Ahr_rajar

Ahr_rajar رُوئيندي رُوئندي نير کُٽي ويا، لهو اچي ويو لُڙڪن ۾
آءُ ڪئن کلندي کيرُ پيان، منهنجي سنڌڙي آهي سُڏڪن ۾.
(1)

23/04/2025
20/04/2025

سنڌو

سنڌو، توسان سو سَڱ آھن،
ديسن وارن ديوانن جا،
درد جا رشتا، دل جون ڳالھيون،
پور پراڻا، خواب خوشين جا،
ورھين کان تو سانڍيا آھن،
اڻڄاتل انسانن جا!

منھنجي ديس جي ڌرتيءَ تي آ
تنھنجي ڇايا، تنھنجا ڇيڄ،
ڏيھُ ڀلي ڏھڪاءُ ھجي پر
ڏاھپ ڏاھپ تنھنجا ڏيج.

ماروئڙن جو ساھھ بھ تون آن،
چاھُ بھ تون آن،
خوشيون توسان،
ڏک-سک توسان،
گيتن جي گونجار بھ توسان،
قرب ڪڙا اقرارَ بھ توسان،
جيت بھ توسان، ھار بھ توسان،
محبت جي مھڪار بھ توسان
تنھنجي لات لطيف جي وائي،
تنھنجو پاڻي امرت ڌارا،
تنھنجون لھرون گئوا لوليون،
تنھنجي چاھت چوڏس جھڙي،
ٻھَ ٻھَ ٻُرندڙ تنھنجون ٻوليون.

ڪاڪ منجھان ڪا خاڪ اُڏاڻي،
مھڪِي پيو مھراڻ جو پاڻ،

منھنجو ماض؛
منھنجو ماضي، اُڀ کان اوچو،
تنھنجي تِڙڪي منھنجھ تريو ھو،
ڪلھ جو ماڻھو ڪوڏن جھڙو
تنھنجي چاھت منجھ چريو ھو.
مان ان جو پاڇولو آھيان:
ساڳيون ڳالھيون ، ساڳي ڳڻتي،
ساڳي ئي ڳڻڳوت آ منھنجي،
راھ بھ ساڳي، اوھ بھ ساڳي،
سِيرَ اُھا، سيڻاھ بھ ساڳي.

اڄ جو مون سان جاڙ ڪئي ٿئِي،
ان جو ڪو ارمان نھ آھي،
تنھنجو منھنجو درد جو رشتو،
ڪينءَ ٽُٽي __ آسان نھ آھن.

تنھنجي پاڻيءَ ۾ ئي پلجي،
ٻارُ وڌي ٻلوان ٿي ويندو:
اوڀر کان جو باک ڦٽي آ،
اُجيارو ايوان ٿي ويندو.

_قمر شھباز (چنڊ رھين ٿو دور)

21/02/2025
18/02/2025
💙💚
12/02/2025

💙💚

Address

Sachal Goth
Karachi

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Ahr_rajar posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Ahr_rajar:

Share