Sindh is Gold

Sindh is Gold Sindh is Gold
Websites social media

ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جو ھڪ آواز.

Best eraning game any with darw paymentsJoin link
07/12/2024

Best eraning game any with darw payments
Join link

RoyalxCasino offers exciting games to help you earn real money. Play, win, and invite friends to earn more. Pakistan’s top online casino.

Champion Trophy Tour Karachi
22/11/2024

Champion Trophy Tour Karachi

موسمي تبديلي پاڪستان سميت 23 ملڪن کي وڪوڙي ورتو: سنڌ سوڌو ملڪ جي 19 ضلعن ۾ ڏڪار جو  خطرووفاقي حڪومت جي هڪ سرڪاري رپورٽ ۾...
11/11/2024

موسمي تبديلي پاڪستان سميت 23 ملڪن کي وڪوڙي ورتو: سنڌ سوڌو ملڪ جي 19 ضلعن ۾ ڏڪار جو خطرو
وفاقي حڪومت جي هڪ سرڪاري رپورٽ ۾ موسمي تبديلي سبب پاڪستان ۾ سوا 7 ڪروڙ آبادي جي قحط سالي سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان ڏيکاريو ويو آھي . قومي قحط سالي مانيٽرنگ سينٽر (اين ڊي ايم سي) پاران ورتل هڪ جامع جائزي جي بنياد تي ملڪ جي 19 ضلعن جي موسمي تبديلي سبب قحط سالي سبب شديد متاثر ٿيندڙ ضلعن طور نشاندهي ڪئي وئي آھي جنهن سنڌ صوبي جي ڪل آبادي ۾ 28 سيڪڙو آبادي رکندڙ 9 ضلعن ۽ بلوچستان جي 10 ضلعن کي شامل ڪيو ويو آھي .پنهنجي اخبار وٽ موسمي تبديلي واري وزارت جي لکت ۾ موجود سرڪاري دستايز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته يو اين سي سي ڊي جي نومبر 2022 جي رپورٽ موجب پاڪستان موسمي تبديلي سبب پاڪستان کي وڏي قحط سالي ايمرجنسي جي صورتحال سامهون آھي موسمي تبديلي سبب دنيا ۾ سخت متاثر ٿيندڙ 23 ملڪن ۾ پاڪستان کي به شامل ڪيو ويو آھي. يو اين سي سي ڊي جي رپورٽ مطابق پاڪستان جي تقريبن 30 سيڪڙو آبادي موسمي تبديلي سبب قحط سالي ۾ متاثر ٿي رهي آھي . پاڪستان جي نئين آدمشماري موجب ڪل آبادي 24 ڪروڙ 14 لک 99 هزار 431 آھي انهي آبادي جو 30 سيڪڙو 7 ڪروڙ 24 لک 49 هزار 8 سو 29 ٿئي ٿو، جنهن جي موسمي تبديلي سبب قحط سالي ۾ سخت متاثر ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي . موسمي تبديلي بابت وفاقي وزارت جي لکت ۾ موجود دستاويز ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته قومي قحط سالي مانيٽرنگ سييٽر (اين ڊي ايم سي ) پاران هڪ تفصيلي جائزي جو انتظام ڪيو ويو جنهن جي بنياد تي پاڪستان جي 19 ضلعن جي قحط سالي سبب شديد متاثر ٿيندڙ ضلعن طور نشاندهي ڪئي وئي آھي انهن ضلعن ۾ سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ ضلعن ۾ سکر، خيرپور، سانگهڙ، عمرڪوٽ، بدين، ٿرپارڪر، ٺٽو، ڄامشورو، دادو سميت 9 ضلعا شامل ڪيا ويا آھن. نئين آدمشماري تحت مٿي ڄاڻايل ضلعن جي مجموعي طور تي آبادي 1 ڪروڙ 53 لک 74 هزار 39 ٿئي ٿي جيڪا سنڌ صوبي جي ڪل آبادي جو 28 سيڪڙو آھي جيڪا سخت قحط سالي سبب متاثر ٿي رهي آھي. سنڌ جي جن ضلعن جي موسمي تبديلي سبب قحط سالي ۾ متاثر ٿيڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آھي انهن ضلعن ۾ خيرپور جي 25 لک 97 هزار 535 سانگهڙ جي 23 لک 8 هزار 465، بدين ضلعي جي 19 لک 47 هزار 81، ٿرپارڪر جي 17 لک 78 هزار 407، دادو جي 17 لک 42 هزار 320، سکر جي 16 لک 39 هزار 897، عمرڪوٽ 11 لک 59 هزار 831، ڄامشورو 11 لک 17 هزار 308 ۽ ٺٺي ضلعي جي 10 لک 83 هزار 191 آبادي شامل آھي.جڏهن ته موسمي تبديلي سبب بلوچستان جي شديد متاثر ڏهن ضلعن ۾ نوشڪي، پشين، خاران، گوادر، جيوڻي، پنجگور، پسني ، تربت، عماره ۽ ڪوئٽا ضلعا شامل آھن
پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ناڪام

