01/03/2026
وچ اوڀر ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران تي حملن ۽ تهران جي جوابي ميزائل حملن کانپوءِ عالمي ايئر لائنز پنهنجون اڏامون منسوخ ڪري متبادل رستا اختيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.
دبئي انٽرنيشنل ۽ دبئي المڪتوم ايئرپورٽ تان سڀ اڏامون وڌيڪ اطلاع تائين معطل ڪيون ويون آهن.
امارات ايئر لائنز چيو آهي ته هوائي حدن جي بندش سبب دبئي کان سموريون اڏامون سومر تي مقامي وقت موجب 3 وڳي تائين معطل رهنديون، جڏهن ته اتحاد ايئر ويز ابوظهبي کان سومر جي صبح 2 وڳي تائين اڏامون معطل ڪيون آهن.
دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي حادثي جي نتيجي ۾ چار ملازم زخمي ٿي پيا آهن.
برٽش ايئر ويز اربع تائين تل ابيب ۽ بحرين ڏانهن اڏامون منسوخ ڪري ڇڏيون آهن ۽ ابوظهبي، عمان، دوحا ۽ دبئي ڏانهن اڏامن تي امڪاني اثرن جي وارننگ پڻ جاري ڪئي آهي.
ورجن ائٽلانٽڪ آچر ۽ سومر تي لنڊن کان دبئي ۽ لنڊن کان رياض جي وچ ۾ سڀ اڏامون منسوخ ڪري ڇڏيون آهن.
ان کان علاوه سنگاپور ايئر لائنز، ايئر انڊيا ۽ ٻين ايئر لائنز به وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پنهنجا فلائيٽ شيڊول تبديل ڪري ڇڏيا آهن.
Disclaimer: This material is presented for informational use only. It does not aim to disrespect, mislead, or create bias of any kind.
خبرن ۽ اشتهارن لاءِ رابطو ڪندا
0316 8490644