14/04/2026
سنڌ هيومن رائيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين جناب اي ڊي مغل ۽ صدر/ميڊيا ڪوآرڊينيٽر جناب سجاد احمد ڀٽو گورنر هائوس ۾ گورنر سنڌ جناب سيد نهال هاشمي سان اهم ملاقات ڪئي۔ ملاقات دوران اداري جي ڪارڪردگي، جاري فلاحي منصوبن ۽ عوام کي درپيش مسئلن جي حل بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو ويو۔