RNN News Network

RNN News Network RNN News Network (Voice Of People Of Sindh)

رتوديرو جا چور گڏھ بہ نہ ٿا ڇڏن، پورهيت جو گڏھ گاڏي سميت چوري ڪري ويا.
16/04/2026

رتوديرو جا چور گڏھ بہ نہ ٿا ڇڏن، پورهيت جو گڏھ گاڏي سميت چوري ڪري ويا.

رَتوديرو جي قُريشِي خانِدان سان تَعلق رَکندڙ نوجَوان آرمِي آفِيسَر عَبدالڪَرِيم کي ليفٽِيننٽ مان ڪيپِٽن جي عُھدي تي تَرق...
21/12/2025

رَتوديرو جي قُريشِي خانِدان سان تَعلق رَکندڙ نوجَوان آرمِي آفِيسَر عَبدالڪَرِيم کي ليفٽِيننٽ مان ڪيپِٽن جي عُھدي تي تَرقِي مِلڻ تي کيس مُبارڪباد پيش ڪَجي ٿِي.

هِي نوجَوان رَتوديرو جي ڳوٺ آباد ڀُٽو جي ھِڪ غَرِيب قُريشِي خانِدان سان تَعلق رَکي ٿو، جَنھِن پِرائمري کان وَٺِي ڪاليج تائِين پَنھِنجي شَھر مان تَعلِيم حاصل ڪَئِي، عَبدالڪَرِيم نہ ڪَنھِن يُونِيورسٽِي مان پَڙھيو ۽ نہ ئِي ڪَنھِن پرائِيويٽ اِداري ۾ پَڙھِيو پَر پوءِ بہ مِحنت ۽ جُستجُو ڪَري ڪَشالا ڪاٽي اَڄ ھِن مَنزل تي پُھتو آھي، اَڄ نہ صِرف سَندس جي خانِدان پَر پُوري رَتوديرو کي ھِن نوجَوان جِي تَرقِي تي فَخر آھي ۽ کيس مُبارڪُون ڏِيون ٿا ۽ دُعا ڪَريُون ٿا تہ اَڳتي بہ تَرقِي ماڻي ۽ پَنھِنجي قومَ لاءِ ھِڪ مِثالِي ڪِردار اَدا ڪَري. (آمِين)
Abdul Kareem

17/12/2025

رتوديرو جو نوجوان راڳي بيماري جي بستري تي..!!!

فنڪار نجف علي لانگاھ جيري جي عارضي سبب لاچار بڻيل، سندس جا ٻچڙا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن.

رتوديرو ڀرسان وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد وڏا ٻوسڻ وٽان ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ هڪ نينگر فياض بروهي فوت ۽ ٻيو زخمي
26/05/2025

رتوديرو ڀرسان وارثڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد وڏا ٻوسڻ وٽان ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ هڪ نينگر فياض بروهي فوت ۽ ٻيو زخمي

24/05/2025

رتوديرو: جلباڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل شاهنواز جلباڻي زخمن جا سور نہ سهندي فوت

17/05/2025

لاڙڪاڻہ: سوشل اڪٽوسٽ ڊاڪٽر طارق سومرو هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتار ٿيڻ جا اطلاع

17/05/2025

رتوديرو باءِ باس تي اڻڃاتل هٿياربندن جي فائرنگ
نادر شاھ پاڙي جو رهواسي جڙيل پٽ ولي محمد عمراڻي گولي لڳڻ سبب سخت زخمي

13/10/2024

رتوديرو ۾ نامَعلوم چور سونارڪي دڪان مان لکين روپين جي چوري ڪري ويا، دڪاندارن جو احتجاج، ڌرڻو
نامعلوم چور منھنجي دڪان جي ڇت ڀڃي 15 لک روپين جي ماليت جي چوري ڪري ويا آھن : زوار سفير کوکر

04/10/2024

رتوديرو ۾ شيعہ تنظيمن پاران فلسطين، لبنان ۽ يمن جي مسلمانن جي حمايت ۽ شهيد سيد حسن نصر الله واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

شيعان حيدر ڪرار، اماميہ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، مجلس وحدت مسلمين ۽ ٻين تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

مظاهري جي اڳواڻي مولانا ناصر مهدي قمي، مولانا الله ڏنو غديري، مولانا حبدار علي معصومي، عبدالرزاق جلباڻي، آصف علي جلباڻي ۽ ٻين ڪئي.

ايران مان ايندڙ خصوصي جهاز هاڻي سکر بدران جيڪب آباد ايئرپورٽ تي لهندو. ماڻهون سج لٿي تائين جيڪب آباد ايئرپورٽ پهچن: ڊي ج...
23/08/2024

ايران مان ايندڙ خصوصي جهاز هاڻي سکر بدران جيڪب آباد ايئرپورٽ تي لهندو. ماڻهون سج لٿي تائين جيڪب آباد ايئرپورٽ پهچن: ڊي جي فارين منسٽري عرفان سومرو.

ايران جي شهر يزد ۾ روڊ حادثي م شهيد ۽ زخمي ٿيل زائرين کي ايران مان خصوصي جهاز ذريعي هاڻي سکر نه پر جيڪب آباد ايئرپورٽ تي آندو ويندو. متاثر ماڻهن جا مائٽ سج لٿي تائين جيڪب آباد ايئرپورٽ پهچن.

ڊي جي فارين منسٽري محمد عرفان سومري ٻڌايو آهي ته سکر ايئرپورٽ بدران سي ون ٿرٽي جهاز هاڻي جيڪب آباد ايئرپورٽ لينڊ ڪندو. سج لٿي بعد ستين اٺين کان نائين تائين پهچڻ جي توقع آهي.

نثار کوکر جي وال تان...

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when RNN News Network posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to RNN News Network:

Share