Samaji Awaz News

Samaji Awaz News news

ڪوٽڏيجي:انجنيئر فيصل ڀٽو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، مقتول جو مامو ئي سندس قاتل نڪتو، 3 جوابدار گرفتار
02/09/2026

ڪوٽڏيجي:انجنيئر فيصل ڀٽو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، مقتول جو مامو ئي سندس قاتل نڪتو، 3 جوابدار گرفتار

ميرپورخاص: مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار، پستول هٿاو سي: ميرپورخاص تعلقه پوليس مبينا پوليس مقابلي دوران ٻن جوابد...
27/08/2026

ميرپورخاص: مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار، پستول هٿ

او سي: ميرپورخاص تعلقه پوليس مبينا پوليس مقابلي دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ هڪ 30 بور پستول هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن ۾ علي گوهر ڊومڪي ۽ اعجاز علي شر شامل آهن، جن جو تعلق سامارو، عمرڪوٽ سان ٻڌايو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن خلاف مزاحمت ۽ فائرنگ سميت هٿيار رکڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

26/08/2026

ميرپورخاص: عمرڪوٽ صحت کاتي جي ايمبولينس ڪراچي ۾ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ طور استعمال ٿيڻ جو انڪشاف

عمرڪوٽ صحت کاتي جي ايمبولينس ڪراچي ۾ پرائيويٽ ٽرانسپورٽ ڪمپني جي مسافر وين طور هلائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد صحت کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو.
وائرل وڊيو ۾ وين نمبر CQ-0938 کي ڪراچي جي مختلف علائقن ۽ اسٽاپن تي مسافر کڻندي ۽ ڪراين تي هلندي ڏٺو ويو، جڏهن ته اها وين عمرڪوٽ صحت کاتي جي ايمبولينس طور رجسٽرڊ ٻڌائي وڃي ٿي. ذريعن موجب وين ايم بي ايس مووز (MBS Moves) نالي پرائيويٽ ٽرانسپورٽ ڪمپني سان گڏ مبينا طور ڪمرشل استعمال ٿي رهي هئي.
معاملو سامهون اچڻ بعد ڊي ايڇ او عمرڪوٽ وين واپس گهرائي پنهنجي آفيس ۾ بيهاري ڇڏي. شهرين سرڪاري ايمبولينس جي مبينا پرائيويٽ استعمال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

رپورٽ: طارق پنھور، ميرپورخاص

فهميده پتافي بازياب نٿي ته ڊي آءِ جي سکر کي هٽائڻ جو حڪم ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ جا گهوٽڪي مان اغوا ٿيل ناري جي ڪيس ۾ رم...
24/08/2026

فهميده پتافي بازياب نٿي ته ڊي آءِ جي سکر کي هٽائڻ جو حڪم ڏينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ جا گهوٽڪي مان اغوا ٿيل ناري جي ڪيس ۾ رمارڪس

ڪراچي پوليس پاران آفيسرن جي ذاتي تشهير ۽ شخصي تشخص کي نمايان ڪندڙ تشهيري مواد جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.سڀني...
24/08/2026

