Farrukh Aslam

Farrukh Aslam مانو نہ مانو تیری مرضی ہے
یہ تو سوال میرا عرضی ہے Farrukh has been acting successfully on major Urdu/Sindhi TV channels for more than 20 years.

His first appearance was as a child artist at the age of ten on PTV Karachi. He has acted as a lead in many solo plays in "Natak Rang" (PTV) & Urdu Tele Films such as "Goud" written by Anwar Maqsood. Farrukh Aslam is a certified Actor at Pakistan Television Network Karachi. He has also worked at Bol tv as a voice over artist for a year. His penchant for theatre is overwhelming, these days his pri

ority is theatre rather than the screen in pursuit of quality work. Farrukh is an active member of Satya theatre. He is one of the three performers of Amar Kahani. His performance "Mitti ja Marhun" leaves the audience in awe.

22/06/2026

جھيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.

جَنِي جھيڙئو ڪالَهہ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.

جَنِي جهيڙئو اَڄُ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
ڀاءَ تنِي کان ڀَڄُ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.

جَنِي جهيڙِئو ھاڻِ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.

سُر ڪيڏارو
شاھ جو رسالو

21/06/2026

ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، مَرَڪِي اُڀا مِيرَ،
وِڙِھِي ويرِنِ سامُھان، تِکا ھَنيائُون تِيرَ،
ھُئِي اِيءَ تَقدِيرَ، اَصلِ اِمامَنِ سين.

سُر ڪيڏارو
شاھ جو رسالو

ڳِجُھنِ ويٺي ڳَرَھِئا، ڏَنجھا ڏُکَ گَهڻا،تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جِي، سُورِھَہ ساماڻا،ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا...
19/06/2026

ڳِجُھنِ ويٺي ڳَرَھِئا، ڏَنجھا ڏُکَ گَهڻا،
تَنگِي لَٿِيَنِ توڻِ جِي، سُورِھَہ ساماڻا،
ڪَندا راماڻا، ڪَونئُرَ ڪِلي جا ڪوڏِئا.

سُر ڪيڏارو
شاھ جو رسالو

ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، خِيمَان کوڙِيَائُون،جھيڙو يَزِيدَ سَامُھون، جُنبِي جوڙِيَائُون،مُنھُن نَہ موڙِيَائُون ، پَسِي تَاءُ ...
19/06/2026

ڪَربَلاَ جي پِڙَ ۾، خِيمَان کوڙِيَائُون،
جھيڙو يَزِيدَ سَامُھون، جُنبِي جوڙِيَائُون،
مُنھُن نَہ موڙِيَائُون ، پَسِي تَاءُ تَرَارِ جو.

سُر ڪيڏارو
شاھ جو رسالو

ڳِجھون ڳاڙھي واتِ، اَڄُ اُڏامِي آيُون،پُڇَنِ ٿيُون پِرڀاتِ، ڪِٿي راوَتَ رانِئيا.سُر ڪيڏاروشاھ جو رسالو
19/06/2026

ڳِجھون ڳاڙھي واتِ، اَڄُ اُڏامِي آيُون،
پُڇَنِ ٿيُون پِرڀاتِ، ڪِٿي راوَتَ رانِئيا.

سُر ڪيڏارو
شاھ جو رسالو

14/06/2026

سنڌ تنھنجو اڃا قرض باقي آهي
آيو گھر کي سارڻ گھر جو ڀاتي آهي

10/06/2026

دنیا جو سڀ کان وڏو قلعو رني ڪوٽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ جو فخر

دنيا جي سڀ کان وڏن قديم قلعن مان ھڪ، رني ڪوٽ صرف پٿرن ۽ ديوارن جو نالو ناهي، پر صدين جي تاريخ، تھذيب ۽ انساني عزم جي زندهه نشاني آهي. هن عظيم قلعي جي خاموش ديوارن ۾ وقت جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون محفوظ آهن. سنڌ جي پھاڙن جي وچ ۾ بيٺل رني ڪوٽ اڄ به پنھنجي شان، عظمت ۽ اسرارن سان ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏي ٿو.

هن وڊيو ذريعي رني ڪوٽ جي تاريخي حُسن کي ریاض سومرو جي آواز ۽ شاعر ظفر جي غزل سان پيش ڪرڻ جي ھڪ ننڍڙي ڪوشش.

"عشق ڪرڻ آسان ڪٿي آ، آدم ٿيو انسان ڪٿي آ"

محبت، وڇوڙو، انتظار ۽ انسانيت جي احساسن سان ڀريل هيءَ خوبصورت غزل دل جي گھرائين تائين لھندي آهي.

دنيا جو سڀ کان وڏي قديم قلعو رني ڪوٽ، صدين کان سنڌ جي عظمت، تھذيب ۽ تاريخ جو امين بڻيل آهي. افسوس جو ايتري اهم تاريخي ورثي هوندي به هن قلعي جي تحفظ، سار سنڀال ۽ واڌاري ڏانھن ايترو ڌيان نه ڏنو ويو آهي، جيترو ڏيڻ گھرجي. هي اسان جي سڃاڻپ، تاريخ ۽ ايندڙ نسلن جي امانت آهن. جيڪڏهن اڄ به رني ڪوٽ جي حفاظت لاءِ سنجيده قدم نه کنيا ويا ته وقت جي بي رحمي هن عظيم ورثي کي وڌيڪ نقصان پھچائيندي.

حڪومت، لاڳاپيل ادارن ۽ اسان سڀني تي ذميواري آهي ته رني ڪوٽ جي بقا، بحالي ۽ عالمي سطح تي سڃاڻپ لاءِ گڏجي آواز اٿاريون، جيئن هي تاريخي خزانو ايندڙ نسلن تائين محفوظ پھچي سگھي.

آواز: رياض حسين سومروRiyaz Hussain Soomro
شاعري: ظفر
موسیقي: شھباز نوراني
عڪاسي: فرخ اسلم

سُرن، لفظن ۽ جذبن جي هن حسين ميلاپ کي ضرور ٻڌو ۽ پنھنجن دوستن سان شيئر ڪريو.

"ديپ جلايئي جنھن لاءِ من ۾، سو پيارو مهمان ڪٿي آ..."

رني ڪوٽ جي اڏاوت ڪڏهن ٿي ۽ ڪنهن ڪرائي ان تي محققن جو تمام وڏو بحث ٿيل آهي پر اڃان تائين ان جي ڪا حتمي راءِ نه جڙي سگهي آهي ته ڪهڙي سن ۽ ڪنهن جي دور ۾ ٺهيو ليڪن اهو طئي آهي ته هي تمام اوائلي دور جو قلعو آهي جنهن جي اڏاوت ”ديوار چين“ ۽ ايران جي اتر ۾ ٺهيل ديوارن سان مشابهت رکي ٿي جن کي شڪه ياجوج چيو وڃي ٿو. اهي ديوارون سائرس اعظم ۽ سندس پوين ڪياني شهنشاهن ٺهرايون هيون. هي دؤر سڪندر اعظم جي دور کان به اڳ جو دؤر هو.(2) محقق چچنامي مان مثال ڏنو آهي ته محمد بن قاسم هن قلعي ۾ اچي ترسيو ۽ هتان حجاج بن يوسف کي خط لکيو جنهن ۾ هن رني ڪوٽ کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو لکيو آهي.(3) هن قلعي اندر عربن ۽ رومين جا قبرستان به موجود آهن ۽ هتي ٻڌمت جا نشان به ملن ٿا جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي ڪوٽ عربن کان اڳ جو اڏيل آهي. هڪ تاريخي ڪتاب موجب سنڌ جو هي جابلو ڪوهستاني علاقو ايران تي ساساني حڪمرانن جي دؤر ۾ ايران جو آخري سرحدي علائقو هو. ان ڪري انهن اتي ڪوٽ ۽ قلعا تعمير ڪرايا.

بهرحال سنڌ جو هيءُ عظيم قلعو اڄ به پنهنجي طلسماتي ڪهاڻين ۽ نظارن سان گڏ تحقيق جو طلبگار آهي. بدقستمي اها آهي ته سنڌ تي ڌارين جي باربار يلغارن ۽ ڦرلٽ سنڌ جي ڪتبخانن کي به تهس نهس ڪيو آهي جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ ۾ تسلسل نه آهي. اڄ جا محقق به ڌارين جي لکيل تاريخ جي بنياد تي اڳتي وڌيا آهن، سندن جاکوڙ ضرور منزل ماڻيندي. رني ڪوٽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو آهي، مون صرف ان جو اوهان سان مختصر تعارف ڪرايو آهي ته جيئن شعور وندن کي اتساهه ڏياري ته سنڌو ماٿريءَ جي اهڙن تاريخي ماڳن تي وڃي پنهنجي وڏڙن جي ٿيل پورهئي، محنت ۽ ڪاريگريءَ کي ڏسي کين خراج پيش ڪري سندن عظمت کي سلام ڪجي ۽ ضروت آهي ته پنهنجي تاريخي ماڳن ۽ قومي ورثي بابت معلومات حاصل ڪري پنهنجي ماضيءَ کي پروڙي پنهنجو مستقبل سنوارڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪجي ته جيئن پنهنجي قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي شاهراهه تي آڻڻ لاءِ پاڻ به ڪو ڪردار ادا ڪري سگهجي.

جِتي ٿِيندا پَڌِرا، واعِدا ۽ وَعِيدَ،سُڻِجِ سَڏَ سَعِيدَ، لِلہِ لَڳِ لَطِيفَ جا.جتي سڀ حقيقتون ظاهر ٿي سامهون اينديون، ا...
04/06/2026

جِتي ٿِيندا پَڌِرا، واعِدا ۽ وَعِيدَ،
سُڻِجِ سَڏَ سَعِيدَ، لِلہِ لَڳِ لَطِيفَ جا.

جتي سڀ حقيقتون ظاهر ٿي سامهون اينديون، اتي اي سعادت وارا سائين! پاڪ سردارَ !!!!! لطيفَ جِي الله سائينءَ لاءِ ڪيل فرياد ۽ سڏ کي قبول ڪجانءِ.

سُر ڏهر
شاھ جو رسالو

اسين رانجهو هڪ ٿيوسين،ميان سچو ٿيا نفس ميڏي دا منهن ڪالا
03/06/2026

اسين رانجهو هڪ ٿيوسين،
ميان سچو ٿيا نفس ميڏي دا منهن ڪالا

Address

Karachi

Telephone

5 12 14 72

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Farrukh Aslam posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share