Civilized Sindh

Civilized Sindh Sindh is one of the four provinces of Pakistan, in the southeast of the country, and the historical

24/05/2025

مولا بخش فقير

هي تصوير نذر مان گذري ته ڏاڍو تجسس ٿيو. ڪنهن هڪ مارؤڙي جي چهري تي، مسڪراهٽ ته پري جي ڳالھ، پر هڪ عجيب ڪيفت تاري پئي ڏسجي...
29/04/2025

هي تصوير نذر مان گذري ته ڏاڍو تجسس ٿيو.
ڪنهن هڪ مارؤڙي جي چهري تي،
مسڪراهٽ ته پري جي ڳالھ،
پر هڪ عجيب ڪيفت تاري پئي ڏسجي...

09/04/2025

85 سالن کان ھي درويش سنڌ جي پاڻي تي روز نئون پروجيڪٽ پيا ٺاھن
نه شرم نه حيا نه ڪو پڇڻ وارو .

سنڌو درياءَ تي ڌاڙي جي تاريخ

رسول بخش پليجو..!

16/05/2024

اھــــــــــا آس انـــدر ۾ يــــــــــار اٿـــــــم
تــون ڀــــــــر ۾ ھجين توسان پيار ڪيان

سڄـــــي عمـــــر توکــــــي مھمان ڪيان
ڪــــــري ھڪ ھڪ پـــورو ارمان ڪيان

ســــر ســـــاھ تـــو تـــــان قــربان ڪيان
تنھنجـــــو دم دم پيـــــــــو ديدار ڪيان

توکـــــــــي ساھ ۾ ايئـــن سمائي ڇڏيان
ســـاري لــوڪ کان جيئن لڪائي ڇڏيان

تــوکي روح پنھنجــــــي ۾ رلائي ڇڏيان
تنھنجـــــــي الفـــــت جــــو اقرار ڪيان

گڏ مونسان ھجين جيسين جيئرو ھجان
تون منھنجـــــو رھين مان تنھنجو رھان

ھڪ جيــــــــــڏن ۾ پيــــــــــو مير ٺھان
تون ســـاڻ ھجيــــــــــن سينگار ڪريان

آواز: منظور سخيراڻي
ڪلام: مير عبدالرسول مير

16/05/2024

ٻـــــــي خبر ناهه، پـــــــر مرڻ کان پوءِ
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون

جـــــــام و مينــا رَهــــي، رَهي نه رَهي
منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون

زندگـــــــي تلــخ آ، هُجــــي ته هجـــي
روح ۾ سَــــــوَ ملاحتــــــون رهنديون

سرحــــدِ غـــــــم قريـــب آ اي دوست
ساٿ ڪيسيــــــن محبتـون رهنديون

تنهنجــي پهلوءَ ۾ ڪيستائين دوست
ابنِ آدم جــــــون جنتــــون رهنديون..

آواز: جيجي زرينه بلوچ
ڪلام: شيخ اياز

16/05/2024

ڪڏھڻ ولسو سھڻا سانولا وطن اساڏي غريبان دي
سهڻا سانوِلا ٿي ڳيون راهي
تير مارين جاني بيجا هِي
لکي قسمت ساڏي ايوين آ ھي
اسان ڇوڙيا نصيبان تي
سهڻا سانوِلا مُک نہ موڙين
لڳي هئي پريت جاني تون نہ توڙين
هولي هولي زخمان نون تون نہ ڇولِين
زخم ڏکدي مريضان دي
سهڻا سانوِلا ڪِٿون ڳيون چل
رو رو اَکيان جاني ٿي ڳئيان ڇل
تيڏي مرضي ول آوين نہ ول
اسان ڇوڙيا نصيبان تي..

آواز: جلال چانڊيو
ڪلام: حضرت خواجه غلام فريد

16/05/2024

ماندي ٿـــــــي نه ماروي تنهنجــــــو الله به آهي
سو ڏينهن جـــــــا ڏکڙا هڪ لحظي منجھ لاهي
اهڙو به مالڪ آهـي جو ماڳ پهچائيندي ماروي

عُمر مون نہ ٿا وِســــرن ويڙھيچن جا واڙا
ڀڄـــــي ڀور ٿيندئـــــي ڪُنجون قُلف تاڙا

کاهڙ ۾ کلــــــي ٿـــــو مينھـــن مند جا آئي
کٽـون هنڌ هنــــدورا وجهـــــان ڌُوڙ ڇائي

ڪَندس آئون ڪوٽـــن ۾ روئــــڻ روز راڙا
ڀَلــــــي ڄَائِــــي مَارئِي، جَنهن مَارُو مَلهَايَا

سُتـــــــي سَامَائِي، جَنهن ٻَڌا موڙ مَلير کي
تُنهنجا محـــل ماڙيــــــون بنگلا بيماريون

اَسين قيد ڪوٽن ۾ گھڙي ڪِين گهاريون
ڀِٽن جـــــــي ڀـــــــرن ۾ پنوَهارَنِ جا پاڙا

آواز: صنم ماروي
ڪلام: سيد حاجي شاھ

16/05/2024

راڳي: صنم ماروي ۽ سچل سرمست جا فقير
ڪلام: سچل سرمست

ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو مومن چوي ڪو ڪافر چوي، ڪو جاهل نالو ظاهر چوي
ڪو ساحر چوي ڪو شاعر چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو پنٿُ چوي ڪو سنت چوي، ڪو باغ بهار بسنت چوي
ڪو ميراثي ڪَلونَتُ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو مُلان چوي ڪو قاضي چوي، ڪو مفتي چوي ڪو غازي چوي
ڪو روزيدار نمازي چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو رَدِ چوي ڪو بَدِ چوي، ڪو بيديني بيحد چوي
ڪو مُشرڪ ڀي مُلحِدُ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو صورت ۾ انسان چوي، ڪو شِرُ ڀريو شيطان چوي
ڪو بزرگ ڪومستان چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو سُستُ ڪو چست چوي، ڪو راه تي دين درست چوي
ڪو عاشق روزِالست چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو زير زبر زنديق چوي، ڪو رهنماءُ رفيق چوي
ڪو غرقيءَ منجهه عميق چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو رنگ ڪوئي بيرنگ چوي، ڪو مستو مست ملنگ چوي
ڪو ننگي ڪو بي ننگ چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو حالي چوي ڪو قالي چوي، ڪو خاص الخاص خيالي چوي
ڪو ازلي مست موالي چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو شڪ چوي ناحق چوي، ڪو بات اها برحق چوي
مون کي مرشد عبدالحق چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان

ڪو خاص چوي ڪو عام چوي، ڪو پختو چوي ڪو خام چوي
ڪو ”سچو“ سچو نام چوي، آءٌ جوئي آهيان سو ئي آهيان...

16/05/2024

ڇو منهنجو رُوحڙو رنجايو اَٿئي
قابو ڪيو اٿئــــــي ڪوٽن ۾ الا
قيـــدن منجھ ڪَنبـــــــايو اَٿئي

ويٺـــــــڙي هُيڙس واٽ تــي الا
چُست چنبــــن ۾ چايــــو اَٿئي
سَرتيُـــــــون شاھ لطيـف چوي
ڪلمـو پـــــــاڪ پڙهايـــو اَٿئي...

آواز: واحد علڻ فقير ۽ ڪورل گروپ
ڪلام: شاھ عبداللطيف ڀٽائي

30/04/2024

پاکستان کی ایک بڑی شادی کے خوبصورت مناظر۔۔۔۔

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Civilized Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share