪندي. مشرف جي دور ۾ سنڌي عوام ۾ ويڳاڻپ ۽ نڌڻڪائپ جو احساس شدت سان اُڀريو . گذريل ڏهاڪي تائين وڌ ۾ وڌ سنڌ جي ماڻهن ڀوڳيو. سنڌ کي اهڙي نموني ٺيڪي تي ڏنو ويو، جيئن مغل بادشاهه ڪلهوڙن کي اڳ واري دور ۾ سنڌ جو پرڳڻو ٺيڪي ۾ ڏيندا هئا. ٻيهر ون يونٽ وارو زمانو ڦري آيو. سنڌ چپ چاپ حالتن جو زهر پيئندي رهي ۽ پنهنجيءَ بيوسيءَ ۽ ويچارگيءَ تي کامندي، پچندي ۽ پُڄرندي رهي.

گذريل ڏهاڪي کان جيڪا قيامت سنڌ ۽ سنڌي عوام تي مڙهيل رهي، انهيءَ جا نشان اڃان مٽيا ئي نه هئا ته پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ مفاهمت وچ ۾ آئي ۽ سنڌ جا سڀئي مسئلا مفاهمت جي ور چڙهي ويا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم به اهو محسوس ڪيو ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي اڪيلي سر حڪومت ٺاهيندي ته سندن سڀ عزائم اڌورا رهجي ويندا. مفاهمتي دائري ۾ ايندڙ ٻين حصيدار پارٽين، ايترا خطرناڪ علائقائي عزائم نه ٿي رکيا، جيترا لساني ڌر جا رهيا آهن. هن وقت سنڌ اندر سنڌ جي قومي وحدت خلاف بل لاءِ سخت ڪاوڙ ۽ ڪروڌ موجود آهي. انهيءَ نظام جي شقن تي ڪيترا به تجزيا ڪيا وڃن پر لبِ لباب اهو ئي آهي ته، سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي، سنڌ جي شهرن تي مڪمل ۽ سياسي انتظامي اختيارن سان حڪومت قائم ڪري، باقي سنڌ کي ترقي ۽ وسيلن ۾ پوئتي رکيو وڃي. کاتن جا اختيار چونڊيل نمائندن بدران ميئرن جي حوالي ڪرڻ سڄو سبب نظام مونجهاري جو شڪار آهي. ساڳئي وقت حڪومت طرفان انهيءَ نظام جي حق ۾ حيدرآباد ۾ جلسي ڪرڻ جو غلط فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪا سڌي سنئين سنڌ جي عوام کي وڌيڪ چيڙائڻ ۽ پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي ڪوشش آهي. هڪ ته قوم سان دوکو ڪيو وڃي ۽ انهيءَ دوکي کي جلسن وسيلي سچ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، جيڪو ندامت جوڳو عمل آهي. هن وقت سنڌ جي ماڻهن جون نظرون ۽ اميدون محب وطن قومي اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن ۾ آهن، ۽ سنڌ جي عوام جي خواهش سان منهنجي خواهش به سلهاڙيل آهي ته اجگر جهڙي هن للڪار (Challenge) کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي سنڌ جي وينتي آهي ته ان خلاف گڏجي لائحه عمل جوڙين ته جيئن عوام کي اتساهيندڙ پيغام ملي ۽ عوام ۾ سرهائي ۽ سجاڳي اچي ۽ انهيءَ سنڌ جي وحدت خلاف فيصلي کي رد ڪيو وڃي.

ڪراچي: سنڌ جي مارئي
”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ عنوان مان اِها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ريت مارئي پنهنجن اباڻن ۽ ڏاڏاڻن کان زوريءَ جدا ڪئي وئي هئي، کيس ڪوٽن ۾ قابو ڪيو ويو هو ۽ کيس طرح طرح جون آڇون ۽ لالچون ڏيئي پنهنجي وطن کي وسارڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿي ويو، تهڙي ريت ڪراچي شهر کي پڻ پنهنجن اصلوڪن وارثن کان جدا ڪرڻ جي سازشي انداز ۾ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ کيس سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کان هر طريقي ڇنڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪراچي مارئي وانگي ئي نماڻي ۽ هيڻي ٿي پئي آهي. اُها به ڌارين جي حوالي ٿيل آهي، جيڪا هر پل تڙپي ٿي ته ڪنهن طرح پنهنجن سان ملي هڪ ٿئي ۽ خوش ٿئي. هو پڻ مارئي وانگي سراپا پڪار ۽ اوسيئڙو بڻيل آهي. هوءَ پڻ سمجهي ٿي ته امن (Peace) خوشحالي (Prosperity) ۽ خوشي (Happiness) سندس حصي ۾ تڏهن ئي اچي سگهندا، جڏهن هوءَ ڌارين جي قبضي مان پوري طرح آزاد ٿي پنهنجن سان ملندي. هن وقت مارئي پاڻ کي سنڌ ماءُ جي هنج ۾ نه پر ڪنهن هڏ ماس کائڻ واري ڏائڻ جي قبضي هيٺ سمجهي ٿي.