اسلام آباد: موسمي تبديلي وزارت جي دستاويز ۾ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ويو آھي ته موسمي تبديلي جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ سال 2019 کان سال 2023 تائين صوبن کي وڻ لڳائڻ لاءِ ڏنل حدف پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان صوبن ۾ حاصل نه ٿي سگهيا آھن جڏهن ته رڳو سنڌ صوبي ۾ حدف کان ٻيڻ تي وڌيڪ وڻ لڳايا ويا آھن. دستاويز موجب سال 2019 کان سال 2023 تائين پنجاب صوبي هڪ ارب ٻوٽا لڳڻ جي حدف جي مقابلي ۾ سال 2024 تائين رڳو 36 ڪروڙ ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو آھي ائين ڪي پي پي صوبي به هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جي حدف جي مقابلي ۾ 71 ڪروڙ 10 لک، بلوچستان 10 ڪروڙ حدف جي مقابلي ۾ 2 ڪروڙ 18 لک، آزاد ڪشمير 56 ڪروڙ حدف جي مقابلي ۾ 17 ڪروڙ، 28 لک، گلگت بلتستان 17 ڪروڙ جي حدف جي مقابلي ۾ 9 ڪروڙ 39 لک ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو آھي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سنڌ واحد صوبو آھي جتي 46 ڪروڙ 60 لک ٻوٽا لڳائڻ جي حدف جي مقابلي ۾ 85 ڪروڙ 25 لک 30 هزار ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو ويو آھي. دستاويز ۾ اهو به ٻڌايوويو آھي ته ڄاڻايل عرصي ۾ ملڪ اندر مجموعي طور تي 3 ارب 29 ڪروڙ 60 لک ٻوٽا لڳائڻ جي مقرر حدف جي مقابلي ۾ سال 2024 تائين 2 ارب 21 ڪروڙ 29 لک ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو ويو آھي، اهي ٻوٽا مجموعي طور تي 22 هزار 9 سو 97 سائيٽن تي لڳايا ويا آھن جن ۾ پنجاب صوبي ۾ 3 هزار 290، ڪي پي ڪي ۾ 8 هزار 607، بلوچستان ۾ 513 ۽ سنڌ صوبي ۾ 10 هزار 790 سائيٽون شامل آھن

ملڪ ۾ 2030 تائين 30 سيڪڙو گاڏيون اليڪٽرڪ تي آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد: موسمي وزارت موجب ٻوڏ جي خطرن کان آگاهي ڏيندڙ اين اي پي منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن تحت زراعت، پاڻي وسيلن ۽ ساحلي علائقن ۾ ان طرح جي شعبن ۾ فوري طور ٻوڏ جي خطرن کان آگاهي ڏئي نقصانن جي امڪانن کي گهٽ ڪري سگهي ٿو. ريچارج پاڪستان منصوبي لاءِ 7 ڪروڙ 70 لک ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي آھي جنهن تحت هڪ ڪروڙ ماڻهن ۽ ڪمزور ماحولياتي نظام کي اثرائتو بڻايو ويندو ائين پهرين اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي 2020 تحت 2030 تائين پاڪستان ۾ 30 سيڪڙو گاڏيون اليڪٽرڪ هونديون. لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد جهڙن شهرن ۾ ميٽرو ۽ ٽرانزٽ سسٽم تي به ڪم ٿي رهيو آھي

