
12/08/2025
يوسف ٽالپور جي ڀاءُ جي شادي هجي، جنهن ۾ ساري سنڌ جي معزز ماڻهن کي دعوت ڏني وئي هئي. حيدرآباد جو ڊي سي ۽ ايس پي، ڊي آءِ جي، سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر وغيره موجود هئا. موسيقيءَ جي محفل ۾ فقير عبدالغفور کان فرمائش ڪئي وئي تہ اياز جي مشهور وائي ”سنڌڙيءَ کي سر ڪير نہ ڏيندو“ ٻڌائي. فقير عبدالغفور وائي ڳائيندي وچ ۾ آفيسرن ۽ ميمبرن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان وڌايو تہ: ”سنڌڙيءَ کي سر ڪير نه ڏيندو . . . .
ادا، پاڪستان تي سر ڪير نہ ڏيندو.“
عبدالغفور جو ايترو چوڻ ۽ نياز جو مڇرجڻ :”بس ڪر دَلا! لنگهن کي ڪهڙي خبر قومي شاعريءَ جي؟ تون ڪٿان جو تانسين آيو آهين، اسان جي شاعريءَ کي بگاڙڻ وارو؟ بند ڪر ڪلام نہ تہ....... آفيسرن کي خوش ڪرڻو هيئي تہ ڪا رنڊي يا ناچو ڇورو گڏ وٺي اچين ها…!“
تصوير ۾ عبدالواحد آريسر، نياز همايوني ۽ زين شاهہ.