
08/07/2025
اداڪاره ۽ ماڊل حميره اصغر علي جو پراسرار موت
رپورٽ : اظھر علي جوکيو
اڄ جو انسان ايڏو بي سڌ، بي حس ۽ بي خبر ڇو ٿي ويو آ ؟
اها بي حسي ۽ بي خبري فقط ڪراچي وارن جي حصي ۾ آھي ؟ يا جتي ڪٿي ساڳيو ئي حال حشر آ ؟ ؟
اڄ شام جو اهڙي اڀاڳي خبر آئي جنھن پوري شوبز انڊسٽري کي سوڳوار ڪري ڇڏيو، خبر اها آھي ته مشھور اداڪاره ۽ ماڊل حميرا اصغر جو سندس گهر مان لاش مليو، اندازو آھي ته حميرا جو لاش هڪ مھينو پراڻو آھي. اداڪاره حميرا اصغر جيڪا ڊفينس فيز 6 ۾ اتحاد ڪمرشل جي چوٿين ماڙ تي ھڪ ڀاڙي جي فليٽ ۾ گذريل ستن سالن کان اڪيلي رهندي هئي. جيڪا اڄ پنھنجي ان ئي فليٽ ۾ مئل حالت ۾ ملي، لاش جي حالت ڏسي ڊاڪٽرن ۽ پوليس جو اندازو آھي ته لاش لڳ ڀڳ هڪ مھينو پراڻو آھي. حيرت جھڙي ڳالھ آهي ته پوري هڪ مھيني تائين مشھور اداڪاره ۽ ماڊل حميره اصغر جي ڪنھن به سار نه لڌي ؟ نه ڪنھن دوست، نه ڪنھن مٽ نه مائٽ، نه سندس ڪنھن پاڙيسري ۽ نه وري ڪنھن ساٿي اداڪار يا ڪنھن پروڊيوسر يا ڊائريڪٽر ؟
فليٽ مالڪ ڀاڙو نه ملڻ جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي لاءِ عدالت جو در کڙڪايو ۽ عدالتي حڪم تي ڊفيس پوليس فليٽ خالي ڪرائڻ لاءِ پھتي ته خبر پيئي ته اداڪاره مري چڪي آھي.
حميرا اصغر هڪ عام ڇوڪري ته نه هئي جنھنجو موت ائين گمنام طريقي سان ٿيو ؟ هوءَ شھرت جي آسمان تي چمڪندڙ چنڊ نه ته ستارو ضرور هئي ۔ اهڙو ستارو جيڪو ڪنھن غريب جي جهوپڙيءَ ۾ ٻرندڙ ڏيئي جيان اوچتو اجهامي ويو ۽ آس پاس ۾ ڪنھنکي سُڌ ئي نه پئي.
ڪجھ ڏينھن پھريان به اهڙو ئي هڪ دل ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو جڏهن پاڪستان جي موسٽ سينئر آرٽسٽ عائشه خان ائين اڪيلي گهر ۾ وفات ڪري ويئي ۽ هڪ هفتي کانپوءِ پاڙي وارن کي تڏهن هن جي موت جي خبر پيئي جڏهن عائشه خان جي لاش مان بدبوء ڦھلجڻ لڳي.
آخر اهڙا واقعا ڇو ٿا پيش اچن ؟ ڇا اهڙا واقعا صرف شوبز شخصيتن سان پيش ٿا اچن يا عام ماڻهن سان پڻ اهڙو واقعو ڪٿي پيش آيو آھي ؟ يا اسانجو معاشرو اڃا تائين شوبز جي شخصيتن مرد توڙي عورتن کي ناهي قبولي سگهيو ۽ هنن کي معاشري ۾ بگاڙ جو سبب سمجهي لاتعلق ٿو رهي ؟؟
حميرا اصغر جي اهڙي اوچتو ۽ لاوارثيءَ واري موت سچ ته دل ڏکائي وڌي آھي ۽ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آھن جن سوالن جا جواب مون وٽ ناهن ..
Azhar ALi Jokhio 4th Screen Talkies