ڪراچي ۾ 7 هزار 7سئو ايڪڙن تي 42 لک 82 هزار 500 وڻ پوکيا ويا

اسلام آباد: موسمي تبديلي جي وفاقي وزارت جي سرڪاري دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته موسمي تبديلي جي اثرن کان بچڻ لاءِ سال 2019 کان سال 2023 تائين ڪراچي ۾ 7700 ايڪڙن تي 42 لک 82 هزار 500 ٻوٽا لڳائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو هو جنهن حدف کان وڌيڪ ٻوٽا لڳائڻ جو حدف حاصل ڪيو ويو آھي ڪراچي ۾ مجموعي طور تي 7667 ايڪڙن تي 43 لک 31 هزار 290 ٻوٽا لڳايا ويا آھن. دستاويز موجب ڪراچي ۾ سال 2019 ۾ 2 لک 85 هزار 320، سال 2020 ۾ 386950، سال 2021 ۾ 2877050، سال 2022 ۾ 375320، سال 2023 ۾ 384650 ٻوٽا لڳايا ويا آھن

گرين هائوس گيسز 2030 تائين 50 سيڪڙو گهٽائڻ جو فيصلو

موسمي تبديلي جي اثرن کان بچڻ لاءِ پيرس جي معاهدي تحت پاڪستان گرين هائوس گيسز جي اخراج ۾ 2030 تائين 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪرڻ جو عزم ڪيو آھي موسمي تبديلي جي وزارت موجب ان عزم جو دارو مدار عالمي تعاون تي آھي، جڏهن ته 2030 تائين هوا، سج ۽ پن بجلي جي منصوبن تحت پنهنجي ضرورت جي 60 سيڪڙو بجلي پيداوار ڪرڻ چاهي ٿو حڪومت سرڪاري عمارتن جي بجلي سولر تي منتقل ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آھي اسلام آباد ۾ 496 سرڪاري عمارتن ۽ وڏن شهرن ۾ 340 عمارتن ۾ سولر سسٽم لڳايو پيو وڃي، حڪومت تيل تي بجلي پيدوار تي ڀاڙڻ گهٽائي متبادل توانائي پيداوار کي هٿي ڏيڻ جو عزم ڪيو آھي.

موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: حڪومت

اسلام آباد: موسمي تبديلي جي وزارت چيو آھي ته موسمي تبديلي هڪ سنگين چيلينج آھي تازو ئي موسمي تبديلي جي پاليسي کي به اپ ڊيٽ ڪيو ويو آھي جنهن ۾ زراعت، چوپائي مال، صحت ۽ ٻيلن ۾ واڌ سوڌو موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي آبادين جي سگھه ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ تجويزن جو ذڪر ڪيو ويو آھي . قومي ۽ صوبائي سطح تي پاليسي ۽ منصوبن ذريعي پاڻي جي موثر استعمال ذريعي موسمي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ، زرعي پاڻي جي مينيجمينٽ، گليشيئر جي پگهرڻ سبب خطرن کان بچاءُ جي قدمن، ٻه ارب وڻ لڳائڻ، ري چارج پاڪستان پروگرام جو مقصد ملڪي موسم ۾ بهتري آڻڻ آھي، اهو منصوبو سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ۾ ٻوڏ ۽ قحط سالي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو . سنڌ ۾ 75 هزار هيڪٽرن تي تباهه ٿيل مينگروز جي بحالي ڪئي وئي آھي نيشنل قحط سالي پلان 2024 جي ڊرافٽ جي تياري شروع

اسلام آباد: موسمي تبديلي واري وزارت جي لکت ۾ موجود دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته موسمي تبديلي سبب پاڪستان ۾ قحط سالي جي صورتحال کي موثر طور حل ڪرڻ لاءِ وسيع پيماني تي مشاورتي عمل ذريعي نيشنل قحط سالي پلان 2024 جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو پيو وڃي جيڪو حتمي مرحلي ۾ آھي.

ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ واري منصوبي تي پابندي

اسلام آباد: موسمي تبديلي جي وزارت پاران موسمي تبديلي جي اثرن کان بچڻ لاءِ قدمن ۾ ڪوئلي تي بجلي جي تياري جي منصوبن تي پابندي کي به شامل ڪري ڇڏيو آھي پنهنجي اخبار وٽ موجود لکت ۾ ڄاڻايل وزارت جي دستاويز ۾ چيو ويو آھي ته 2020 کان ئي ڪوئلي تي بجلي پيدوار جي پلانٽس لڳائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آھي ۽ امپورٽ ٿيل ڪوئلي تي بجلي پيداوار جي اجازت نه ڏني ويندي، مقامي ڪوئلي لاءِ گيسيفڪيشن جي منصوبن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي
وڌيڪ پوسٽيون ڏسڻ لاءِ اسان جي پيج کي لائيڪ ۽ فالو ڪيو

Sindh flood Group
Sindh is Gold




















06/11/2024

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان سرڪاري ملازمن جي گھروارين پئسا ورتا، دادو تعليم کاتي ڊي او رڪوري ڪرڻ لاء تعلقہ آفيسرن کي انھن ملازمن خلاف ايف آء آر داخل ڪرائڻ جو بہ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو

20/09/2024
17/09/2024

نثار تیری چہل پہل پر ہزاروں عید ربیع الاول

سوائے واپڈا(Wapda) کے جہاں میں سبھی تو خوشیاں منا رہے ہیں.

17/09/2024

عيد ميلادنبي ( ص) ريلي انديا
چيف خليفو حر جماعت انديا
صالح محمد ڪلر



08/09/2024

جاگیرانی سولنگی تصادم کا فیصلہ 10 تاریخ کو
پیر گوٹھ میں ہوگا اور پیر سید راشد شاہ راشدی کے پاس ہوگا

چنڊ نظر نه آيو، هاڻي 12 ربيع الاول ڪڏهن ٿيندو؟مرڪزي رويت هلال ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته پهرين ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو ...
04/09/2024

چنڊ نظر نه آيو، هاڻي 12 ربيع الاول ڪڏهن ٿيندو؟
مرڪزي رويت هلال ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته پهرين ربيع الاول جو چنڊ نظر نه آيو آهي، عيد ميلاد النبي ﷺ هاڻي 17 سيپٽمبر تي ٿيندي.

ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اسلام آباد ۾ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس ڪافي دير تائين جاري رهيو.

مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اسپارڪو، موسميات کاتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي نمائندن شرڪت ڪئي.

اجلاس کانپوءِ ربيع الاول جو چنڊ نظر نه اچڻ جو اعلان ڪيو ويو.

رويت هلال ڪميٽي چيو آهي ته پهرين ربيع الاول 6 سيپٽمبر جمعي تي ٿيندي، جڏهن ته 12 ربيع الاول اڱاري 17 سيپٽمبر تي ٿيندي. لاهور مان رويت هلال ڪميٽي جي ميمبر شفيق پسروري جو چوڻ آهي ته ربيع الاول جو چنڊ 3 سيپٽمبر تي صبح 6 وڳي نظر اچي ويو آهي. چنڊ نظر اچڻ جا امڪان تمام گهڻا آهن.

هن چيو ته چنڊ جي عمر 36 ڪلاڪن کان وڌيڪ آهي، اڄ صبح جزوي ابر آلود آهي، لاهور ۾ چنڊ نظر اچڻ جا امڪان گهٽ آهن.

هن چيو ته گوادر، بلوچستان جي ساحلي پٽي بابت ڄاڻ واضح آهي ۽ چنڊ نظر اچڻ جا امڪان وڌيڪ آهن.

وڌيڪ پوسٽيون ڏسڻ لاءِ اسان جي پيج کي لائيڪ ۽ فالو ڪيو





















04/09/2024

وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ ○ میرے نبی ﷺ کا ذکر ہمیشہ بلند رہے گا۔
ربیع الاوّل کا 🌙چاند نظر آگیا ✨
تمام عاشقانِ رسول ﷺ کو بہت بہت مبارک ہو 💙

03/09/2024

انجنيئرنگ يونيورسٽي جو خراب ٿيل جنريٽر اڻ پڙھيل مستري اچي ٺاھيندو آھي.

Address

All
Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sindh is Gold posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share