04/09/2026
مظفر ڳڙهه: ارب پتي زميندار منون خان جو ڌيءَ کي جيئري ئي ملڪيت ۾ حصو ڏيڻ جو فيصلو
مظفر ڳڙهه جي زميندار منون خان چيو ته کيس خدشو هو ته سندس وفات کانپوءِ شايد سندس ڌيءَ کي ملڪيت ۾ حصو نه ڏنو وڃي، ان ڪري هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ڌيءَ جو حصو سندس نالي ڪري ڇڏيو.
منون خان موجب، سندس وٽ زمينون، دڪان، پيٽرول پمپ ۽ ڪوٺيون آهن، پر علائقي ۾ ڌيئرن کي ملڪيت ۾ حصو نه ڏيڻ جو رواج موجود آهي. هن پنهنجي ڌيءَ کي ڪيترن ئي ايڪڙن جي زمين، دڪان ۽ قيمتي نئين گاڏي پڻ ڏني آهي.
هن چيو ته ”ڌيئرن جو حق نه کائو، سندن جائز حصو کين ڏيو؛ حق تلفي سان حاصل ڪيل ملڪيت برڪت بدران وبال بڻجي سگهي ٿي.“