05/10/2024
نظم
مُلو آ، دلو آ ،ٿو هي دين ڌرتي کپائي !
عُقل کان هو وانجهيل نڪورا هو جاهل
وطن آ هي منهنجو، مدرسو تہ ناهي
جو هتي پنهنجي خيالن جا کٿابي پيو
هو اُبتا ۽ سُبتا سمهائي
مُلو آ، دلو آ ،ٿو هي دين ڌرتي کپائي !
هي يزيدن جو ساٿي حُسينن جو قاتل
منهنجي حق کي پيو سڏي ٿو هي باطل
رڳو رت گهرجيس آھ ، آدم خور سڃاتل
هنده ٿي پيو ڪليجا چٻائي
مُلو آ، دلو آ ،ٿو هي دين ڌرتي کپائي
مڃي ٿو قرآن ھر ڪنهن جي قوم آهي
مگر هي چوي ٿو هت ڪو ڌاريو ئي ناهي
فرمان خداوند کان هن کي هي انڪار آهي
پيو پوءِ بہ مسلم سڏائي
مُلو آ، دلو آ ،ٿو هي دين ڌرتي کپائي
بنت محمد جا حق ڪالھ ڪنهن ها ڦٻايا
تتي ريت تي ڪنهن اڪبر ۽ اصغر ڪُھايا
ڪنهن منصور سرمد ۽ ڪُنڀر جا لاشا جلايا
تاريخ مان نہ ٿو ڪجھ ٻُڌائي
مُلو آ، دلو آ ،ٿو هي دين ڌرتي کپائي
مُحمد جو سچو اسلام تہ منهنجو بہ آهي !
۽ سندس دين حجاج ۽ ابن قاسو جو آهي!
چوين ٿو جي ھي ماڻھو تہ شيطان ڇاهي؟
اهو ئي فسادي فتنا ڦهلائي
مُلو آ، دلو آ ،ٿو هي دين ڌرتي کپائي
_______علي عاجز