ڪراچي پوليس پاران آفيسرن جي ذاتي تشهير ۽ شخصي تشخص کي نمايان ڪندڙ تشهيري مواد جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سڀني پوليس يونٽن ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سرڪاري تشهير ۾ ڪنهن فرد بدران ڪراچي پوليس جي اداري واري تشخص، عوامي خدمت ۽ ڪارڪردگي کي اجاگر ڪيو وڃي.
ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان پاران جاري ڪيل سرڪيولر موجب ڪنهن به پوليس آفيسر جي تصوير يا پورٽريٽ کي بينرن، بل بورڊن، هورڊنگز، پوسٽرن، اسٽينڊيز، بيڪ ڊراپس، اشتهارن يا ٻين تشهيري ۽ پروموشنل مواد تي استعمال نه ڪيو ويندو.
اها پابندي پوليس گاڏين، پوليس عمارتن جي ٻاهران ۽ ٻين عوامي هنڌن تي لڳايل تشهيري مواد سان گڏ سوشل ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ٻين ميڊيا پليٽ فارمن تي به لاڳو هوندي.
سرڪيولر ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته سرڪاري تشهير جو مقصد ڪنهن آفيسر جي ذاتي تشهير نه، پر پوليس جي مجموعي ڪارڪردگي، عوامي خدمتن، اهم قدمن، ڪاميابين ۽ عوامي آگاهي جي پيغامن کي اجاگر ڪرڻ آهي.
البت پوليس شهيدن جون تصويرون سرڪاري يادگار تقريبن، خراجِ عقيدت، ميموريلز ۽ ٻين مجاز موقعن تي احترام ۽ وقار سان استعمال ڪري سگهجن ٿيون.
سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته انهن حڪمن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ذميواري جو تعين ڪري لاڳاپيل ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪراچي پوليس جو بنيادي مقصد ڪنهن فرد کي نمايان ڪرڻ نه، پر اداري جي خدمت، ڪارڪردگي ۽ عوام جي اعتماد کي مضبوط بڻائڻ آهي.

ڪراچي ۾ بينڪ ٻاهران واپاري کان هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ڦر، شڪ جي بنياد تي بينڪ جا گارڊ گرفتار
24/08/2026

ڪراچي ۾ بينڪ ٻاهران واپاري کان هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ڦر، شڪ جي بنياد تي بينڪ جا گارڊ گرفتار

خيرپور:  ڊي آءِ جي سکر خيرپور ضلعي جي 49 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي بعد ل...
23/08/2026

خيرپور: ڊي آءِ جي سکر خيرپور ضلعي جي 49 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي بعد لاڳاپيل اختيارين کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. وڌيڪ تفصيل جاچ مڪمل ٿيڻ بعد سامهون ايندا.

ميئر ميرپورخاص عبدالرؤف غوري اسٽيٽ لائف بلڊنگ چوڪ جو نالو تبديل ڪري ختمِ نبوت ﷺ چوڪ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.مفتی شريف سعيد...
22/08/2026

ميئر ميرپورخاص عبدالرؤف غوري اسٽيٽ لائف بلڊنگ چوڪ جو نالو تبديل ڪري ختمِ نبوت ﷺ چوڪ رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
مفتی شريف سعيدي ۽ انجمن تاجران سان جاري اجلاس دوران شهرين جي مطالبي ۽ سوشل ميڊيا مهم تي اعلان ڪيو ويو. ميئر چيو ته 12 ربيع الاول کان اڳ ختمِ نبوت ﷺ چوڪ تعمير ڪرائي شاندار افتتاح ڪيو ويندو.

18/08/2026

العمران ٽائون ۾ معصوم نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، پاڙي وارن بچائي ورتو

العمران ٽائون ۾ 8 کان 10 سالن جي معصوم نياڻي ٽيوشن تان واپس گهر وڃي رهي هئي ته رستي ۾ هڪ عورت مبينا طور نياڻي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نياڻي جي رڙين تي پاڙي وارا فوري طور پهچي ويا، جنهن سبب مبينا اغوا جي ڪوشش ناڪام بڻجي وئي ۽ نياڻي کي محفوظ بڻايو ويو.

معصوم نياڻي جي والد محمد ابراهيم ملڪ پاران مهراڻ ٿاڻي تي واقعي بابت شڪايت پڻ درج ڪرائي وئي آهي. والد موجب، سندس نياڻي ٽيوشن تان واپس اچي رهي هئي ته عورت کيس مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

واقعي کانپوءِ علائقي واسين ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي. رهواسين پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري ذميوار خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.

13/08/2026

جشنِ آزادی کے پُرمسرت موقع پر پاکستان کے تمام محبِ وطن عوام کو دل کی گہرائیوں سے جشنِ آزادی مبارک ہو۔

منجانب: ببلو مالہی شوشل ورکر، میرپورخاص

Address

Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Samaji Awaz News posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Samaji Awaz News:

Shortcuts

Share