29/03/2015
اسان تي لٺيون، گوليون، ڦٽڪا، لانچر ۽ اسين ئي شھادتون توهان اسان کي حوصلو ڏيو، اسين اوهانجي اخلاقي حمايت جا منتظر آهيون. مادرِ علمي سنڌ ۾ جيڪا رياست رٿا رِٿي آهي ان لاءِ قلم ڌڻين سميت سمورن ساڃاھ وندن کي هاڻي ڪجھ سوچڻو پوندو. ڪالھ سنڌ ورسٽي ۾ شاگردن جي پُرامن ريلي تي رينجرز ۽ پوليس جي وحشياڻي ڪاروائي تي سنڌ جي قلم ڌڻين کي خاموش ڏِسي مونکي پنهنجي بدنصيبي تي يقين اچي ويو. استاد ته ابو هوندو آ پر پنهنجي اداري جي استادن کي ڏسي گوانٽانامو بي ياد اچي ويو سنڌ ورسٽي جي ملازمن جو رويو بلڪل ڪوفي جي مُلن وارو ئي آهي. ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن باھ توهان سڀني تائين پھچندي تنهنڪري سڀاڻي پڇتائڻ کان بهتر ٿوَ ته اڄ اسانجو ساٿ ڏيو.
مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس
جي تون سڏ نہ ڏيندي تہ ڇا ٿيندو
ماءُ تہ ٻنهي جي هڪڙي آ
جي تون ڀاءُ نہ ٿيندي تہ ڇا ٿيندو.