Indus Discover

Indus Discover السلام علیڪم دوستو جئي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي.! دنيا ڀر مان سنڌي ٻولي ۾ خبرن ۽ معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي پيج کي فالو ڪيو.. سنڌ سلامت ساٿ سلامت 🙏❤️

06/06/2026

ڇا ساسيجز سان به سمارٽ فون هلي سگهي ٿو؟ 😲📱
​سياري ۾ دستانا پائي فون هلائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته هڪ ڀيري ماڻهن دستانن بدران کائڻ واري ساسيج (Snack Sausage) سان فون هلائڻ شروع ڪيو هو؟
​پر ائين ڇو ٿيو؟ سمارٽ فون جي ٽچ اسڪرين اصل ۾ ڪيئن ڪم ڪندي آهي ۽ ان جو اسان جي جسم سان ڪهڙو تعلق آهي؟ اچو ته هن ننڍڙي وڊيو ۾ سائنس جي هن عجيب راز تان پردو کڻون! ⚡🤔
​وڊيو کي مڪمل ڏسو، لائڪ ڪريو ۽ پنهنجن دوستن سان شيئر ڪرڻ نه وساريندا!

​We all know the struggle of using a phone with gloves on during winter. But did you know that people once actually used snack sausages to scroll through their screens?
​How is that even possible? How do modern touchscreens actually work, and what does our own body have to do with it? Let’s uncover the fascinating science behind your smartphone screen in this quick video! ⚡🤔
​Watch the full video, like, and don't forget to share it with your friends!

​ #سائنس #ٽيڪنالاجي #سنڌي

دنیا جي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا ڪمپني 'ميٽا' (Meta) پنهنجي ٽنهي مقبول ترين پليٽ فارمن واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جا پريم...
04/06/2026

دنیا جي سڀ کان وڏي سوشل ميڊيا ڪمپني 'ميٽا' (Meta) پنهنجي ٽنهي مقبول ترين پليٽ فارمن واٽس ايپ، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام جا پريميئم ورجن متعارف ڪرائڻ جو باقاعدي اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت واهپيدارن (صارفين) کي هاڻي انهن پليٽ فارمن جا جديد فيچرز استعمال ڪرڻ لاءِ باقاعدي ماهوار فيس ادا ڪرڻي پوندي.
ميٽا موجب، ان پريميئم سروس جو بنيادي مقصد ڪاروباري ادارن ۽ پيشيور واهپيدارن کي ايڊوانسڊ ٽولز، ڪسٽمر ريچ (گراهڪن تائين پهچ) وڌائڻ جا جديد ذريعا، نون فيچرز تائين سڀ کان پهرين پهچ ۽ اڪائونٽ پروٽيڪشن (اڪائونٽ جي حفاظت) جي اضافي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي.
تنهن هوندي به، دنيا جي اربين عام واهپيدارن جي خدشن کي ختم ڪندي ڪمپني واضع طور تي الرٽ ڪيو آهي ته فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جا بنيادي ۽ مفت ورجن اڳي وانگر بغير ڪنهن معاوضي (فيس) جي دستياب رهندا.
پريميئم ورجن جو چونڊ مڪمل طور تي واهپيدار جي پنهنجي مرضيءَ تي منحصر هوندو، ان ڪري عام واهپيدارن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي ڇو ته انهن لاءِ اهي سروسز هميشه وانگر مفت رهنديون.
🌍















04/06/2026

ڇا توهان کي خبر آهي ته اسان جي کيسي ۾ موجود هڪ ننڍڙي شيءِ سڄي دنيا جو پاڻي بند ڪرائي سگهي ٿي؟ 😱
اسان روزانو موبائل ۽ ڪمپيوٽر استعمال ڪندا آهيون، پر ڪڏهن سوچيو اٿو ته ان جي اندر موجود 'مائڪرو چپس' ڪيئن ٺهنديون آهن؟ هي هڪ اهڙو جديد معجزو آهي جنهن جي اندر اربين ٽرانزسٽرز جو هڪ پورو شهر آباد آهي! 🌆✨
پر هن حيرت انگيز ٽيڪنالاجي جي پويان هڪ اونداهي حقيقت به لڪيل آهي... هڪ اهڙو سچ جيڪو اسان جي ماحول ۽ هارين جي پاڻيءَ کي متاثر ڪري رهيو آهي! 🌾💧
هيءَ دلچسپ شارٽ اسٽوري مڪمل ڏسو ۽ پنهنجي راءِ ڪمينٽس ۾ ضرور شيئر ڪريو! ⬇️🎬
Did you know that a tiny object in your pocket has the power to reshape the planet's resources? 😱
We use smartphones and computers every single day, but have you ever wondered how the microchips inside them are built? It’s a microscopic world where billions of transistors form an entire digital city! 🌆✨
But behind this modern marvel lies a hidden, dark truth that is affecting our environment and farming communities! 🌾💧
Watch this captivating 1-minute short story to discover the untold reality of tech manufacturing! Let me know your thoughts in the comments below! ⬇️🎬

