11/02/2024
۽ جڏهن پوليس کير واري جي گاڏي ڪاھي وئي
آئون گھر ويٺو ھئس ته اسان جي پاڙيسري ڳوٺ مان ھڪ ھمراھ فون ڪري چيو ته منھنجي گاڏي پوليس چيڪنگ دوران ٿاڻي تي ڪاھي وئي آهي ان وقت ته گاڏي جا ڪاغذ نه ھئا پر ھاڻ ڪاغذ ايس ايڇ او کي ڏيکاريا آهن ته به گاڏي نٿو ڏي، صحافي دوست فيس بڪ تي ان جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا ته ايس ايڇ او مسٽر دبنگ خان آھي. آئون ان ھمراھ جيڪو اصل ۾ کير کپائي گذر سفر ڪندو ھو ان کي چيم ته آئون شھر اچان ٿو پاڻ ڳالھايون ٿا بھرحال مونکي خبر ھئي ته ايس ايڇ او چند ھزار جي رشوت لاءِ کيس گاڏي نٿو ڏي اھي پئسا ھن وٽ ھيا نه توهان پاڻ سوچيو جيڪو ڳوٺن مان پئسن تي کير وٺي چند رپين جي بچت تي شھر وڪرو ڪري گذارو ڪندو ھجي اھو رشوت ڪٿان ٿو ڏئي سگهي آئون ان ايس ايڇ او سان مليس مونکي چيائين اسان ٽوٽل 14 گاڏيون سنيڪ چيڪنگ دوران پڪڙيون آھن اھي ھيڊڪواٽر مان ڊي ايس پي صاحب خود پڪڙيون آھن ۽ اسان چالان ڪري ڇڏيون آهن ڪورٽ مان ڇڏايو يا ان ڊي ايس پي سان ڳالھايو آئون ڪجھه نٿو ڪري سگھان ھڪ دوست انسپيڪٽر کي چيم توهان ڊي ايس پي کي چئي غريب جي موٽرسائيڪل واپس ڪرايو ان ڊي ايس پي کي چيو پر ڊي ايس پي کيس چيو ته اسان گاڏي چالان ڪري ڇڏي آهي اھو ٻڌي کير واري جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ڇو ته چالان کان پوءِ اٺ ڏھ ھزار خرچ کانسواءِ ضمانت ڪير ڏي ھا؟ آئون ان کي وٺي ايس پي ڏي ويس پر ايس پي شام جو نڪري ويو ھو اسان موٽي گھر آياسين ان ايس پي جو ذاتي موبائل نمبر مون وٽ ھيو آئون رات جو 9 وڳي ان کي واٽس ايپ تي کير واري جي گاڏي جو لکيو ايس پي ان ٽائيم ئي مونکي ڪال ڪري چيو ته توھان تفصيل منھنجي پي اي کي ٻڌايو ته اسان گاڏي واپس ڪيون ٿا ايس پي جي ڪال کان پوءِ ان جي پرسنل اسسٽنٽ مونسان رابطو ڪري معلومات وٺي چيو ته صبح جو سوير مطلقه ٿاڻي تان گاڏي ڪاھي وڃون آئون ٿاڻي تي کير واري سان گڏ ويس ايس ايڇ او کي چيم ھاڻي توھان چالان ٿيل گاڏي ڪيئن ٿا ڏيو ان معزرت ڪئي گاڏي ڪاھي ڏني کير واري مونکي زوري ڪجھه پئسا ڏيڻ ٿي چاهيا پر آئون نه ورتا پوءِ ان جي زور ڀرڻ تي صرف چانھ پيتي دوستو منھنجو صرف ڪجھه وقت ڪنھن جي ڀلائيءَ لاءِ لڳو پر ان جي مشڪل وقت ۾ ڪم اچي جيڪا مونکي روحاني خوشي ٿي اھا لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهجي.