
25/10/2024
ڪَنڊا مُون پَيرنِ ۾، توڻي لَکَ لَڳَنِ،
آڱرِ آڱوُٺي نه مِڙي، ڇِپُون پير ڇِنَنِ،
ويندي ڏانهن پِرِيَنِ، جُتي جاتِ نه پائيان.
شاھ کي سنڌ سان عشق
سنڌ ڌرتي جي عظيم بزرگ ھستي شاعرن جي بيتاج بادشاھ حضرت شاه عبدالطيف ڀٽائي سرڪار جنھن پنھنجي قل حيات رمز الھائي ۽ سماجي اصلاح لاء صرف ڪئي ڏکايلن مسڪينن ۽ اٻوجھ ماروئڙن جي ڏکن ۽ ڏوجھرن کي پنھنجي ماياناز شاعري کي آئين قلم بند ڪيو جيئن ڪنھن لاچار کي ڇانو ڇپر ملي پئي گھڻن کي ته شاھ جي شاعريء
جي درد جيئڻ سيکاريوشاھ سائين سنڌ جواھو عظيم فڪري ڏاھو شاعر آھي جنھن پنھنجي علمي ۽ قلمي پورهئي سان سنڌجي ستل نوجوانن جي جذبن کي جاڳائڻ لاء فرمائي ٿو ته
تتي ٿڌي ڪاھ ڪانھي ويل ويھڻ جي
متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرينءَ جو
شاھ سائين آتش عشق کي سيني لائي رمز الھائي جي اسرارن سان سرشار رھيو
مرشد تي حاضري ❤️