عمرڪوٽ جي ھڪ ٽيوشن سينٽر ۾ پڙھندڙ معصوم نياڻين سان ٽيچر جي بدفعلي واري ويڊيو سامھون آئي آھي، عمرڪوٽ ۾ ٽيچر کي عزت دار ۽ ...
03/06/2026

عمرڪوٽ جي ھڪ ٽيوشن سينٽر ۾ پڙھندڙ معصوم نياڻين سان ٽيچر جي بدفعلي واري ويڊيو سامھون آئي آھي، عمرڪوٽ ۾ ٽيچر کي عزت دار ۽ ان سينٽر کي وڏي نالي وارو سينٽر سڏيو ويندو آھي، ويڊيو ڏسي حيران ٿي ويندا تہ ٽيچر جي آڙ ۾ بگڙ آھي جيڪو معصوم نياڻين سان ڪڌو ڪم ڪري رهيو آهي..!
😢
Source Umer Kot News..

وفاقي بجيٽ ۾ دير جو اصل سبب سامهون اچي ويو، حڪومت ۽ پيپلز پارٽي آمهون سامهوناسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران مالي سال 2026-...
02/06/2026

وفاقي بجيٽ ۾ دير جو اصل سبب سامهون اچي ويو، حڪومت ۽ پيپلز پارٽي آمهون سامهون

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران مالي سال 2026-27 جي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ دير جو اصل سبب سامهون اچي ويو آهي. پارلياماني ذريعن موجب حڪومت بجيٽ اجلاس کان اڳ هڪ اهم قانون سازي ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن جا ايندڙ وفاقي بجيٽ تي وڏا ۽ اهم اثر پوندا، پر حڪومتي اتحادي ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) ان امڪاني قانون سازي جي سخت مخالفت ڪري رهي آهي.

پارلياماني ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شگر ويلي ۾ پنهنجي خطاب دوران حڪومت کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو آهي. پي پي پي امڪاني ترميمن جي حق ۾ ناهي ۽ جيڪڏهن بجيٽ اجلاس کان اڳ اهي ترميمون پاس نه ٿيون ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ حڪومت پاران گهربل تبديليون نه اچي سگهنديون.

ذريعن وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ان قانون سازي تي راضي ڪرڻ لاءِ اهم شخصيتن کي خاص ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هن وقت گلگت بلتستان ۾ چونڊ مھم ۾ مصروف آهي ۽ کيس پرچائڻ ۽ اعتماد ۾ وٺڻ کان پوءِ ئي وفاقي بجيٽ اجلاس جي نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو.

سنڌ ۾ رتو ڇاڻ هڪ ئي ڏينهن ۾ عورتن سميت 10 ڄڻا قتل، 7 قتل صرف لاڙڪاڻي ۾ ٿيا آهن..😢                    #سنڌي
01/06/2026

سنڌ ۾ رتو ڇاڻ هڪ ئي ڏينهن ۾ عورتن سميت 10 ڄڻا قتل، 7 قتل صرف لاڙڪاڻي ۾ ٿيا آهن..
😢

#سنڌي

پنھنجن مئلن وڏڙن ۽ ننڍڙن جي صدقي ۾ مال ملڪيت خيرخيراتون ڪرڻ سان گڏ انھن جي نالي تي وڻ پوکيو ڌرتي بچايو.!🌍🙏              ...
01/06/2026

پنھنجن مئلن وڏڙن ۽ ننڍڙن جي صدقي ۾ مال ملڪيت خيرخيراتون ڪرڻ سان گڏ انھن جي نالي تي وڻ پوکيو ڌرتي بچايو.!
🌍🙏

































ماڻهو فيملي ولاگنگ جي نالي تي پنهنجي گهرواري، ڀينرن، ڌيئرن، مائرن کي ڪانٽينٽ (مواد) بڻائي رهيا آهن، پر سرخ سلام فضا علي ...
31/05/2026

ماڻهو فيملي ولاگنگ جي نالي تي پنهنجي گهرواري، ڀينرن، ڌيئرن، مائرن کي ڪانٽينٽ (مواد) بڻائي رهيا آهن، پر سرخ سلام فضا علي کي، جنهن پنهنجي مڙس کي ڪانٽينٽ بڻائي ڇڏيو آهي. مڙس ويچارو ڪڏهن هن جي سامهون نچي پيو، ڪڏهن سائيڪل جي ڏنڊي تي ويٺو آهي ته ڪڏهن وري جهنگ ۾ پيو ٺمڪا لڳائي. مون کي ته لڳي ٿو فضا علي جو مڙس اعجاز صاحب ڊوميسٽڪ هراسمينٽ (گهرو حراسمينٽ) جو شڪار آهي، پر ڪو به نوٽيس نه پيو وٺي. قوم جي طرفان اها اپيل آهي ته اٿو ڊاڪٽر صاحب! اعجاز جي مٿي تي هٿ رکو.
🙄😁🤔

















Address

Karachi
75500

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Indus Discover posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share