06/10/2025
مدد جي اپيل ۔۔
خيرپور ناٿن شاه ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ محنتي عابد علي کوکر جي ڪهاڻي ۽ سندس پاران سهائتا جي اپيل۔
هي مسڪين روزانه صبح سوير ڳوٺ کان پنڌ خيرپور ناٿن شاھ پهچي اتان ٿالھ ۾ باقرخانيون بيڪري تان کڻي نڪرندو آهي ته روزانه رات جو 12, 1 بجه واپس گهر پڄندو آهي ڪڏهن سندس پنڌ دادو ته ڪڏهن جوهي ته ڪڏهن مورو ته ڪڏهن نيوجتوئي اچي پڄندو آهي الله اڪبر الله ڪريم هن مسڪين جي استقامت ۽ عزم کي سلامت رکي۔ جيڪو والدين جو اڪيلو پٽ آهي سندس والد عمر رسيده هجڻ سبب ڪم ڪرڻ جي قابل نه رهيو آهي، ۽ گهر ۾ ٻيو ڪو به ڪمائڻ وارو ناهي ۔
2022 جي مها برساتن ۾ عابد علي جو گهر ڪري پٽ پئجي مٽي جو ڍير بڻجي ويو هيو هن ان ڳوٺ واري گهر تي خرچ ڪرڻ بجاء روزگار ۽ ٻين سهولتن لاء زندگي جي ڏکن تڪليفن پيڙهائن باوجود، عابد علي پنهنجي عزم ۽ همت سان خيرپور ناٿن شاه ۾ سيتا روڊ تي هڪ ننڍڙو پلاٽ خريد ڪيو 🏡۔ هن پنهنجي ٿوري ٿوري بچت سان محنت ڪري ڪمرو اڌ تائين تعمير به ڪرايو آهي پر هاڻي مالي تنگي سبب جڳھ جو جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، ۽ ڪم رڪجي ويو آهي ۔
هن مسڪين جو الله کان سواء ڪير ناهي نه ڪنهن مٽ مائٽ مان ڪو آسرو اٿس، پر هاڻي سندس حالتن کيس مجبور ڪيو آهي ته الله جي نيڪ بندن ۽ ڀائرن کي سڏ ڪري جيڪي هن مسڪين جي جڳھ جي تعميرات ۾ حصو ڳبڍين۔
اسان سڀني لاءِ اهو هڪ بهترين موقعو آهي ته اسان هڪ محنتي نوجوان جي مدد ڪري، جنهن پنهنجي عزت سان، بغير هٿ ڦهلائڻ جي، محنت ڪري زندگي گذاري رهيو آهي ان جي مدد ڪيون۔
🤲 اسان جي ٿوري مدد، سندس ۽ سندس گهر وارن ابي امان لاءِ وڏي اميد بڻجي سگهي ٿي۔
جيڪڏهن توهان مان ڪو به دوست مالي مدد ڪرڻ چاهي ٿو، ته مهرباني ڪري انباڪس ۾ رابطو ڪريو يا سڌو سنئون مدد جو هٿ وڌائي 🌟۔
هيٺ ان جو نمبر به ڏنل آهي ان سان رابطو يا مدد ڪرڻ لاء۔
📢 مهرباني ڪري هي پوسٽ به شيئر ڪريو ته جيئن هي پيغام وڌيڪ نيڪ دل ماڻهن تائين پهچي سگهي۔
💚 اچو ته ڪنهن جي زندگي ۾ نيڪي ۽ آساني جو سبب بڻجيون 💚
رابطي لاء۔ مسڪين پورهيت عابد علي کوکر
03113657924
#انسانيت