سڀ کان وڌيڪ اچرج جي ڳالهه اها آهي ته ڪراچي شهر کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جا بنياد ان ئي ڌر پاران وڌا پيا وڃن، جنهن ڌر کي اِهو ناز آهي ته وٽن سنڌي ماڻهن جو مينڊيٽ آهي.

سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس جهڙي ريت پاس ڪيو ويو ۽ جنهن اٻهرائيءَ سان اِهو سمورو ڪم اڪلايو ويو، ان مان اهوئي معلوم ٿئي ٿو ته رڳو ئي رڳو اقتدار کي بچائڻ ۽ ان کي جاري رکڻ واسطي وڏي کان وڏي عوامي جماعت هجڻ جي دعويٰ رکندڙ ڌر پيپلز پارٽي هاڃيڪار قدم کڻي سگهي ٿي. ساڳئي وقت ڪراچي شهر جي لاءِ ڌار ۽ باقي شهرن ۽ ٻهراڙين لاءِ جدا جدا قانون هجن ته ڇا اڃا اها سياسي ۽ انتظامي ورهاست ناهي!؟ ڪراچي شهر مان سنڌ جي معيشت جو 70 سيڪڙو پيدا ٿئي ٿو ۽ سڄي صوبي جو 75 سيڪڙو مزدور طبقو اُتي ڪم ڪري ٿو. هن شهر مان هڪ اندازي مطابق 24 ارب رپيا مهيني ۾ ڀتو وصول ٿئي ٿو. واٽر بورڊ KESC ۽ KMC ۾ 60 هزار کان مٿي ملازم مشرف جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا. 6000 ويڙهاڪ ڪميونٽي پوليس ۾ ڀرتي ڪرائي ڪراچي جي ڪيترن علائقن کي نوگو ايريا بڻايو ويو ۽ انهن معرفت جاسوسي ڪرڻ جو هڪ ڄار وڇايو ويو. کربين رپين جي زمين جا اختيار ناظم حوالي ڪيا ويا. اهڙن سڀني ڪارنامن کي برقرار رکڻ واسطي 5 منٽن ۾ اهو بل اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويو.
جيڪڏهن پٺتي نهارجي ته سنڌ جي وحدت ۽ بقا تي ڪاپاري ڌڪ وانگي ڪڙڪي ڪرندڙ ون يونٽ کي به ائين لاڳو نه ڪيو ويو هو. انهيءَ سڀ ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو آرڊيننس پوري طرح پڌرو نه ڪيو ويو آهي. هي شايد پهريون بل يا قانون هوندو، جنهن جي منظوري ته اڳ ۾ ئي ڏني وئي آهي پر ان مسودي جي تياري پوءِ ڪئي ويئي. نه ته عام طرح ڪنهن مسئلي تي مسودو تيار ڪري اسيمبلي ۾ پيش ڪبو آهي، ۽ ان تي غور ويچار ڪبو آهي ۽ ضروري درستگي ۽ تبديلين کان پوءِ مسودو طئه ڪيو ويندو آهي. پر ان کي جهڙي ريت مختلف مرحلن مان گذاريو ويو آهي، انهن مان حڪمرانن جي نيت پڌري ٿي پوي ٿي. هن آرڊيننس وسيلي 40 کاتا ميئر حوالي ڪيا ويا آهن. ان جو مطلب اِهو ٿيو ته ارڙهين ترميم وسيلي ڪانڪرنٽ لسٽ ختم ڪري جيڪي اسم صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا، اهي لڳ ڀڳ سڀ ميئر جي اختيار ۾ هوندا، جنهن کان پوءِ سنڌ 3جي سڀ کان وڏي اهم قانون ساز اداري سنڌ اسيمبليءَ جي اهميت متاثر پئي ٿئي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ مون وٽ ڪجهه ساڃاهه وند شخصيتون ۽ سنڌ بچايو ڪميٽي جا ساٿي مهرباني ڪري آيا ۽ هن ڪاري قانون متعلق تفصيلي گفتگو ڪيائون. جنهن لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان ۽ جيئن مون انهن ساٿين سان انهيءَ ڪاري قانون کي سمجهيو آهي، تيئن ئي مان انهيءَ کي اوهان سان به ونڊڻ چاهيندس.

