06/05/2026
دادو ۾ سيال موري لڳ واڙي اندر منشيات لڪائڻ لاءِ ٺاهيل تئيخانو، پوليس منشيات فروشن خلاف ڪاروائي ڪندي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري جڳهيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون 🚔
Dadu جي علائقي سيال موري ڀرسان ڳجهي اطلاع تي پوليس ڇاپو هڻي واڙي اندر ٺهيل خفيه تئيخانو ظاهر ڪري ڇڏيو، جتي وڏي مقدار ۾ منشيات لڪائي رکيل هئي. ڪارروائي دوران 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته منشيات رکڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ جڳهيون مڪمل طور تي ڊاهي ختم ڪيون ويون.
پوليس موجب اهڙين ڪارروائين جو مقصد علائقي مان منشيات جي وڪري کي ختم ڪرڻ ۽ نوجوانن کي هن ناسور کان بچائڻ آهي. وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ٻين ملوث ماڻهن جي ڳولا به هلي رهي آهي.
#دادو