26/02/2026
ڌاٻيجي ۾ رمضان جي آمد ۽ مهانگائي جي باهه
ڌاٻيجي شهر ۾ جيئن ئي رمضان المبارڪ جي شروعات ٿئي ٿي، تيئن ئي بازارن جو نقشو بدلجي وڃي ٿو. عام ڏينهن ۾ جيڪي شيون مناسب اگهه تي ملنديون آهن، سي اوچتو مهانگيون ٿي وڃن ٿيون. خاص ڪري فروٽ وارا، راشن وارا، ڪپڙا سلائي ڪندڙ درزي ۽ ڪپڙن جا دڪاندار اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏين ٿا، جنهن سبب عوام سخت پريشاني جو شڪار بڻجي وڃي ٿو.
رمضان برڪتن ۽ رحمتن جو مهينو آهي، جنهن ۾ مسلمان روزا رکن ٿا ۽ عبادت ڪن ٿا. پر افسوس جو ڪجهه واپاري هن مقدس مهيني کي به نفعي ڪمائڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏين ٿا. فروٽن جا اگهه ٻيڻا ٿي وڃن ٿا، راشن جي شين جهڙوڪ کنڊ، اٽو، چانور ۽ گيهه جا اگهه وڌي وڃن ٿا. ساڳي طرح عيد ويجهو اچڻ سان درزين جي سلائي جا اگهه ۽ ڪپڙن جا ريٽ به آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳن ٿا.
ان مهانگائي جي باهه ۾ سڀ کان وڌيڪ غريب ۽ مزدور طبقو سڙي ٿو. سندن محدود آمدني سان گهر جو خرچ هلائڻ ئي مشڪل ٿي پوي ٿو، مٿان وري رمضان ۽ عيد جون ضرورتون سندن لاءِ وڏو بار بڻجي وڃن ٿيون.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته واپاري انصاف ۽ ايمانداري سان ڪاروبار ڪن ۽ حڪومت به اگهن تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ سخت قدم کڻي، ته جيئن رمضان جهڙي مقدس مهيني ۾ عوام کي سڪون ۽ آساني ملي سگهي، نه ڪي مهانگائي جي تڪليف.
الله پاڪ اسان سڀني کي صحيح واٽ تي هلڻ ۽ ٻين سان همدردي ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.