ٻٽي نظام جي جوڙجڪ:

سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2012 واري ڪاري قانون جي سيڪشن 8 هيٺ ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري کين هڪ ضلعو قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تي نالي ماتر ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ٺاهي وئي آهي ۽ ان سازش کي لڪائڻ لاءِ سنڌ جي پهرين چئن ۽ هاڻي پنجن ضلعن تي مشتمل ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ٺاهيون ويون آهن. اهو فقط ڪراچي کي الڳ انتظامي حيثيت ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ڪراچيءَ جي پنجن ضلعن تي هڪ ۽ باقي پنجن ضلعن ۾ پنج ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن هونديون.

ڪاري قانون جي شق نمبر (5) 14 ۾ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي لامحدود اختيار ڏئي کيس اهو به اختيار ڏنو ويو آهي ته اها پنهنجي خرچ تي ڪابه سرگرمي ڪري سگهي ٿي ۽ ڪابه آفيس قائم ڪري سگهي ٿي، جيڪو اختيار آئين هيٺ وفاقي سرڪار وٽ به نه آهي، ڇو جو اها به آئين جي شيڊيول 4 هيٺ ئي کاتا قائم ڪري سگهي ٿي. اهڙي طرح ڪاري قانون جي شق نمبر 9 هيٺ ضلعن کي لتاڙي ۽ انهن جي حدن کي ميساري ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ۾ 18 ٽائون ٺاهيا ويا آهن، جيڪي ضلعي حد بندين کان آجا قرار ڏنا ويا آهن. اهڙي طرح باقي سمورن ضلعن لاءِ ضلعي ڪائونسلون ٺاهيون ويون آهن پر ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڪراچي مرڪزيت ۽ ون يونٽ تي ٻڌل اهڙي ڪائونسل هوندي، جنهن جا اختيار شق نمبر (5) 14 هيٺ لامحدود هوندا. وڌ ۾ وڌ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ڪراچي کي 178 يونين ڪائونسلن ۽ 18 ٽائونن تائين محدود ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل آدمشماريءَ جي بنياد تي 350 يونين ڪائونسلون ۽ 35 ٽائون ٺهڻ گهرجن، جو ڪابه يونين ڪائونسل 25 کان 50 هزار آباديءَ تي ٺاهي سگهجي ٿي. ڪراچيءَ جي 70 سيڪڙو زمين تي ٻڌل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪراچيءَ کي ختم ڪري سنڌي عوام کي پنهنجي ئي گاديءَ واري هنڌ ۾ ڌارين حوالي ڪري لاوارث ۽ بي يار و مددگار ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح پنجن ضلعن تي مشتمل ڪراچيءَ کي ته هڪ ميٽرو پوليٽن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي پر هاڻي چئن ضلعن تي مشتمل اڳوڻي حيدرآباد کي ساڳي ڪٽيل حيثيت ۾ ميٽرو پوليٽن قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح متڀيد ۽ لساني بالادستيءَ تي ٻڌل هي ٻٽو نظام سنڌ جي وحدت تي انهيءَ ساڳئي وار جو تسلسل آهي، جيڪو 2 جولائي 1948ع تي سنڌ کان ڪراچيءَ کي کسي مرڪز حوالي ڪرڻ جي صورت ۾ ڪيو ويو هو.

ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڪراچيءَ جا اختيار

ڪاري قانون جي شق نمبر 38 ۾ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشنز ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز جا اختيار واضح ڪيا ويا آهن. شق نمبر 39 هيٺ ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز کان واڌو اختيار ڏنا ويا آهن، جن ۾ زمين جي درجه بندي، ان جو استعمال، ماحوليات، زون ٺاهڻ، هائوسنگ، مارڪيٽ ٺاهڻ، ٽريفڪ ٽيڪس، سامونڊي پٽي پڻ شامل آهن. هنن اختيارن جو مقصد اهو آهي ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ته سامونڊي حدن ۾ ترقياتي اسڪيمون ٺاهي سگهندي پر بدين يا ٺٽي ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کي اهڙو اختيار نه هوندو. اهڙي ئي طرح ڪاري قانون جي شق نمبر 38 هيٺ مارڪيٽ ڪاميٽيون ٺاهڻ جو اختيار به ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي ڏنو ويو آهي.

آئين جي آرٽيڪلز 6،5،4،142،137 جي سنگين خلاف ورزي ڪندي ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪاپوريشن کي ڪاري قانون جي شيڊول هڪ هيٺ سنڌ حڪومت جا آئيني اختيار ڦري کيس 40 کاتا حوالي ڪيا ويا آهن. سنڌ سرڪار وٽ هينئر 43 کاتا آهن پر ڪراچي ميٽرو پوليٽن وٽ 40 کاتا هوندا ۽ سنڌ سرڪار باقي ڪجهه کاتن تي ٻڌل هوندي، جنهن کان دڳ ويندو به نه پڇندو.

ليٽن ڪارپوريشن ڪراچيءَ کي اهو به اختيار هوندو ته اها شيڊول هڪ جي نقطي 22 هيٺ ٻڌ ڇوڙ جا آئيني اختيار سيڪشن 109 سي .آر .پي .سي سميت 145 سي .پي .آر .سي هيٺ ۽ ملڪيت پاڻ وٽ رکڻ جا اختيار استعمال ڪري. سيڪشن 133، 143، 144 سي. آر. سي. پي جا اختيار پڻ ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن وٽ هوندا. ساڳئي اسم هيٺ ڪارپوريشن کي پوليس ايڪٽ 30A کان (B)34 تائين جا اختيار- جن ۾ جلسن جلوسن جي اجازت، امن و امان جي خلاف ورزين جي سزا پڻ شامل آهي. ان کانسواءِ ڪاري قانون جي باب نمبر 17 ۾ مختلف ڏوهن جي سزا لاءِ ڪارپوريشن ۾ انسپڪٽرس جا جٿا قائم ڪيا ويندا، جيڪي ماڻهن تي سيڪشن (3)156 هيٺ ٿاڻن تي سڌي ريت ايف.آءِ.آر ڪٽرائيندا ۽ عدالتن ۾ ڪيسن جي پيروي ڪندا. مطلب ته ڪارپوريشن وٽ پراسيڪيوشن جا اختيار به هوندا. هنن اختيارن کانسواءِ ڪارپوريشن سيڪشن (5)14 هيٺ ڪوبه وڌيڪ کاتو قائم ڪري سگهندي، جن ۾ پوليس سميت اها ڪوبه کاتو قائم ڪري سگهي ٿي. ميئر ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي جا چيئرمين پڻ ٿي سگهن ٿا (ڏسو سيڪشن 201). اهڙي طرح ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن جو ميئر ڪاري قانون جي سيڪشن 64 هيٺ ٽائون چيئرمين جي ڪنهن به حڪم کي رد ڪري سگهندو. سيڪشن 149 هيٺ ٽائون تي سندس ڪنٽرول هوندو ۽ انهن خلاف جاچ به ڪرائي سگهندو، معنيٰ ته ميئر کي ڪراچيءَ جي زندگي جي سمورن شعبن تي نه رڳو مڪمل ڪنٽرول هوندو پر اهو وڏي وزير کان به وڌيڪ با اختيار هوندو، ڇو ته سيڪشن 23 هيٺ ميئر کي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان هٽائي سگهجي ٿو، جڏهن ته آئين هيٺ وڏي وزير کي سادي اڪثريت سان هٽائي سگهجي ٿو. سيڪشن (e)28 هيٺ صوبائي ۽ وفاقي قانونن تي ميئر عمل ڪرائيندو، سيڪشن 29 هيٺ ڪنهن به آفيسر خلاف ڪارروائي ڪري سگهندو، آفيسرن جون اي .سي .آر 17 گريڊ تائين هو لکندو ۽ باقي 20،19 ۽ 21 گريڊ جي آفيسرن جون اي سي آر به هو ئي لکندو، وڏو وزير رڳو انهن تي ٺپو هڻندو. ڪاري قانون جي باب 16 هيٺ ميئر جي ماتحت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سروس قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار پابند هوندي.

