
17/07/2025
گردا (بڪيون ) جيڪڏھن خراب ٿي رھيا آھن ته ھي علامتون ظاھر ٿينديون آھن..
1. پيشاب لڳاتار مقدار ۾ گھٽجي ويندو يا بار بار گھڻو پيشاب ايندو.
2. جسم يا چهري تي سوڄ، خاص طور تي پيرن ۽ ٽنگن تي.
3. ٿڪاوٽ يا ڪمزوري جو مسلسل احساس
4. ساهه کڻڻ ۾ تڪليف يا سيني ۾ جڪڙن
5. بار بار بلڊ پريشر تيز ٿيڻ
6. بک جي گھٽتائي ۽ اوڪارا يا الٽي
7. ننڊ دوران سمهڻ ۾ ڏکيائي يا بيچيني
8. چيلھ کان مٿي ھڪ يا ٻنھي پاسي بار بوجھ يا سور ٿيڻ.
9.ڌيان جي گھٽتائي
10. چنگھ جي پاڙ ۽مثاني جي قريب سور ٿيڻ.
جيڪڏهن اهي علامتون ظاهر ٿين ٿيون، ته فوري طور تي هيٺيان قدم کڻڻ گهرجن
رت جا ٽيسٽ. Urine DR ۽(ڪريٽينائن، يوريا، اليڪٽرولائٽس) ۽ پيشاب جا ٽيسٽ پنهنجي ڊاڪٽر جي صلاح سان ڪرايا وڃن
جيڪڏهن گردي جو الٽراسائونڊ يا اسڪين تجويز ڪيو وڃي، ته اهو ڪرايو وڃي.
صاف پاڻي زياده مقدار ۾ استعمال ڪجي، پر جيڪڏهن سوجن يا دل ۾ سور جي شڪايت هجي، ته پنهنجي ڊاڪٽر جي هدايتن تي عمل ڪريو
لوڻ، پروٽين، ۽ پروسيس (بازاري تيار ٿيل) تريل شيون بادي شيون ،آلو،ٽماٽا پالڪ کان پاسو ڪريو.
بلڊ پريشر ۽ شوگر کي ڪنٽرول ۾ رکو ڇاڪاڻ ته اهي گردن کي وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن ٿيون
ڊاڪٽر جي صلاح کان سواءِ ڪا به دوا، خاص طور تي درد /سور گھٽائڻ جي دوا استعمال نه ڪريو
انهن علامتن کي نظرانداز نه ڪريو، ڇاڪاڻ ته گردن جي خرابي خاموشي سان وڌي سگهي ٿي
شوگر جي ڪري گردن جي نقصان کي ذیابيطس نيفروپيٿي چيو ويندو آهي. شروعاتي مرحلن ۾ نيفروپيٿي کي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن آهي
پر ان لاءِ پهرين شرط شوگر ۽ بلڊ پريشر کي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي
غذا ۾ ڪڏهن به اهڙي ڪا به شيءِ شامل نه ڪرڻ گهرجي جيڪا شوگر ۽ بلڊ پريشر کي وڌائي ٿي.
پنھنجو صحت جو پاڻ خيال رکو. پوسٽ کي لائيڪ ۽ ٻين سان شيئر ضرور ڪريو. 💥