ڪاري قانون جي 21 بابن مان باب نمبر 18 هون گم آهي. 17 کان پوءِ 19 هون باب شروع ٿئي ٿو، جڏهن ته ست شيڊول پڻ غائب آهن. حيرت آهي ته، اسپيڪر قانون مان پورو باب گم هوندي به پنجن منٽن ۾ ان کي پاس ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ٿو!

سنڌ حڪومت ۽ بلدياتي نظام ۾ اختيارن جي توازن جو بگاڙ

مٿئين بحث مان اوهان کي اهو ڀلي ڀت محسوس ٿيندو ته هر ضلعي ۾ ٻه انتظامي نظام ڪم ڪندا، هڪ ميئر ۽ سندس ماتحت چيف آفيسر جي ڪنٽرول ۾ هوندو، جيڪو ضلعي انتظاميا جو سربراهه هوندو، ته ٻيو نٻل ۽ بي اختيار ڊپٽي ڪمشنر جي ماتحت، جيڪا وڏي وزير جي انتظاميا هوندي. ميئر جي ماتحت انتظاميا تمام گهڻي طاقتور، جڏهن ته وڏي وزير جي انتظاميا نه هجڻ جي برابر هوندي. هونئن ته نالي ماتر خانه پوري واسطي وڏي وزير کي سيڪشن 24 ۽ 143 هيٺ ميئر جا حڪم رد ڪرڻ يا کيس معطل جا اختيار ته ڏنا ويا آهن پر اهي قانوني عمل جي تابع هوندا. مطلب ميئر کي اهو به اختيار هوندو ته هو وڏي وزير جي فيصلن خلاف عدالتن ۾ دعويٰ داخل ڪرائي سگهي. سنڌ ۾ ون يونٽ کان خطرناڪ هي اسڪيم مشرف واري نظام سان به نٿي ڀيٽي سگهجي، ڇو ته مشرف واري نظام هيٺ ڪائونسلز کي ڏنل 12 کاتن تي سنڌ سرڪار جو به ضابطو هو ۽ اختيار سنڌ حڪومت ۽ مڪاني حڪومتن جا گڏيل هئا، پر هن ڪاري قانون هيٺ سمورا اختيار ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڪراچي کي منتقل ڪيا ويا آهن. ان ڪري هي ڇڙواڳ نظام ڊڪٽيٽر مشرف واري نظام کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. مشرف واري نظام هيٺ ڊي سي او سنڌ سرڪار ۽ ناظم جي گڏيل اختياري هيٺ ڪم ڪندو هو پر هاڻي چيف آفيسر ۽ کاتن جا ڊائريڪٽر وڏي وزير آڏو نه پر ميئر آڏو جوابدهه هوندا. هي نظام سنڌ جي سنڌي آباديءَ ۽ اردو آباديءَ ۾ نه رڳو نفرت جو ٻج ڇٽيندو پر نيٺ سنڌ کي لساني ورهاڱي ڏانهن وٺي ويندو.

مالي بندوبست

ڪاري قانون جا ٻه باب هر هڪ باب نمبر 11 ۽ 12 مالي معاملن بابت آهن. تاريخي طور تي مڪاني ادارن جو دائرو، ميونسپل ڪم سنڀالڻ رهيو آهي، جنهن لاءِ کين آڪٽراءِ ٽيڪس، لوڪل سيس فنڊ، ڪراين وغيره مان ٿيندڙ آمدنيءَ تي اهي ادارا هليا آهن. تاريخ ۾ پهريون دفعو سنڌ سرڪار نه رڳو هنن کي پنهنجا ٽيڪس پر پنهنجي بجيٽ ۾ حصيدار بڻائي ڇڏيو آهي. 1985ع کان وٺي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ڪراچيءَ جي گهر رهي آهي ته پراپرٽي ٽيڪس سندس حوالي ڪئي وڃي. شيڊول هڪ هيٺ پراپرٽي ٽيڪس ته هنن حوالي ڪئي وئي آهي پر سيڪشن 109 هيٺ وفاقي صوبائي طرز تي نه رڳو جدا اڪائونٽ پر آئين جي آرٽيڪل 160 جي طرز تي اين .ايف .سي وانگر پي .ايف .سي (پراونشل فنانس ڪميشن) سيڪشن 124 هيٺ ٺاهي صوبائي بجيٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو ويو آهي. معنيٰ ته ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي نه رڳو آڪٽراءِ سميت ميونسپل ٽيڪس لڳائڻ جو اختيار هوندو پر اها پراپرٽي ٽيڪس به اوڳاڙيندي ۽ ان کان سواءِ سنڌ جي ريگيولر بجيٽ ۾ به ان جو حق مڃيو ويو آهي. صوبي جا لڳ ڀڳ اڌ وسيلا ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن حوالي هوندا، جنهن جي جوڙ جڪ نه جمهوري هوندي ۽ نه وري ان ۾ ٻين ڌرتيءَ ڌڻين کي ڪو اختيار هوندو. اهڙي طرح سنڌ جي ساحلي ٻيٽن کان وٺي سنڌ جي ماليات تائين ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن کي سنڌ سرڪار جا سمورا اختيار منتقل ڪيا ويا آهن.

اڄ ڪراچي شهر تي جيڪي به ڌريون دعويٰ ڪن ٿيون، انهن مان ڪابه ڌر تاريخي طرح ڪراچي شهر جي وارث نه رهي آهي. اِهي رڳو ئي رڳو سنڌي ماڻهو ئي هئا، جن هن شهر جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو رت ست ڏنو. پنهنجي جاگرافيائي اهميت سبب ڪراچيءَ کي اهم شهر بڻجڻو ئي هو پر جيڪڏهن اهو ڌارين بدران پنهنجن جي هٿن ۾ هجي ها ته اڄ اهو امن جو هندورو هجي ها.

هن وقت سنڌ جي 6 ڪروڙ سنڌين جي زندگي انهيءَ نظام ڪري داءَ تي لڳل آهي، پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ماڻهن سان ڪڏهن به هڪ قوم طور ورتاءُ نه ڪيو آهي، سنڌ کي فقط هڪ ڪارڊ سمجهيو آهي، جنهن مان اڪثريتي سنڌي آبادي کين ووٽ ڏيندي آئي آهي. سنڌ جي والي وارث ٿيڻ جي دعويٰ رکندڙ پارٽيءَ جو ٻهروپ سامهون اچي چڪو آهي، ساڳئي وقت هن ڪاري قانون خلاف بئريسٽر ضمير گهمري صاحب سپريم ڪورٽ ۾ دعويٰ داخل ڪئي آهي ۽ 8 نومبر تي انهيءَ جي ٻڌڻي رکيل آهي، ساڳئي ڏينهن تي لساني ڌر پاران ريفرنڊم جو تياريون ٿي رهيون آهن. جناح صاحب جو پاڪستان جيڪو مذهب جي بنياد تي وجود ۾ آيو هو، جنهن ۾ اڄ به Nation State(s) جي ڏنل تصور کي ناهي قبوليو ويو. کل جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ پاسي اسان کي ثقافت، ٻولي ۽ تاريخي وطن تي دعويٰ رکڻ جي ڏوهه ۾ اسان جا معاشي، اقتصادي ۽ ثقافتي حق ڦٻايا ويا آهن ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهن جو قتل عام جاري آهي، ته ٻئي پاسي اسان کي طالبان جي پاڪستان کان ڊيڄاريو پيو وڃي.
Mohsin joyo

Google Doodle honouring Parween  Rahman on her birthday. Rahman was a social activist and director of the Orangi Pilot P...
22/01/2022

Google Doodle honouring Parween Rahman on her birthday. Rahman was a social activist and director of the Orangi Pilot Project Research and Training Institute. She was murdered on 13 March 2013.

SINDH is the largest gas producing province which contributes more than 70 per cent to total natural gas in the country....
21/01/2022

SINDH is the largest gas producing province which contributes more than 70 per cent to total natural gas in the country. It is considered the energy basket of Pakistan. However, it consumes no more than 45pc of the gas it produces.

Sindh is the richest province in natural resources, yet it faces severe natural gas and CNG shortages. This has affected industrial workers, transporters and consumers.
جڏهن اسان گئس جي کوٽ بابت سوال ڪيون سي سي آئى ڪاونسل جو جواب🤯
://www.dawn.com/news/1527858

Address

Karachi
75790

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Times Of Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share